26 جمعرات , اپریل 2018

هاڻ حاضر آهي ٿري ڊي پرنٽر سان تيار ڪيل بس اسٽاپ!

شنگهائي(ويب ڊيسڪ) چين جي ڪمپني ون سن شيلٽر اهڙو هڪ دلچسپ ڪم ڪيو آهي ۽ سڄي بس اسٽاپ کي ٿري ڊي ميشن تي تيار ڪري ان کي روڊ جي ڪناري تي لڳايو آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اهو گهر مڪمل طور تي ري سائيڪل ٿيل سامان مان تيار ڪيو ويو آهي يعنيٰ ان خام مال کي استعمال ڪيو ويو آهي جنهن کي اسان فالتو سمجهي اڇلي ڇڏيندا آهيون. ان کي رڳو هڪ رات ۾ بڻايو ويو آهي. ان کان پوءِ ڪمپني ان کي جنشان ضلعي جي هڪ قديم شهر فينگ جنگ موڪليو جتي هڪ روڊ جي ڪناري تي ان کي لڳايو ويو آهي. ٿري ڊي پرنٽر سان تيار ڪيل ان بس اسٽاپ تي ماڻهن جي ويهڻ جي جاءِ، هڪ ڇت ۽ ويهڻ لاءِ سيٽون به لڳايون وين آهن. جنهن اتي هڪ ميز جو به واڌارو ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اوپو جي نئين فليگ فون شپ پاڪستان ۾ متعارف

لاهور (ويب ڊيسڪ) چيني ڪمپني اوپو پنهنجي نئين فليگ شپ فون ايف 7 پاڪستان ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے