25 سومر , جون 2018

هڪ برطانوي عورت جيڪا پنهنجي دل ٿيلهي ۾ کڻي گهمندي آهي…..!

لنڊن(ويب ڊيسڪ) هڪ برطانوي عورت کي دل جو عطيو ملڻ تائين هڪ مصنوعي دل لڳائي وئي آهي جنهن جو سڄو نظام هڪ بيگ ۾ بند آهي جيڪو هميشه عورت سان گڏ رهندو. 39 سالن جي سلويٰ حسين ان بيگ کي هميشه پنهنجي سان گڏ رهندي جنهن مان نڪتل ٻه ناليون سندس دُنَ جي سوراخ جي اندر وڃي رهيو آهن. پلاسٽڪ جا شفاف پائپ سندس سيني جي اندر تائين ويندا آهن ۽ سيني جي اندر موجود ٻن غبارن کي ڦهلائيندا آهن جن جي مدد سان رت سڄي جسم ۾ ائين ڊوڙندو آهي جيئن دل پمپ ڪندو آهي. سلويٰ حسين هڪ مرض ڪارڊيو مايوپيٿي جي شڪار آهي جنهن ۾ دل مڪمل طور تي ناڪارا ٿي ويندي آهي ۽ جسم ۾ رت پمپ ڪرڻ جي قابل ناهي رهندي. ڪجهه حالتن ۾ حمل دوران به اها ڪيفيت پيدا ٿيندي آهي پر اهو نهايت ئي ناياب عمل آهي. نئين سال جي آغاز تي سلويٰ کي ڇاتي ۾ سخت تڪليف محسوس ٿي ۽ کيس ڊاڪٽرن وٽ وٺي وڃڻو پيو جتي ڊاڪٽرن ان کي گيس جو سور قرار ڏنو. بعد ۾ خبر پئي ته هن کي هارٽ اٽيڪ ٿيو ۽ هاڻ دل تيزيس ان ڪمزور ٿيندي پئي وڃي. ان بعد ڊاڪترن صلاح مشورو ڪري کيس آمريڪي ڪمپني جي تيار ڪيل هڪ مصنوعي دل لڳائي جنهن لاءِ 6 ڪلاڪن جو طويل آپريشن ڪيو ويو جنهن تي 86 هزار برطانوي پائونڊن جي لاڳت آئي جيڪا پاڪستاني رقم ۾ 1 ڪروڙ 28 لک رپيا آهي. ائين سلويٰ حسين برطانيا جي اها پهرين عورت آهي جنهن کي اها دل لڳائي وئي. مصنوعي دل ۽ ان جي سڄي نظام کي سرجن ڊيانا گارسيا سائز ٻين ڊاڪٽرن جي مدد سان لڳايو. هاڻ جيستائين سلويٰ حسين کي دل جو عطيو نه ملندي تيستائين اهو سمورو نظام ساڻس گڏ رهندو ۽ پنهنجي دل کي پٺيءَ تي هڪ ٿيلهي ۾ رکي سفر ڪري سگهي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماحول دشمن ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ کي تيل ۾ تبديل ٿيندڙ ڪارخانو

هارورڊ (ويب ڊيسڪ)عاليم پئماني  تي تپش   ۾ واڌ  جو سڀ کان بدنام گيس ڪاربان داءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے