21 اتوار , جنوری 2018

نئون سال ميوزڪ انڊسٽريءَ لاءِ اهم ثابت ٿيندي: رابي پيرزادا

لاهور (شوبز نيوز) خوبصورت ڳائڻي ۽ اداڪارا رابي پيرزادا چيو آهي ته نئون سال ميوزڪ انڊسٽريءَ جي ترقي لاءِ اهم ثابت ٿيندو. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ رابي پيرزادا جو چوڻ هو ته ڪجهه عرصي کان وٺي اسان جي ميوزڪ انڊسٽري پٺ تي پئجي وئي هئي ۽ وڏا وڏا ڳائڻا پنهنجا مڪمل البم ڪڍڻ ۾ ناڪام رهيا پر ملڪ جي موجودا صورتحال کي نظر ۾ رکندي اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته نئون سال ميوزڪ انڊسٽريءَ لاءِ اهم ثابت ٿيندو. هن چيو ته نئين سال ۾ ميوزڪ انڊسٽري زوال مان نڪرندي ٻيهر پنهنجي عروج تي پهچندي ۽ ٻڌندڙن کي سٺا موسيقي ٻڌڻ لاءِ ملندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عامر خان پنهنجي ڌيءُ فاطما جي ڪيريئر ۾ رنڊڪ بڻجي ويو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جو ڪامياب ترين اداڪار عامر خان فلم”دنگل“ ۾ پنهنجي ڌيءَ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے