21 ہفتہ , اپریل 2018

شريف خاندان جون معافي لاءِ ڪوششون

علي محمد ميمڻ

برطانوي اخبار ٽائمز دعويٰ ڪئي آهي ته سعودي عرب جي ٽياڪڙي ۾ ٺاهه تحت اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف جلاوطني اختيار ڪري سگهي ٿو. برطانوي اخبار ٽائيمز دعويٰ ڪئي ته اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف سعودي عرب جي ٽياڪڙي ۾ ٺاهه تحت جلاوطن ٿي سگهي ٿو. اخبار موجب اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف تي دٻاءُ وجهي شهباز شريف کي سياسي جانشين بڻائڻ جو اعلان ڪيو ويو جڏهن ته هو عملي سياست تان هٿ کڻڻ تي به راضي ٿي چڪو آهي. برطانوي اخبار لکيو آهي ته سعودي ڊيل تحت نواز شريف کي ٻاهر رهڻ جي اجازت ڏئي سگهجي ٿي، اهڙي نموني کيس ڪرپشن ڪيسن مان ڇوٽڪارو ملي ويندو. رپورٽ موجب نواز شريف کي وري معافي ملڻ ۽ ملڪ ڇڏي ٻاهر وڃڻ لاءِ پڪي اجازت گهرجي جنهن لاءِ سعودي عرب ۾ معاملا طئي ٿي سگهن ٿا.

هوڏانهن، پنجاب صوبي جي وڏي وزير شهباز شريف جي اوچتو سعودي عرب روانو ٿيڻ ۽ اتي سندس ڳجهين سرگرمين وارين خبرن ۽ ميان نواز شريف کي سياست مان مڪمل نيڪالي ڏياري سندس ملڪ تي حڪمران جماعت مسلم ليگ (نواز)   جي گهوڙي جون واڳون سندس ننڍي ڀاء شهباز شريف جي حوالي ڪرڻ  وارين خبرن جي منظر عام تي اچڻ  سان شريف خاندان ۾ ته ٿرٿلو اڳ ئي متل هو پر ان معاملي ۾ جاتي امراء اسٽيٽ ۽ وفاقي حڪومت جي مالڪ ميان نواز شريف جا پڻ ڇرڪ نڪري ويا آهن  ته شايد ڪچي ڪاغذ تي کيس هٿ کڻڻ لاءِ صحيح ڪرائي کيس اها سياسي ملڪيت ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويندو، جنهن جي آڌار تي سندس جنگل ۾ منگل ۽ميلا متل آهن. يقينن، اهڙي صورتحال جون ڳالهيون ۽ خبرون عام ٿيڻ ۽ شهباز شريف جي سعودي عرب ۾ سرگرم ٿيڻ جي ٻن ڏينهن بعد ميان نواز شريف جو بيقرار ٿيڻ يقيني ڳالهه هئي ۽ هو پڻ اوچتو گهران موڪلائڻ بنا وڃي سعودي عرب پهتو آهي.

ملڪ ۾ موجود صورتحال ۽ شريف خاندان جي گهرو گهوٽالي بابت پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ بيريسٽر اعتزاز احسن  جو چوڻ  آهي ته نواز شريف کي سعودي عرب  نه گهرايو آهي پر هو شهباز شريف جي خوف کان ويو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري اعتزاز احسن چيو ته شريف ڀائرن جي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ هلي رهي آهي، شهباز شريف چوي ٿو ته مون کي وزيراعظم بڻايو وڃي جڏهن ته ووٽ نواز شريف ۽ مريم نواز سان آهن. هن چيو ته شهباز شريف هٿ پير هڻي رهيو آهي ته ڪو کيس وزيراعظم بڻائي پر ووٽ ساڻس نه آهن. سندس چوڻ هو ته ڏسڻو اهو آهي ته شريف ڀائر سعودي عرب ۾ ڇا ڪري رهيا آهن. چوڌري اعتزاز احسن چيو ته شهباز شريف راحيل شريف جي جهاز تي سعودي عرب ويو آهي، فوج ۽ عدليا سان گڏ هئڻ جو تاثر پيش ڪيو آهي.  هن جو چوڻ هو ته شهباز شريف رياض مان فون ڪئي ته هو اعليٰ شخصيتن سان ملي رهيو آهي پر هاڻي سعودي عرب وارا به شريف خاندان لاءِ ڪجهه نه ٿا ڪري سگهن. سندس چوڻ هو ته نواز شريف کي سعودي عرب وارن نه گهرايو آهي پر هو شهباز شريف جي خوف سبب پهتو آهي. چوڌري اعتزاز احسن جو چوڻ آهي ته ملڪ جو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، ميان نواز شريف کي چئي رهيو آهي ته هو اڊيالا جيل کي به جاتي امرا بڻائي ڇڏيندو.

واهه سائين واهه ! يعني عام ٿيل خبرن ۽ صورتحال مان هاڻي اهو واضح ٿي ويو آهي ته جاتي امراء جا رهائشي شريف خاندان، جلد پنهنجي ٻئي گهر يعني اڊيالا جيل منتقل ٿي رهيا آهن ۽ سندن پارٽي جي وزير اعظم سندس جيل جي صفائي ۽ بسترن لڳائڻ جو پڻ بندوبست ڪري ڇڏيو آهي.

سعودي عرب ۾ ڪير ڪنهن جو ڪلهو استعمال ڪري رهيو آهي. هن چيو ته شهباز شريف، راڻا ثناءُ الله ۽ ٻيا نه بچندا کين استعيفيٰ ڏيڻي پوندي. سندس چوڻ هو ته شهيدن جي خون پاناما جي صورت ۾ نواز شريف جو چهرو وائکو ٿي ويوآهي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف جمهوريت جون پاڙون وڍيون آهن، ايترو ڪجهه ڪري پڇي ٿو ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو آهي، سندس ڪردار ڪٿان جمهوري آهي؟ طاهر القادري جو چوڻ هو ته سياسي پارٽيون ۽  ادارا  ملڪ جي دشمنن خلاف گڏ آهن.

ملڪ جي سياست جي حڪيمن ۽ نبض شناسن  پاران  مٿي پيش ڪيل صورتحال ۾ ايندڙ وقت جي تصوير تمام گهڻي چٽي آهي ۽ سندن راءِ موجب هاڻي شريف ڏوهارين لاءِ وري ڪنهن ڇوٽڪاري يا دنيا جي ملڪن سعودي عرب، آمريڪا يا برطانيا جي ذريعي وري معافي لاءِ ڪوششون شايد ڪارگر يا لاڀائتيون نه ٿي سگهن . ڇاڪاڻ جو سعودي عرب ۾ پڻ سعودي خاندان ۾ جهيڙا چوٽ چڙهيل آهن ۽ تازو ڪيترائي شهزادا بدعنوانين ۽ مختلف قسم جي ڪرپشن جي ڪيترن ئي ڏوهن ۾ قيد ڪيا ويا آهن. اهڙي صورتحال ۾ شايد ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿئي . باقي خدا سڳوري جي در تي جيڪر حاضر ٿي پنهنجن ڏوهن کي قبولي معافي گهري وڃي ۽ ملڪ جي قانون ۽ عدالتن ۾ ڏوهن جي سزا ڀوڳڻ لاءِ پاڻ کي پيش ڪيو وڃي ته بهتر ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪومي جو ڪتاب ۽ پاڪستان جي قيادت

اڪرام سهگل صدر ٽرمپ جيمز برئين ڪومي جونيئر کي 9- مئي 2017 کي فيڊرل بيورو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے