25 سومر , جون 2018

اسان” نو مور“ تي اتفاق رکون ٿا: اسد عمر جو ٽرمپ جي بيان تي رد عمل

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر چيو ٽرمپ جي ٽويٽ تي فوري انتهائي دبنگ جواب ڏيندي چيو ته اسان هڪ شئي تي اتفاق رکون ٿا ته هاڻ ” نو مور“. تفصيل موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر جو چوڻ هو ته دنيا جي سڀ کان وڏي طاقتور فوج وٽ افغانستان ۾ 16 سالن جي طويل جنگ ۾ ناڪامي کان سواءِ ڏيکارڻ لاءِ ٻيو ڪجهه به ناهي بچيو ۽ ايسيتائين جو اتان عزت سان وڃي به نه سگهيا ۽ جيڪڏهن پاڪستان سان ڀيٽ ڪجي ته پاڪستان دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ انتهائي شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي. اسد عمر جو چوڻ هو ته آمريڪا پنهنجي ناڪامي جو ملبو پاڪستان تي وجهڻ بند ڪري. سندس چوڻ هو ته جيستائين ڊالرن جو تعلق آهي، پاڪستان بيوقوف هو جنهن جي معيشت کي بي پناهه نقصان پهتو ۽ آمريڪا کي هن وقت تائين پنهنجي ناليواري امداد جو ڍنڍورو پٽڻ جي اجازت ڏئي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف سان اختلافن بابت جلد قوم کي حقيقت ٻڌائيندس: چوڌري نثار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته مان نه پي ٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے