26 جمعرات , اپریل 2018

سعودي ۽ شريف خاندان وچ ۾ هلندڙ ڳالهيون ڪٿي دنگ ڪنديون؟

گل مورو

رائيونڊ جي راڻن جي سعودي عرب اوچتو روانگي تمام وڏي سياسي هلچل مچائي ڇڏي آهي جنهن بابت برطانوي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ملڪي اسٽيبلشمينٽ ۽ شريف خاندان جي وچ ۾ نئون ٺاهه ٿي رهيو آهي جنهن ڏينهن شهباز شريف سعودي شهزادن جي جهاز ۾ اوچتو لاهور مان اڏام ڪئي هئي ته انهي ڏينهن اهي سرٻاٽ به شروع ٿي ويا هئا ته پردي پويان ڪجهه نه ڪجهه ٿي رهيو آهي هونئن به پاڪستاني سياست خارجي توڙي داخلي هجي يا وري اقتداري مسند تان لاهڻ ۽ آڻڻ وارو مامرو هجي اهو فيصلو هميشه ملڪي ۽ عالمي اسٽيبلشمينٽ جي ڳٺ جوڙ سان سعودي شهزادن جي معرفت ٿيندو رهيو آهي. هن وقت رڳي مامرو اين آر او جو ناهي اصل مامرو ٽي آر اوز جو آهي ته ڪهڙي شرطن تي ٺاهه ٿيڻ گهرجي جڏهن ته شريف خاندان پاڪستان ۾ پنهنجي خلاف عدالتن ۾ هلندڙ ڪيسن مان جان آجي ڪرڻ لاءِ سعودي سرڪار جي مدد حاصل ڪرڻ چاهي ٿو جهڙي ريت 2000ع ۾ ميان نوازشريف کي جيل مان آزادي ڏياري پرويز مشرف اڳيان ضامن بڻجي 10 سالن لاءِ کين زم زم پيارڻ جو ذمو کنيو هو اهي ساڳيون ڪوششون هن وقت به ٿي رهيون آهن پر ڏٺو وڃي ته جن سعودي شهزادن پرويز مشرف اڳيان ضمانت کنئي هئي اهي خود هن وقت سعودي سرڪار جي قيد ۾ قيد ڪاٽي رهيا آهن اهو به واضح رهي ته ماضي ۾ شريف خاندان کي رعايت ڏياريندڙ دولت مند شهزادو وليد بن طلال هو جنهن ان وقت به چيو هو ته پاڪستان ۾ اسان جو نمائندو شريف خاندان آهي پر ڏٺو وڃي ته موجوده سعودي سرڪار مٿان ان سبب جي ڪري به ڪاوڙيل آهي ته يمن ۽ ايران جي معاملي ۾ کلي ڪري نواز سرڪار ساٿ سندن ڇو نه ڏنو ۽ کوڙ سارن واقعن ۾ قطر جو کين فڪر هيو اسان سان ٻٽي پاليسي ڇو اختيار ڪئي وئي جڏهن ته ميڊيائي ذريعن مطابق اهو به چيو پيو وڃي ته سعودي شهزادو محمد بن سلمان جنهن سان ميان نوازشريف جي اهم ملاقات رٿيل آهي ان ملاقات کي خاص اهميت ڏني پئي وڃي جنهن بابت چيو پيو وڃي ته ولي عهد محمد بن سلمان نوازشريف کان پنهنجي واپاري دوست وليد بن طلال جي واپاري لاڳاپن ۽ ان جون اندروني ڪهاڻيون ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان گهڻو ڪجهه ڄاڻڻ چاهي ٿو ته جيئن ان کي اڃا به وڌيڪ سوڙهو ڪري سگهجي ۽ پنهنجو اقتدار وڌيڪ مضبوط ڪري سگهجي. جڏهن ته اتي اڳي ئي موجود ترڪي جي وزيراعظم علي يلدرم سان ملاقات جا به امڪان آهن جيڪو اڳ ئي شهباز شريف سان روضي پاڪ جي چائنٺ چمڻ وقت کيس ٻه چميون سندس ڳلن تي اڳواٽ ئي ڏئي چڪو آهي ان مان هي پريت جو پيغام چٽي نموني نظر اچي پيو پر هي سڀ ڪجهه ان وقت اوچتو ئي اوچتو ڇو ٿي رهيو آهي جو پاڪستان اندر سياسي تبديلي چونڊن يا ممڪنه ٽيڪنوڪريٽ حڪومت تي ڳالهيون به هلي رهيون هيون. تازو قادري جي قطار ۾ ٿيل اي پي سي زرداري ۽ عمران جون چٽي نموني ساٿ ڏيڻ ان کان علاوهه لبيڪ تحريڪ جو ڌرڻن وارو مامري مان لڳي رهيو هو ته هاڻي رائيونڊ جي راڻن جو خاتمي جو فيصلو ٿي چڪو آهي پر شريف برادران جي تازو سعودي روانگي مان چٽو ٿئي پيو ته ڪجهه نئون ٿي رهيو آهي.

شريف برادران جي سعودي ۾ موجودگي نئين اين آر او تي ڳالهين ۾ ڏاڍي تيزي آڻي ڇڏي آهي پر ان بابت به اهو چيو پيو وڃي ته سعودي سرڪار پهريان پنهنجا ٽي آر اوز يعني شرط شروط پاڪستاني سرڪار کان ميان نوازشريف جي معرفت مڃائڻ چاهي ٿي جنهن ۾ سعودي جي سيڪيورٽي ۽ معاشي حوالي سان اهي سڀئي سهولتون سندن اڳيان رکيون وينديون. ان کان پوءِ ئي شريف خاندان جي مستقبل بابت ڳالهيون ٿيڻيون آهن شريف خاندان ايندڙ اليڪشن ۾ رليف وٺڻ لاءِ اڳ ئي خواجه سعد رفيق، پرويز ملڪ، آصف ڪرماني کان وٺي سموري ليگي لڏو رياض جي زيارت ڪرڻ لاءِ سعودي پهتل آهي. جڏهن ته ميان نوازشريف جي نينگري مريم نواز رياض رواني ٿيڻ واري آهي پر ميان نوازشريف سان 5 ڪلاڪن کان وڌيڪ قومي سلامتي جي مشير ليفٽيننٽ (ر) ناصر جنجوعا جي ٿيل ملاقات بابت به اهو چيو پيو وڃي ته ميان نوازشريف جنرل ناصر جنجوعا کي سعودي وڃڻ کان اڳي ئي جاتي امراءَ ۾ گهرايو هو ته سعودي عرب ۾ ڇا ڳالهايو وڃي ۽ ڪهڙيون ڳالهيون ڪرڻيون آهن. هن وقت سعودي توڙي پاڪستان سياسي، معاشي، توڙي خارجي سطح تي ڪيترن ئي مشڪل حالتن کي منهن ڏئي رهيا آهن ڇو ته پاڪستان لاءِ ٽرمپ جي نئين موجوده پاليسي ۽ دهشتگردي مٿي جو سور بڻيل آهي ته اهڙي ريت سعودي سرڪار لاءِ يمن ۽ ايران ۽ دهشتگردي به مسئلو بڻيل آهي ان سبب جي ڪري سعودي سرڪار پاڪستان سرڪار جي ڪلهي تي بندوق رکي هلائڻ چاهي ٿي. ان لاءِ پهريون مامرو يمن ۽ ايران وارو آهي ان لاءِ اسلامي فوجي اتحاد واري مامري تي ٽي آر اوز جوڙي جلد کان جلد ان تي عمل ڪرڻ چاهي ٿو ڇو ته ڪيتري وقت کان يمن جي سرحد کان سعودي اندر ميزائل حملا ٿي چڪا آهن جنهن بابت سعودي سرڪار جو اهو چوڻ آهي ته يمن حملن پٺيان ايران جو هٿ آهي اهڙي صورتحال ۾ پاڪستاني اختيارين مٿان سعودي جو سخت دٻاءُ ڏٺو پيو وڃي جنرل راحيل شريف جيڪو 42 اسلامي ملڪن جي فوجي اتحاد جو سربراهه بڻيو آهي هاڻي سعودي جو اهو چوڻ آهي ته پاڪستان زباني ڳالهيون ته ڪري ٿو پر عملي طور ڪجهه به قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي. ان صورتحال ۾ سعودي چاهي ٿو ته پاڪستاني فوج سعودي موڪلي يمن سان سندن جنگ وڙهي. اهو به ياد رهي ته سعودي فوج موڪلڻ لاءِ پاڪستان جي قومي اسيمبلي ۾ ميان نوازشريف جي وزارت اعظميٰ جي دور ۾ ٺهراءُ به آندو ويو هئو پر ميان نوازشريف اها ٺهراءُ اهو چئي رد ڪيو هئو ته اڳي ئي پرايون جنگيون وڙهي گهڻو ئي خوار ٿيا آهيون هاڻ وڌيڪ خوار ٿيڻ جي ضرورت ناهي. انهي ڪري سعودي سرڪار مٿس ڪاوڙجي پئي هئي ته جلاوطني دوران تنهنجي پوري شريف خاندان کي زم زم جا ڍڪ پياريا پئي ويا ان وقت اسين ٺيڪ هياسين هاڻي اسان کي مشڪل ۾ ڏسي اکيون ڦيرائڻ چڱي ڳالهه ناهي. ان صورتحال ۾ پاڪستان اهو چاهي ٿو ته سعودي سرڪار به سندن مسئلن تي غور ڪري ۽ ٽرمپ کي راضي ڪيو وڃي ته پاڪستان مٿان هلڪو هٿ رکي ۽ معاشي حوالي سان هن وقت پاڪستان جي جيڪا صورتحال ڏسي پئي وڃي ته ايندڙ ڇهن مهينن اندر 6 ارب ڊالرن جو قرض عالمي ادارن کي ادا ڪرڻو آهي جيڪي آمريڪي اختيارين جي زير اثر آهن اهي مالي توڙي سياسي مشڪلاتون حل ڪرائڻ جي عيوض ئي نئون سرچاءُ ٿي سگهي ٿو جنهن جو پس منطر اهو ئي آهي جو تحريڪ عدل ۾ ماٺار ڇانيل آهي ۽ تحريڪ طاهري کي اهو پيغام اماڻيو ويو آهي ته عمران ۽ زرداري کي في الحال ماٺو رکيو وڃي. ڏٺو وڃي ته طاهرالقادري جي اي پي سي ۾ آصف علي زرداري ۽ عمران خان جي غير موجودگي به ان سلسلي جي ڪڙي ڏسي پئي وڃي ۽ سمورن سياسي توڙي عالمي ڌرين کي سعودي ۾ ٿيندڙ ڳالهين جو انتظار آهي ته آخر ڇا ٿيڻو آهي.؟.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

يار محمد شاهه جهوني جوڳيءَ مواليءَ کي دڙڪا ڏيندي چيو ته ”هن وقت ن ليگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے