16 اڱارو , جنوري 2018

سنڌ سرڪار ۽ تعليم وارو کاتو

محمد خان دائود

ڪهڙي نه عجب جهڙي ڳالهه آهي جو سنڌ جي دشمني جهڙي معاملن تي به سياست ڪئي پئي وڃي،اهڙا معاملا جيڪي سراسر سنڌ کي ٻوڙي رهيا آهن.سنڌ انهن معاملن ۾ تارُون تار ٻڏل آهي.سنڌ جي نصيب ۾ ته ڪچو گهڙو به نه رهيو آهي جو ٿورو گهڻو ته پاڻ کي بچائي سگهي.۽ تري پار پئي. پر ائين ناهي سنڌ انهن معاملن ۾ ٻڏي چڪي آهي.هُئين ته سنڌ کي ڪيترا ئي مسئلا در پيش آهن ڌارين جي آبادي ءَ کان ويندي ايم ڪيو ايم جو نانگ جهڙو ڳٽ،سنڌو درياهه جو سُڪي وڃڻ،بيروزگاري،ڳوٺن ۾ ڌاڙيل شهرن ۾ دهشت گرد، سنڌ جي شهرن جي تباهي،جهموريت جهڙو ڊرامون جنهن ڊرامي ۾ يا ته وڏيرا نظر اچن ٿا يا مير، پير، سردار،نواب ،سنڌ مڪمل تباهي جي گهيري ۾ اچي چڪي آهي.سنڌ جو صرف انفرسٽرڪچر ئي تباهه نه ٿيو آهي ،پر انهن سالن ۾ سنڌ جو هرحوالي سان ڏيوالو نڪري چڪو آهي.جيڪڏهن سنڌ جي پارليماني سياست تباهه ٿي وئي آهي.ته هن وقت سنڌ جي قوم پرست سياست به تباهي جي آخري ڪناري تي بيٺل آهي. سنڌ جا قومي ليڊر پنهنجون پارٽيون ڪنهن هلندڙ اسڪول جيان پنهنجي اولاد کي تحفي طور ڏئي رهيا آهن.صرف اُهي ليڊر نه جيڪي ٻه اکري پڙهيل هُئا يا جيڪي آڌي رات جي گدڙن هٿان شهيد ڪيا ويا،پر اُهي ليڊر به جيڪي مهان هُئا. جن ليڊرن جا ڪتاب اُٺن تي انهن سان گڏ کنيا ويندا هُئا.جيڪي پهرين انگريزي ۽ پوءِ دليل سان ڳالهه ڪندا هُئا، انهن  ليڊرن به آخر ۾ اچي اهڙا ڪم ڪيا جون سنڌ جون وايون بتال ٿي ويون.

پوءِ جڏهن ڪجهه انهن کي سمجهه وري تڏهن توبهه تائب ٿيا پر تيسين ته قافلو تمام اڳتي نڪري چڪو هو.اهيو سنڌ  جي قومي سياست جي تباهي جو حال آهي.پر اُهي ماڻهون جيڪي انهن ليڊرن سان گڏ هلن ٿا اُنهن جي واکاڻ ڪن ٿا.ڇا اُهي ليڊر انهن ڪارڪنن کي بي وقوف بنائي سگهن ٿا ۽ بي وقوف بنائي پنهنجي پارٽي پنهنجي اولاد ۾ منتقل ڪري سگهن ٿا ڪنهن ڪاروبار جئان پر سنڌ ڏٺو اهيو به ٿيو!

اهڙو ئي حال هن وقت سنڌ جي تعليم جو آهي .جيڪا مڪمل تباهي هيٺ آهي.پرائمري  سطح کان ويندي يونيورسٽي  ليول تائين ڀينگ لڳي پئي آهي.يونيو رسٽي ۾ استاد پڙهائن ئي نٿا بس ڳريون سهولتون ۽ ٻاهر جي اسڪالر شپ تي زرو آهي جيڪي هتان هتان جا لاڳاپا استعمال ڪري پوري ڪري وٺن ٿا،پر اڄ اسان هتي انهن ماسترن جي ڳالهه ڪيون ٿا جيڪي ڪراچي پريس ڪلب جي فُٽ پاٿ ٿي احتجاج ڪري ويٺا آهن. ته انهن جي نوڪري پڪي ڪئي وڃي.پر پهرين ڏينهن جي احتجاج تي انهن تي پوليس ڪڙڪي پئي پوءِ ڪجهه ڪاوڙ ڪجهه استادن جي يونين جي هُشي تي اُهي پريس ڪلب جي با رونق در تي ويهي رهيا آهن.هاڻي اتي سوال اهيو ٿو پيدا ٿئي ته اُهي اڌ ماستر(اڌ ماستر انهيءَ لاءِ ته سنڌ سرڪار انهن کي ماستر ئي تسليم نٿي ڪري ۽ هوُ پاڻ کي ماستر سڏرائيندا رهيا آهن)پنهنجي روزگار سانگي اُن پريس ڪلب تي ويٺا آهن يا سنڌ جي تعيلم جو ٻڏل ٻيڙو تارڻ لاءِ؟!!!
جيڪڏهن سنڌ جي تعليم جو ٻڏل ٻيڙو تارڻ لاءِ ويٺا آهن ته ائين به ڪونهي ته هوُ ڪو بلڪل بکيا آهن. انهن وٽ ڪجهه به ڪونهي. انهن وٽ سڀ ڪجهه هوندو. ٿي سگهي ٿو انهن مان ڪيترن وٽ ته پنهنجو ڪاروبار به هُجي. ته پوءِ هوُ ان پريس ڪلب تي ويهي وقت ڇو کاري رهيا آهن؟ اُٿن ۽ وڃي سنڌ ۾ معصوم ٻارن جو ڪارو ڪيل مستقبل سنوارين صرف اُٿن نه پر هڪ جذبي ۽ مشنري ڪم سمجهي اُن کي جنبي وڃن تڏهن وڃي سنڌ جي معصومن جو مستقبل سنوري سگهي ٿو.

ڪوئي ڪيٽي بندر جي پاڻيءَ ۾ مڇي ٿي لهي وڃي ڪوئي جيڪب آباد جي پراڻي مندر جو گهنڊ ٿي وڄندو رهي ٻارن کي سڏيندو رهي. ڪوئي لاڙ جي ڳوٺن ۾ ماڪ ٿي لهي وڃي.ڪوئي ڪاڇي ۾ ڪهي پئي.ڪوئي ٿر ۾ وڃي مائي آسو ٻائي کان پُڇي ڪوئي اُتر جا لڪ لتاڙي ائين سنڌ جي جهر جهنگ جي اسڪولن ۾ لهي وڃي انهن ٻارڙن جو مستقبل سنوارين جنهن ٻارڙن جي مستقبل اونداهو ڪرڻ ۾ انهن ماسترن جو به هٿ وڏو آهي. جيڪڏهن ائين ناهي ته هُو ماستر بس روزگار چاهين ٿا ۽ سنڌ جو تعليم کاتو تباهه ئي اُن ڪري ٿي ويو آهي جو هو ڪائي مل ناهي ۽ نه ئي ڪا اتان پروڊڪشن ٺهي رهي آهي .جو جيترا ماڻهو ڀرتي ڪبا اوترو مال تيار ٿيندو ۽ اوترو ئي نفعو ماڻهو جي گهڻائي ته ملڪي اداري اسٽيل مل کي ئي تباهه ڪري ڇڏيو. اهو تعلمي کاتو ڪٿي جي بلا آهي جو اهڙي سٽ سهي سگهي؟ان سنڌ جي تعليم جي تباهي جو هڪ مُک ڪارڻ گهڻا ۽ نا اهل ماستر به آهن جيڪي ماستري ليول تي پورا نٿا لهن پر سنڌ جي نرڙ ۾ اچي لڳا آهن ۽ سنڌ سرڪار انهن کي پالي رهي آهي جڏهن ته  انهن کي ته سزائون اچڻ گهرجن جو هوُ سنڌ جو مستقبل سنوارڻ بجاءِ تباهه ڪري رهيا آهن.

ائين بلڪل ناهي ته ڪو آئون  سنڌ سرڪار جو وڪيل آهيان يا پي پي سرڪار جي نمائندگي ڪري رهيو آهيان آئون ته اهو سور بيان ڪري رهيو آهيان جيڪي سور هن وقت سنڌ جو سڀ کان وڏو درد بنجي ظاهر ٿيو آهي .ڇو جو سنڌ ۾ وڏيرا، مير، پير، جاگيردار، نواب، سردار ،ڄاموٽ ،ڪامورا،چونڊيل نمائندا ته انهن سرڪاري اسڪولن ۾ پنهنجا ٻار داخل ئي نٿا ڪرائن اهو تعليم جو ڪفن ته انهن جي حصي جو آهي جيڪي ڀيل آهن ،ڪولهي يا ،ميگهواڙ آهن ،ملاح .هاري آهن.يا هن ديس جا ڏتڙيل آهن جن کي پرائمري ماستر به گاريون ڏئي اسڪول مان ٻاهر ڪڍهي ڇڏيندو آهي.اهو تعليم جو ميرڙو ڪفن اسان جي ئي حصي ۾ آهي. جنهن ۾ ماستر  خبر ناهي ڪيترا آهن .پر اسڪولن جي هلي حالت ڏسو،ته اُتي ڇا آهي؟اُهي اسڪول هڪ زماني کان بند آهن. انهن اسڪولن جي حالت  هڪ درد جهڙي آهي جنهن کي ڪئين بيان ڪجي.

اسان تعليم جي اهڙي دور ۾ جي رهيا آهيون جو پنجاب جو اسڪول شام جو پنجي بجي تائين هلي ٿو.سنڌ جي اسڪول جي در کُلي ئي نٿو!پنجاب جي اسڪولن ۾ ٻارڙن جون مرڪون آهن ۽ سنڌ جي اسڪولن ۾ گڏهن جون هينگون! پنجاب جي اسڪولن ۾ ماستر ٻارن کي پڙهائي رهيا آهن ۽ سنڌ جي اسڪولن ۾ موالي سُلفيون پي رهيا آهن. پنجاب جا اسڪول هيڊي رنگ سان جرڪي رهيا آهن.سنڌ جا اسڪول مال جي ڇيڻن سان ڀريا پيا آهن. پنجاب جي سرڪاري اسڪولن ۾ ٻارن جي داخلا جو تعداد سئو سيڪڙو وڌيو آهي. سنڌ ۾ ٻارن جي داخلا ٻڙي واڌو ٻڙي لڳو پيو آهي. پنجاب ۾ سخت ٽيسٽ ۽ ڏکي ڇنڊ ڇاڻ سان ماستر ڀرتي ٿين ٿا.هتي اسمبيلي ميمبر ڪوٽا وڏيرن کي ڏئي ڇڏين  ٿا انهن جو ڪيتو سنڌ ڀوڳي ٿي.

سنڌ سرڪار ڪجهه سنجيدهه ٿي صرف سرڪاري اسڪولن ۾ بائيو ميٽرڪ سسٽم لڳرايو ته ماسترن اچي گهوڙا  ڪئي ۽ ڪيترا ته وقت کان پهرين ئي رٽائرڊ ڪري ويا.اهڙن ماسترن کي سزائون ڇو نه آيون؟!!!انهن ماسترن کي بينيفٽ ڇو ڏنا ويا جيڪي سنڌ ۽ قوم جا مجرم هُئا،

اڄ به جيڪي ماستر ڪراچي پريس ڪلب جي فٿ پاٿ تي ويهي احتجاج ڪري رهيا آهن.اُهي ماستر ڪونهي اُهي ته يونين اڳواڻ آهن.

“الف،ب،جيم.نون.!“

اُهي ماستر اهڙو ڏيک ڏئي رهيا آهن. جهڙو ڏيک اڄ کان ڏهه سال پهرين ڪي اي ايس سي جي نجڪاري وقت اُهي ملازم ڏئي رهيا هُئا جيڪي پنهنجي نوڪري لاءِ احتجاج ڪري رهيا هُئا ته انهن کي نوڪري ته رکيو وڃي پر اُن اداري انهن کي ٻاهر ڪري ڇڏيو ۽ هو انهن جي ڪنهن به دٻاءَ ۾ نه آيا.جڏهن ڪي اي ايس سي جهڙي ڪمائي واري اداري وڌيڪ ماڻهن  جو بار نه سٺو ته سنڌ جو تعليمي ادارو جيڪو پنهنجي حال سان ڪنهن بيواهه مائي جو ڏيک ڏئي رهيو آهي اُهو ايڏو  بار ڪيئن کڻي سگهندو؟!!
ڪراچي پريس ڪلب ٿي ويٺل ماستر گهٽ پر يونين ورڪر وڌيڪ معلوم ٿي رهيا آهن. پر سنڌ جي سينڌ  وڌيڪ تڏهن ميري ٿئي ٿي جڏهن مهان ليڊر به اچي انهن سان انهن جو ڏک ونڊين ٿا.پر سنڌ کي ڪير ڪيترو بي وقوف بنائي سگهي ٿو؟!!!

جڏهن سنڌ جا هزارين اسڪول بند آهن تڏهن انهن ليڊرن جي منهن ۾ ڇو مڱ پيل هجن ٿا.تڏهن هُو سنڌ سرڪار ۽ انهن ماسترن جي يونين کي ڇو نٿا چون ته   ٻيلي“ سنڌ جي ڀينگ نه ڪيو!“

اُهي ليڊر اُن لاءِ نٿا چون ته انهن جا ٻار پوٽا ڏوهٽا ته بيڪن هائوس سسٽم ۾ پڙهن ٿا.جڏهن نثار کهڙو تعليم جو وزير هو ته هوُ پنجاهه هزار فيس ڀري ڇوڪريءَ کي پڙهائي رهيو هو،

هاڻي ته سنڌ جي ڀينگ ٿي وئي .هاڻي ته سنڌ ۾ ڪجهه به ڪونهي نه اسڪول نه تعليم هاڻي ته بس سرڪاري نوڪري جو دلاسو ۽ آسرو آهي جيڪو ڪڏهن ڪو وزير ڏئي ساڌڙا ڳوٺاڻا ڦري ٿو ڪڏهن اين ٽي ايس ٽيسٽ جو دلاسو ڏئي هڪ وزير هڪ خلق کي سنڌ جي بجٽ تي بار ڪري رکي ٿو.

هاڻي ته سنڌ پنهنجي نصيب تي روئي رهي آهي ته“هينئڙو ڏندن پاڙ جئن ڇڪي ڇنائون حال منهنجو ههڙو جهڙو هينئڙو ڏاڙهونءَ گُل جئن ريهي رتائون حال منهنجو ههڙو جهڙوهوُ جي پهڻ پٻ جا مڻيا مُڪائونحال منهنجو ههڙو جهڙوهو سلامت سپرين،گهوري سا آئون!حال منهنجو ههڙو جهڙو“سياسي ليڊرن اچن ٿا انهن ماسترن جي همدري ڪن ٿا اخباري بيان بازي ڪن ٿا سرڪاري تي ڏمرجن ٿا پر سنڌ جي تعليم جي اُها ئي تباهي آهي سنڌ جي تعليم مڪمل تباهه ٿي چڪي آهي بس سنڌ جي تعليم جو بل بورڊ باقي  آهي .جنهن تي لکيل آهي.“سنڌ سرڪار جو تعليم وارو کاتو، خدارا اُن کي به ڌڪو ڏئي ڪيرائي ڇڏيو!!!

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ وري بدامني جو جن بوتل کان ٻاهر ٿي ويو!

امير ڀنڀرو سڄي دنيا ۾ اڌ صدي کان روشنين جي شهر طور سڃاڻپ رکندڙ شهر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے