20 ہفتہ , جنوری 2018

نئين سال جي آمد تي بالي ووڊ ستارن جون مداحن کي مبارڪون

ممبئي (شوبز نيوز) پاڪستان سميت سڄي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ 2017ع جو سج لهي ويو ۽ نيئن اميد سان 2018ع جو سج اُڀريو. سڄي دنيا ۾ نئين سال کي ڀلي ڪار چوڻ لاءِ منفرد انداز اختيار ڪرڻ سان گڏ آتش بازي ڪئي ويندي آهي، ماڻهو پنهنجن دوستن ۽ چاهيندڙن کي نئين سال جون مبارڪون ڏيندا آهن ۽ هڪ ٻئي جي خوشين ۾ شريڪ ٿيندا آهن. بالي ووڊ اسٽارز به نئين سال جي آمد تي سمورن ماڻهن کي مبارڪ ڏني آهي. جن ۾ بالي ووڊ جي شهنشاهه اميتاڀ بچن سماجي رابطن واري هڪ ويب سائٽ انسٽاگرام تي پنهنجي پوٽي آراڌيا ۽ ڏوهٽي شوئتا نندا جون تصويرون شيئر ڪندي چيو آهي ته ڌيئرون سُٺيون هونديون آهن، جڏهن ته پوٽي ۽ ڏوهٽي ته گھڻي سُٺي هوندي آهي. 2018ع جي مبارڪ هجي. بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان نئون سال جي شروع ٿيندي ئي ان فڪر ۾ آهي ته سندس ايندڙ فلم جو نالو ڇا هوندو هن ٽوئٽر تي پنهنجن سمورن چاهيندڙن کي نئين سال جي مبارڪ ڏيندي چيو ته آئون هن سال آنند لال راءِ جي فلم جي نالي جو انتظار ڪري رهيو آهيان. فلم ۾ شاهه رخ خان سان گڏ انوشڪا شرما ۽ ڪترينا ڪيف مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. انوشڪا شرما شاهه رخ خان جي ٽوئٽ جي جواب ڏيندي چيو ته سڀاڻي جو سرپرائز نه وسارجو ڇو ته اصل نيو ايئر گفٽ ته سڀاڻي 5 وڳي ملندو. ان سان گڏ بالي ووڊ جي مزاحيا اداڪار ڪپل شرما به پنهنجن سمورن چاهيندڙن کي مبارڪ ڏني.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اداڪاره سني ليون جو مجسمو مادام تسائو ميوزم ۾ رکڻ جو فيصلو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪاره سني ليون جو مجسمو مادام تسائو ميوزم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے