21 خميس , جون 2018

نواز شريف ڊيل جي ڪوشش ۾ آهي، عوام ڪا به ڊيل قبول نه ڪندو: فواد چوڌري

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر ڊيل وٺڻ جي ڪوشش جو الزام لڳائيندي چيو آهي ته پاڪستاني عوام به ڊيل کي قبول نه ڪندو. وزير اعظم اسحاق ڊار کي فرار ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو جڏهن ته نواز شريف گهٽين ۾ ڦري ڊيل وٺڻ چاهي ٿو. طاهر القادري سان سياسي نه پر انساني بنيادن تي تعلق آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته نواز شريف جي سعودي عرب جي دوري جو هل ميٽل سان گهرو لاڳاپو آهي. نواز شريف کي اقامو ڏيندڙ ايف زيڊ اي ڪيپٽل مني لانڊنرگ جو ذريعو هئي جنهن جي دبئي ۾ رجسٽريشن ڪرائي وئي ۽ ايف زيڊ اي ڪيپٽل جو مالڪ نواز شريف آهي. نواز شريف جو قامو به مني لانڊرنگ لاءِ استعمال ٿيو هو. پاڪستان کان پيسا دبئي ۾ ايف زيڊ اي ڪيپٽل کي موڪليا ويا ۽ هل ميٽل ڪمپني پيسا نواز شريف ڏي موڪليندي هئي، نيب کان بچڻ لاءِ هاڻ ڊرامو پيو ڪيو وڃي. هن چيو ته پنجاب جو وڏو وزير سعودي جهاز تي اوڏانهن ويو ۽ هن کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي، ” مون کي ڇو ڪڍيو“ وارو راڳ آلاپيندڙ پرڏيهه هليا ويا، جڏهن حڪمرانن  لاءِ جهاز اچن ته ملڪ خودمختيار ناهي رهندو. نواز شريف جي تاريخ ڊيل سان ڀريل آهي ۽ هاڻ وري ڊيل وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پر پاڪستاني عوامي ڪنهن به ڊيل کي قبول نه ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The details of the assets of Shahbaz Sharif and Hamza Shahbaz

شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جي اثاثن جا تفصيل به سامهون اچي ويا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف ۽ سندس پٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے