26 جمعرات , اپریل 2018

ائٽم بم هلائڻ جو بٽن هميشه منهنجي ميز تي هوندو آهي: اتر ڪوريا جو سربراهه

پيانگ يانگ ( ويب ڊيسڪ ) اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ ان چيو آهي ته ائٽم بم هلائڻ جو بٽڻ هر وقت سندس آفيس جي ميز تي موجود هوندو آهي، جيستائين جنگ نه مڙهي ويندي تيستائين ائٽمي هٿيارن جو استعمال نه ڪنداسين.  پرڏيهي خابرو اداري موجب نئين سال جي موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ ان چيو ته آمريڪا جي سموري ڌرتي اتر ڪوريا جي ائٽمي هٿيارن جي پهچ ۾ آهي ۽ اها ڪا ڌمڪي ناهي، هڪ حقيقت آهي. هن چيو ته اتر ڪوريا هڪ ذميواري ائٽمي طاقت آهي جيڪا امن سان محبت ڪري ٿي تنهن ڪري جيستائين اتر ڪوريا تي جنگ نه ٿي مڙهي وڃي ائٽمي هٿيارن جو استعمال نه ڪيو ويندو.  پنهنجي خطاب ۾ مفاهمت جو لهجو اختيار ڪرڻ باوجود ڪم جونگ ان چيو ته سندس ملڪ کي وڏي پئماني تي ائٽمي هٿيار ۽ بليسٽڪ ميزائل رکڻ گهرجن ۽ اهي لڳائڻ ۾ تيزي آڻڻ گهرجي. ڪم جونگ ان پنهنجي قوم کي هر قسم جي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهڻ جي هدايت ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هندن جي مذهبي پيشوا کي ڇوڪريءَ سان زيادتي ڪرڻ تي عمر قيد جي سزا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هندن جي مذهبي پيشوا  آسارام باپو کي جنسي زيادتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے