22 پیر , جنوری 2018

گرين شرٽس کي نيوزيلينڊ خلاف محنت ڪرڻي پوندي: رميز راجا

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان رميز راجا چيو آهي ته نيوزيلينڊ خلاف سيريز سولي نه هوندي پر پاڪستاني ٽيم به فارم ۾ آهي، گرين شرٽس بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري ته ڪاميابي ماڻيندي. لاهور ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي رميز راجا چيو ته پاڪستاني ڪرڪيٽ جي بهتريءَ ۾ ميڊيا جو به وڏو هٿ آهي، ون ڊي ٽيم جي ڪارڪردگي سٺي آهي پر ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ قومي ٽيم جي ڪارڪردگي مطمئن ڪندڙ ناهي، خاص طور تي ڊگهي فارميٽ واري راند ۾ بيٽنگ ۾ خاميون آهن، اسان کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي ترجيح ڏيندي وڌ کان وڌ ٽيسٽ سيريزون کيڏڻيون پونديون. هن چيو ته جيڪڏهن منهنجي وس ۾ هجي ها ته ڪرپشن ڪندڙ رانديگرن کي ڪڏهن به ڪرڪيٽ ۾ واپس نه آڻيان ها، سلمان بٽ ۽ محمد آصف کي ٽيم ۾ واپس نه آڻڻ وارو فيصلو درست آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

انجري جو شڪار شعيب ملڪ جو وطن واپسي جو امڪان

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) انجري جو شڪار آل رائونڊر شعيب ملڪ کي نيوزي لينڊ مان وطن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے