19 اڱارو , جون 2018

ڀارت جو هڪ دفعو ٻيهر پاڪستان سان ڪرڪيٽ کيڏڻ کان انڪار

نئين دهلي( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سان ڪرڪيٽ سيريز جي حوالي سان ڀارت هڪ دفعو ٻيهر لنوائي ويو آهي، پرڏيهي وزير سشما سوراج پاڪستان سان ڪرڪيٽ سيريز نه ٿيڻ جو اشارو ئي ڇڏيو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن جي نظرثاني بابت ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو جنهن دوران ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ڪرڪيٽ سيريز ڪرائڻ تي غور ڪيو ويو. اجلاس دوران سشما سوراج چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ ڪرڪيٽ سيريز نه ٿي ٿي سگهي، نيوٽرل هنڌ تي به پاڪستان سان راند نه کيڏي ويندي. هن چيو ته انساني همدرديءَ جي بنياد تي قيدين ۽ عورتن جي آزادي لاءِ اپاءَ اختيار ڪرڻ گهرجن. سندس چوڻ هو ته سرحد تي فائرنگ جي وڌندڙ واقعن ۽ موجوده حالتون ٻنهي ملڪن ۾ ڪرڪيٽ سيريز جو رستو صاف نه ٿيون ڪن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The nomination papers of Pervez Musharraf, Farooq Sattar and Asadullah Khan were rejected

پرويز مشرف، فاروق ستار ۽ اسد الله ڀٽو جا نامزدگي فارم رد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي صدر پرويز مشرف، ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاورق ستار ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے