21 اتوار , جنوری 2018

سياچن ۾ برفاني ڇپ هيٺان دٻجي شهيد ٿيل 3 جوانن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي

اسڪردو( ويب ڊيسڪ ) گياري سيڪٽر ۾ برفاني ڇپ ڪرڻ جي نتيجي ۾ دٻجي فوت ٿيل پاڪ فوج جي ٽن جوانن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي.  دنيا جي بلند ترين جنگي محاذ سياچن ۾ 30 ڊسمبر تي برفاني ڇپ ڪرڻ جي نتيجي ۾ پنج جوان دٻجي ويا هئا جن جي ڳولا لاءِ ريسڪيو آپريشن به ڪيو ويو پر ڪوششن باوجود پاڪ فوج جا پنج ئي جوان زنده بچي نه سگهيا. سياچن جي گياري سيڪٽر ۾ برفاني ڇپ ڪرڻ جي نتيجي ۾ دٻجي فوت ٿيل پاڪ فوج جي ٽن جوانن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. شهيدن جي جنازي نماز گلگت هيلي پيڊ ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ فورس ڪمانڊر  ميجر جنرل ثاقب محمود ملڪ سميت اعليٰ فوجي ۽ سول اختيارين شرڪت ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چيف جسٽس طرفان حمزا شهباز جي گهر ٻاهران رنڊڪون فوري هٽائڻ جو حڪم

لاهور ( ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس ثاقب نثار ايم اين اي حمزا شهباز جي گهر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے