23 سومر , جولاءِ 2018

نئون سال مبارڪ: پاڪستاني شوبز ستارن طرفان نيڪ خواهشن جو اظهار

ڪراچي (شوبز نيوز) نئين سال جي شروعات تي پاڪستاني شوبز ستارن به پنهنجي چاهيندڙن کي مبارڪون ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته هي نئون سال اسان سميت سڀني ماڻهن جي زندگين ۾ خوشي آڻيندو. پاڪستان جي ڪامياب ترين اداڪارا سوشل ميڊيا تي پنهنجي خاندان ۽ انهن سڀني ماڻهن جا ٿورا مڃيا، جن سندس سپورٽ ڪئي، ان سان گڏوگڏ اداڪار سڀني کي نئين سال جي مبارڪ پڻ ڏني. ماورا حسين ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ خوبصورت تصوير جاري ڪندي سڀني چاهيندڙن کي نئين سال جون واڌايون ڏنيون، جڏهن ته سندس ڀيڻ عروا حسين به پنهنجي هڪ تصوير جاري ڪندي نئين سال جون مبارڪون ڏنيون. اداڪار فهد مصطفيٰ ٽوئيٽر تي پنهنجي کلڻ واري تصوير جاري ڪئي نئين سال جي مبارڪ ڏني ۽ اداڪارا مايا علي انسٽاگرام تي پنهنجي هڪ ويڊيو شيئر ڪندي نئين سال جي موقعي تي نيڪ خواهشن جو اظهار  ڪيو. ان سان گڏوگڏ اداڪار دانش تيمور، عائزا خان، علي ظفر، همايون سعيد، ارمينا خان، شهزاد راءِ ۽ صنم سعيد پڻ پنهنجي چاهيندڙن کي نئين سال جون واڌايون ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Do not be afraid of the propaganda of the opponents, always worked on the mirror: Saeed Imtiaz

مخالفن جي پروپيگنڊا کان ڊڄڻ واري ناهيان، سدائين ميرٽ تي ڪم ڪيو آهي: سعيده امتياز

لاهور(شوبز نيوز) اداڪارا ۽ ماڊل سعيده امتياز چيو آهي ته مخالفن جي پروپيگينڊا کان ڊڄڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے