17 بدھ , جنوری 2018

پرويز مشرف بهادر آهي ته ڏيهه واپس اچي ڪيسن کي منهن ڏي: آصف زرداري

لاهور( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پرويز مشرف بهادر آهي ته پاڪستان واپس اچي، نوابزاده نصر الله خان جي کوٽ طاهر القادري جي صورت ۾پوري ٿي وئي آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آصف علي زرداري چيو ته نيب سنڌ ۾ هميشه ظلم ڪيو آهي، نيب وٽ ڪهڙو اوزار آهي جنهن سان پاڻي جي لائننگ چيڪ ٿي سگهندي. هن چيو ته پ پ جي حڪومت ۾ سعودي عرب جي ڪابه مداخلت نه هئي. سندس چوڻ هو ته شريف ڀائر سعودي عرب ڇو ويا وقت اچڻ تي خبر پئجي ويندي، ٿي سگهي ٿو ته سندن پنهنجا معاملا هجن. آصف زرداري چيو ته سعودي عرب ۾ ڪرپشن خلاف مهم هلي رهي آهي، ميڊيا ۾ ان حوالي سان ڪهڙيون خبرون هلي رهيون آهن.  هن چيو ته سعودي عرب اسلامي دنيا جو اهم ملڪ آهي، خادم الحرمين شريفين جو احترام ڪريون ٿا. سندس چوڻ هو ته افواهه آهن ته سعودي عرب ۾ اين آر او جون ڳالهيون هلي رهيون آهن. آصف علي زرداري چيو ته جنهن دور ۾ اين آر او ٿيو تهن وقت مان جيل ۾ هيس. هن چيو ته سعودي عرب ۾ ڪهڙي ڪچڙي پچي رهي آهي ڪابه خبر ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماڊل ٽائون سانحي پويان شريف ڀائرن جو هٿ آهي، راڻا ثناءُ الله ته صورت مان ئي قاتل لڳندو آهي: عمران خان

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته قصور ۾ ڪجهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے