17 اربع , جنوري 2018

سعودي عرب ۾ پيٽرول جي اگھن ۾ 80 سيڪڙو واڌ

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ اڄ کان پيٽرول جي اگھن ۾ 80 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي. سعودي خابرو اداري موجب حڪومت آمدني ۾ واڌي ۽ معاشي سڌارن جي سلسلي ۾ پيٽرول جي اگھن ۾ 80 سيڪڙو واڌي جو اعلان ڪيو آهي. سعودي فرمانروا شاهه سلمان عبدالعزيز جي سربراهي ۾ ڪابينا اجلاس دوران سڌارا پروگرام تحت بجلي ۽ پيٽرول جي اگھن ۾ واڌ جي منظوري ڏني وئي. سعودي حڪومت طرفان ٻيون ڀيرو پيٽرول جي اگھن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي تنهن هوندي حڪومت مهانگائي مان متاثر ٿيل 3.7 ملين سعودي خاندانن لاءِ روڪ رقم ڏيڻ جي به منظوري ڏني. روڪ رقم ملڪ ۾ رهندڙ ۽ ڪم ڪندڙ پرڏيهين کي نه ڏني ويندي جڏهن ته روڪ رقم ڏيڻ جو سلسلو ايندڙ هفتي کان شروع ٿيندو. ڪابينا کان منظوري بعد توانائي واري وزير چيو ته پيٽرول، ڊيزل ۽ ايوي ايشن فيول جي اگھن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي تنهن هوندي ان جا تفصيل نه ڏنا ويا آهن. خابرو اداري موجب سعودي ڪابينا جي فيصلي بعد پيٽرول آڪٽين 91 جو في ليٽر اگھه هڪ ريال 37 هلالهه ٿيندو جيڪو ان کان پهريان في ليٽر رڳو 75 هلالهه هو. جڏهن ته ڊيزل آڪٽين 95 جو نئون اگھه ٻه ريال ۽ چار هلاهه هوندو جيڪو ان کان پهريان رڳو 95 هلالهه ۾ موجود هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سوات ۽ ڀرپاسي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا

سوات (ويب ڊيسڪ) سوات ۽ ڀرپاسي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن. ريڪٽر اسڪيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے