25 سومر , جون 2018

افغان صوبي هلمند ۾ هوائي حملو، سينيئر طالبان اڳواڻ مولوي مسرور مارجي ويو

ڪابل(ويب ڊيسڪ) افغان صوبي هلمند ۾ هوائي حملن ۾ آپگهاتي حملن جو انچارج سينيئر طالبان اڳواڻ پنهنجن ٻن ساٿين سميت مارجي ويو. افغان ميڊيا موجب آچر جي شام هلمند ۾ هوائي حملا ڪيا ويا جنهن ۾ سينيئر طالبان اڳواڻ مولوي احمد مسرور مارجي ويو. افغان ميڊيا جو چوڻ آهي ته مولي احمد مسرور طالبان جو سينيئر اڳواڻ ۽ آپگهاتي حملن جو انچارج هو جڏهن ته حملن ۾ وڌيڪ 15 ڄڻا مارجي ويا.  افغان ميڊيا جي رپورٽن ۽ مقامي اختيارين جو چوڻ آهي ته ضلعي گريشڪ ۾ ٿيل هوائي حملن ۾ مولوي مسرور کان سواءِ وڌيڪ 2 سينيئر طالبان اڳواڻ مارجي وي . صوبائي حڪومت جي ميڊيا آف هلمند جي علائقي شورڪئي ۾ هوائي حملن جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن افغان ميڊيا موجب صوبي ننگر هار ۾ به فورسز آپريشن ڪيو جنهن ۾ پابندي مڙهيل تنظيم داعش جا 11 ويڙهاڪ مارجي ويا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The American Foreign Office spokesman was taken out of the hotel to work for the Trumpet

آمريڪي پرڏيهي آفيس جي ترجمان کي ٽرمپ لاءِ ڪم ڪرڻ تان هوٽل مان ٻاهر ڪڍيو ويو

ليزنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان سارا سينڊر کي ڊونلڊ ٽرمپ لاءِ ڪم ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے