21 ہفتہ , اپریل 2018

پاڪستان ڀارت کي قيدين جي لسٽ فراهم ڪري ڇڏي

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان 457 ڀارتي قيدين جي لسٽ ڀارتي هاءِ ڪميشن کي فراهم ڪري ڇڏي. پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ڀارتي قيدين جي لسٽ ڀارت کي فراهم ڪري ڇڏي آهي. ڀارتي هاءِ ڪميشن جي لسٽ موجب هن وقت پاڪستان جي مختلف جيلن ۾ 457 ڀارتي مختلف ڏوهن ۾ سزا ڀوڳي رهيا آهن، قيدين ۾ سامونڊي حدن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ 399 مهاڻا ۽ 58 عام شهري شامل آهن، پاڪستان 8 جنوري تي 146 مهاڻن کي آزاد ڪري ڇڏيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پاڪستان ڀارتي قيدين جي لسٽ اسلام آباد ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن کي فراهم ڪئي آهي جڏهن ته ڀارت پاڪستاني قيدين جي لسٽ نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن کي فراهم ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اويس لغاري جو وڏي وزير کي خط، ڪي اليڪٽرڪ جي بقايا ادا ڪرڻ جو مطالبو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) توانائي واري وزير اويس لغاري سنڌ سرڪار کي خط …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے