19 جمعہ , جنوری 2018

پاڪستان کي 15 سالن ۾ 33 ارب ڊالر امداد ڏئي بيوقوفي ڪئي: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته آمريڪا گذريل 15 سالن دوران اسلام آباد کي 33 ارب ڊالر امداد ڏئي بيوقوفي ڪئي. ڊونلڊ ٽرمپ 2018ع سال جو پهريون ٽوئيٽ ئي پاڪستان بابت ڪيو جنهن ۾ هن هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان کي تنقيد جو نشانو بڻايو. ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي ٽوئٽ ڪيو ته آمريڪا پاڪستان کي گذريل 15 سالن دوران 33 ارب ڊالر امداد ڏئي بيوقوفي ڪئي جڏهن ته بدلي ۾ پاڪستان اسان کي ڪوڙ ۽ ڌوکي کان سواءِ ڪجهه نه ڏنو ۽ اسان جي اڳواڻن کي بيوقوف سمجهيو. ٽرمپ پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ چيو ته اسان افغانستان ۾ جن دهشتگردن کي ڳولهي رهيا آهيون پاڪستان انهن کي محفوظ ٿاڪ ڏيندو آهي پر هاڻ ائين نه ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئين ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جي ڪا به گنجائش ناهي: وزير اعظم شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته آئين ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے