18 جمعرات , جنوری 2018

ڪوسٽا ريڪا ۾ جهاز ڪري تباهه، 12 ڄڻا فوت

ڪولمبس(ويب ڊيسڪ) لاطيني آمريڪي ملڪ ڪوسٽاريڪا ۾ مسافر جهاز ڪري تباهه ٿي ويو جنهن ۾ سوار سمورا ماڻهو فوت ٿي ويا. پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪوسٽاريڪا جي صوبي گواناڪاستي ۾ آمريڪي شهرين کي سياحتي مقام ڏانهن کڻي ويندڙ جهاز پنتا آءِ ليتانامي جزيري جي ڀرسان ڪري تباهه ٿي ويو. طياري ۾ ٻن مقامي پائليٽن کان سواءِ 10 آمريڪي شهري به سوار هئا. ڪوسٽاريڪا سول ايوي ايشن اختيارين ٻڌايو ته جهاز آمريڪي شهرين کي سياحتي مقام ڏانهن کڻي وڃي رهيو هو ته اوچتو باهه لڳڻ سبب ڪِري تباهه ٿي ويو ۽ حادثي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمريڪا شام ۾ پنهنجي فوج برقرار رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

واشنگٽن / دمشق ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے