25 سومر , جون 2018

قومي ادارن خلاف تقريرن تي مريم نواز ۽ سعد خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور

لاهور( ويب ڊيسڪ ) لاهور جي عدالت قومي ادارن خلاف تقريرن تي مريم نواز ۽ سعد رفيق خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي سي سي پي او لاهور کان پنج جنوري کان جواب طلب ڪري ورتو. سيشن عدالت ۾ پاڪ فوج ۽ عدليه خلاف تقريرون ڪرڻ تي مريم نواز ۽ سعد رفيق خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي وئي. درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته مريم نواز ۽ سعد رفيق نه رڳو پاڪ فوج خلاف بيان بازي ڪئي پر عدليه تي به تنقيد ڪئي. هن چيو ته آئين موجب قومي سلامتي جي ادارن تي تنقيد نه ٿي ڪري سگهجي، عدالت کي درخواست آهي ته ٻنهي خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو وڃي. عدالت درخواستون ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي سي سي او لاهور کان پنج جنوري تائين جواب طلب ڪري ورتو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Details of Talal Chaudhry's details are not available, personalized and carved

طلال چوڌري جي اثاثن جا تفصيل سامهون اچي ويا، ذاتي گهر ۽ گاڏي ناهي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ طلال چوڌري جي اثاثن جا تفصيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے