23 ڇنڇر , جون 2018

آمريڪا پاڪستان کي نشانو پيو بڻائي، ڪوليشن سپورٽ فنڊ جي ڳالهه آهي ته آمريڪا پنهنجي امداد پاڻ وٽ رکي: شيري رحمان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان کي نشانو بڻائي رهيو آهي، آمريڪا سان لفظن جي ويڙهه بدران صاف ڳالهه ڪرڻ گهرجي. پ پ اڳواڻ شيري رحمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته اڄ تائين نيٽو سپلاءِ لائن تي ٽريفڪ چارج وصول ناهن ڪيا ويندا، ڪوليشن سپورٽ فنڊ جي ڳالهه آهي ته آمريڪا پنهنجي امداد پاڻ وٽ رکي. هن چيو ته پاڪستان پرڏيهي پاليسي جي ناڪامين جو ڪيترائي ڀيرا ذڪر ڪيو توهان وضاهت سان ڳالهه ڪيو ته اهو توهان جو جواب آهي. اسان 2011ع کان انهن پناهه گيرن جي نشاندهي ڪري رهيا آهيو جڏهن ته پرڏيهي پاليسي کي 4 سال ائين ئي ڇڏيو ويو، ميدان بلڪل خالي ڇڏيو ويو هو ڪنهن کي به نٿو سونهي ته اڄ جي دور ۾ ڊپلوميسي ۾ اهڙو رويو رکيو وڃي. سندس چوڻ هو ته اسان 4 سالن تائين آمريڪا ۾ ڪا به لابسٽ مقرر ناهي ڪئي نه وري پرڏيهي وزير رکيو، معافي وارو رويو رکڻ جي ضرورت ناهي دوست ملڪن جا پنهنجا پنهنجا رايا آهن ۽ هو ڏسي رهيا آهناهڙن بيانن کان پوءِ گڏجي هلڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي،

هي به ڏسي سگهو ٿا

فٽبال ورلڊ ڪپ: ايراني عورتن کي ميچ ڏسڻ جي آزادي ملي وئي، نئين تاريخ رقم

تهران(ويب ڊيسڪ) ايران جي فٽبال ٽيم اربع جي رات اسپين جي هٿان شڪست کاڌي پر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے