19 اڱارو , جون 2018

هلندڙ سال به شاديءَ جي پَڪَ نٿي ڏئي سگهان: ميرا

لاهور (شوبز نيوز) فلم اسٽار ميرا چيو آهي ته يقين سان نٿي چئي سگهان ته 2018ع ۾ شادي ڪنديس، اها ٻارن جي راند ناهي، شادي جو فيصلو سوچي سمجهي ڪنديس. هڪ انٽرويو ۾ ميرا جو چوڻ هو ته مان اڄ به شوبز انڊسٽريءَ تي ڇانيل آهيان، ڇو ته ڪنهن شارٽ ڪٽ سان نه پر ميرٽ ۽ پنهنجي ڪم سبب شهرت حاصل ڪئي اٿم، پاڪستاني عوام مون کي سدائين سپورٽ ڪندو آهي. هن چيو ته شادي جو فيصلو اهم هوندو آهي، يقين سان نٿي چئي سگهان ته هلندڙ سال منهنجي شادي ٿي ويندي پر جڏهن ته شادي ڪيم ته سڀني جي سامهون ۽ پاڪستان ۾ ئي ڪنديس، شادي ڪا ٻاراڻي راند ناهي، اهو فيصلو سوچي سمجهي ڪنديس.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پريانڪا چوپڙا معاوضي ۾ واڌ ڪري ڇڏي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ سميت دنيا جي لڳ ڀڳ سمورين فلم انڊسٽرين ۽ ٻين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے