18 جمعرات , جنوری 2018

ڇا نواز شريف ڪنهن اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي ۔۔۔ ؟ 

علي ٿهيم

سعودي عرب مان خصوصي جهاز پاڪستان پهتو ۽ پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف ان ۾ سوار ٿي کلندو ڪڏندو ان ۾ چڙهي سعودي عرب روانو ٿي ويو شهباز شريف کان پوء خواجا سعد رفيق به سعودي عرب پهتو اسحاق ڊار جو همراھ به اتي پهتو نواز شريف به سعودي عرب پهچندو ائين شريف فيملي پاران سعودي عرب وڃڻ کان پوءِ ملڪ ۾ هڪ نئون بحث ڇڙي پيو آهي ملڪ ۾ هلندڙ بحث ۾ ته گهڻا ڌڪا هنيا ويا مخالفن پاران ته شريف فيملي جي سعودي عرب جي ڳجهي دوري کي اين آر او جي ڪوشش جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن پر برطانيا جي هڪ وڏي اخبار دي ٽائمز پاران خبر ڏني ويئي آهي ته نواز شريف کي اين آر او ذريعي رليف ڏياريو ويندو نواز شريف سياست کان ڪنارا ڪشي ڪرڻ لاء تيار آهي اخبار موجب نواز شريف جو مطالبو آهي ته منهنجي خلاف ڪو نئون ڪيس داخل نه ڪيو وڃي هلندڙ ڪيسن ۾ مون کي رليف ڏياريو وڃي ايندڙ عام چونڊن ۾ جيڪڏهن مسلم ليگ ن اڪثريت سان کٽي اچي ته ان جي رستي ۾ حڪومت ٺاهڻ کان روڪڻ لاء ڪا رڪاوٽ نه وڌي وڃي جيڪڏهن برطانيا جي اخبار جي ان خبر ۾ صداقت آهي ته پوءِ سوچڻو پوندو ته سعودي عرب پنهنجي ملڪ ۾ پنهنجن شهزادن کي ڪرپشن ڪيسن ۾ گرفتار ڪري انهن تي تشدد ڪري انهن جون ملڪيتون ضبط ڪيون ويون اهو سعودي عرب پاڪستان ۾ ڪرپشن جي الزامن هيٺ آيل شريف فيملي لاءِ وري رعايت ڪينئن گهرندو ٻي ڳالھ ته هن وقت پاڪستان ۾ مسلم ليگ ن جي حڪومت آهي جيڪڏهن اخبار جي خبر ۾ صداقت آهي ته پوءِ نواز شريف اين آر او ڪنهن کان ٿو گهري ان مان اها ڳالهھ ٿي نظر اچي ته نواز شريف اسٽيبليشمنٽ يا عدالتن سان اين آر او ڪرڻ ٿو گهري نواز شريف جيڪو عدل جي بحالي جو نعرو هڻي تحريڪ جو اعلان ڪري چڪو آهي ڇا هو اهڙي وقت تي اين آر او ڪندو ۽ جيڪڏهن پاڻ کي ۽ ملڪيتن کي بچائڻ لاءِ هو اين آر او ڪري ٿو ته ان سان سندس پارٽي جو ڪهڙو حشر ٿيندو مسلم ليگ ن جي ورڪرن تي ڪهڙو اثر پوندو مشرف دور ۾ هو 10 سال جلاوطني لکي ڏيئي معاهدو ڪري ملڪ ۽ قوم کي اوندھ ۾ رکي رات جي اونداهي ۾ سعودي عرب هليو ويو هو جيڪڏهن هن وقت به هو ائين ڪري ٿو ته پوءِ مٿس ڪير اعتماد ڪندو سياسي حلقا ته اهڙي مبينا ڪوشش کي سياسي خودڪشي قرار ڏيئي رهيا آهن جيڪڏهن انهن خبرن ۾ صداقت آهي ته پوءِ ته اسان اهو چوڻ ۾ حق بجانب آهيون ته نواز شريف بهادر ليڊر نه آهي هو ڏکين حالتن کي منهن ڏيڻ جي سگهھ نٿو رکي ان جي ڀيٽ ۾ آصف علي زرداري توڙي پ پ پ جي ٻي قيادت نواز شريف کان هزار ڀيرا وڌيڪ دلير آهي جو انهن گهٽ ۾ گهٽ ڪيسن کان بچڻ لاء ڪنهن ٻئي ملڪ آڏو گيسيون ته نه ڪيون آهن انهن تي ڪرپشن جا ڪيس سچا آهن يا ڪوڙا اهو الڳ بحث آهي پر انهن هميشه ڪيسن ۽ جيلن کي بهادري سان منهن ڏنو آهي شھيد محترمه بينظير ڀٽو 1977 کان 1988 ع تائين مسلسل جدوجهد ۽ ڊڪٽيٽر ضياء جي عتاب ۾ رهي 1988 ع ۾ کيس 18 مهينن لاء حڪومت ملي ته 1990 کان کيس آصف علي زرداري سميت جيل ڏيکاريا ويا مٿن اڻ ڳڻيا ڪيس داخل ڪيا ويا پر هن ڪڏهن به ڪنهن ٻاهرين ملڪ کي مدد جي اپيل نه ڪئي 1993ع ۾ ٻيو ڀيرو هو وزير اعظم بڻي پر 1996ع جي آخر ڌاري کيس هڪ ڀيرو ٻيهر اقتدار کان الڳ ڪيو ويو ۽ نواز شريف وزير بڻجي طرحين طرحين سندس خلاف سازشون ڪيون کيس آصف علي زرداري سميت ڪيسن ۾ ڦاسائي پريشان ڪيو ويو پر هن اين آر او نه ڪيو هو ڏکين حالتن ۾ به عوام سان گڏ رهي جدوجهد به جاري رکيائين ۽ ان جدوجهد دوران کيس ٿريٽ به ملندا رهيا پر هن عوام سان رابطا ختم نه ڪيا شريف فيملي ته اهڙي ڪابه تڪليف برداشت نه ڪئي آهي مشرف دور ۾ سندن جدوجهد دنيا آڏو آهي هو رات پيٽ ۾ معاهدو ڪري قوم کي ڊڪٽيٽر جي حوالي ڪري ملڪ ڇڏي ويا هينئر کين ٿوري سختي ڀيڙ آئي آهي ته ان کي منهن ڏيڻ بجاء اين آر او لاء هٿ پير پيا هڻن جيڪا ڳالهھ سندن سياسي خود ڪشي ثابت ٿيندي جو هي قوم اهڙي حرڪت کان پوء آئون نٿو سمجهان ته کين ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ جو موقعو ڏيندي مشرف دور ۾ معاهدو ڪري ڀڳا ته انهن وٽ ڊڪٽيٽر جي ظلم وارو الزام وٽن هو پر هن وقت ته حڪومت به انهن جي آهي ملڪ ۾ جمهوريت آهي ته پوء ِهو اين آر او ڪندا ته قوم آڏو ڪهڙي دعوا ڪندا هن ملڪ جي عوام جي بدقسمتي چئجي جو ان اهڙي شخص کي وزيراعظم جي عهدي  تي پهچايو کيس ٽي ڀيرا وزيراعظم بڻايو جيڪو مشڪل حالتن کي منهن ڏيڻ جي سگھه نٿو رکي.

هن وقت ملڪ جون سياسي پارٽيون عام چونڊن جي تيارين ۾ مصروف آهن پر شريف خاندان هڪ پاسي قوم آڏو تحريڪ عدل هلائڻ جون ڳالهيون پيو ڪري ته اندروني طور مبينا اين آر او جي ڪوششن ۾ رڌل آهي ان مقصد لاءِ هو سعودي عرب ذريعي فائدو وٺڻ جي ڪوشش ۾ آهي سعودي عرب اڃا تائين پاڪستان سان ان سلسلي ۾ ڪو باقائدي رابطو نه ڪيو آهي ٿي سگهجي ٿو سعودي عرب پهرين شريف فيملي جا اندروني مامرا طئي ڪرڻ کان پوءِ ڪا ڪوشش ڪري شريف فيملي جي اهڙي مبينا ڪوشش جو ٻڌي پاڪستان جي سياسي پارٽين ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانيل آهي پ پ پ ، پي ٽي آء ، سميت تمام ننڍين وڏين پارٽين پاران اهو چٽو ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن سعودي عرب شريف فيملي لاء اين آر او ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان سخت مزاحمت ڪنداسون شريف فيملي جي سعودي عرب ۾ پر اسرار سرگرمين بابت ملڪ ۾ هڪ بيچيني جي لهر ڇانيل آهي ته ٻئي پاسي ان معامري تي شريف فيملي يا مسلم ليگ ن پاران ڪوبه وضاحتي بيان نه آيو آهي جنهن سان ملڪ جي سياسي پارٽين ۽ عوامي حلقن ۾ برطانوي اخبار جي خبر سچ لڳي رهي آهي برطانوي اخبار جي خبر خلاف صرف مريم نواز رد عمل ڏنو آهي پر اهو رد عمل ڊمي لڳي رهيو آهي ڇو ته آخر سڄي شريف فيملي ۽ پنهنجن ويجهن ساٿين سميت کين سعودي عرب جي ڪهڙي ياد اچي ستايو آهي جو سڀ وڃي سعودي عرب ۾ گڏ ٿيا آهن مسلم ليگ ن ڀلي سڄي مامري جي پرديداري ڪري پر ايندڙ ڏينهن ۾ سڀ مامرا کلي سامهون اچي ويندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

احتجاج واري سياست آخرڪيستائين..؟

مصطفيٰ  جمالي پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرادي  پنهنجي سموري سياسي وفد سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے