19 خميس , جولاءِ 2018

جماعت الدعوت ۽ فلاح اسانيت فائونڊيشن کي سرڪاري تحويل ۾ وٺڻ جو فيصلو

لاهور(ويب ڊيسڪ) حڪومت حافظ سعيد جي جماعت الدعوت ۽ فلاح انسانيت فائونڊيشن کي سرڪاري تحيول ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب 18 ڊسمبر تي وزير اعظم جي صدارت هيٺ ٿيل قومي سلامتي واري اجلاس ۾ ان حوالي سان فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٽئي سروسز چيف، ناڻي واري وزارت ۽ پرڏيهي سيڪريٽري به شريڪ هئا ۽ هنن حافظ سعيد تي عالمي پابندين ۽ پاڪستان تي لڳل الزامن تي بريفنگ ڏني. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت ان اجلاس ۾ فيصلو ڪيو آهي ته پهرين مرحلي ۾ جماعت الدعوت ۽ فلاح انسانيت فائونڊيشن جي ايمبولينس سروس ۽ فنڊنگ جا ذريعا معلوم ڪيا وڃن، ايف بي آر ۽ اسٽيٽ بينڪ ٻنهي ادارن جي فنڊنگ سميت اثاثن جي ذريعن جو ريڪارڊ به ترتيب ڏيندا. ذريعن ٻڌايو ته بعد ۾ جماعت الدعوت جا سمورا منصوبا پنجاب حڪومت هلائيندي ۽ مريد ڪي جو مرڪز به پنجاب حڪومت پنهنجي ڪنٽرول ۾ آڻيندي جڏهن ته سندس مرڪز ۽ نالو به تبديل ڪيو ويندو. ذريعن موجب ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن ڊپارٽمنٽ ان حوالي سان سمورا عمل مڪمل ڪري رپورٽ گهرو وزارت کي ڏئي ڇڏي جڏهن ته ان ضمن ۾ انٽيليجنس بيورو کي به ذميواريون ڏنيون ويون آهن. ذريعن ٻڌايو ته ان فيصلي تي جلد عملدرآمد لاءِ لاڳاپيل کاتن ڏانهن به خط موڪليا ويا آهن. ٻئي پاسي پرڏيهي خابرو ايجنسي رائٽرز موجب ان حواليس ان وفاقي گهرو وزير احسن اقبال کان پڇيو ويو ته هن چيو ته هن پاڪستان ۾ سمورين پابندي مڙهيل تنظيمن جي فنڊنگ بند ڪرڻ جو چيو آهي. رائٽرز موجب احسن اقبال چيو ته پاڪستان آمريڪا جي دٻاءُ ۾ ڪا به ڪارروائي ناهي ڪري رهيو ۽ اسان ڪنهن کي خوش ناهيون ڪري رهيا، اسان هڪ ذميوار قوم جي طور تي ڪم ڪري رهيا آهيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Prime Minister will inaugurate the inauguration of Quetta International Airport

هاڻ عورتن کي جيلن ۾ موڪلڻ واري روايت شروع، عورت کي جيلن ۾ ناهي موڪليو ويندو: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته هاڻ عورتن کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے