21 اتوار , جنوری 2018

نواز شريف شهباز شريف جي خوف سبب سعودي عرب ويو آهي: چوڌري اعتزاز احسن

لاهور( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ چوڌري اعتزاز احسن چيو آهي ته نواز شريف کي سعودي عرب  نه گهرايو آهي پر هو شهباز شريف جي خوف کان ويو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري اعتزاز احسن چيو ته شريف ڀائرن جي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ هلي رهي آهي، شهباز شريف چوي ٿو ته مون کي وزيراعظم بڻايو وڃي جڏهن ته ووٽ نواز شريف ۽ مريم نواز سان آهن. هن چيو ته شهباز شريف هٿ پير هڻي رهيو آهي ته ڪو کيس وزيراعظم بڻائي پر ووٽ ساڻس نه آهن. سندس چوڻ هو ته ڏسڻو اهو آهي ته شريف ڀائر سعودي عرب ۾ ڇا ڪري رهيا آهن. چوڌري اعتزاز احسن چيو ته شهباز شريف راحيل شريف جي جهاز تي سعودي عرب ويو آهي، فوج ۽ عدليه سان گڏ هئڻ جو تاثر پيش ڪيو آهي.  هن چيو ته شهباز شريف رياض مان فون ڪئي ته هو اعليٰ شخصيتن سان ملي رهيو آهي پر هاڻي سعودي عرب وارا به شريف خاندان لاءِ ڪجهه نه ٿا ڪري سگهن. سندس چوڻ هو ته نواز شريف کي سعودي عرب وارن نه گهرايو آهي پر هو شهباز شريف جي خوف سبب پهتو آهي. چوڌري اعتزاز احسن چيو ته ملڪ جو وزيراعظم نواز شريف کي چئي رهيو آهي ته هو اڊيالا جيل کي به جاتي امرا بڻائي ڇڏيندو. هن چيو ته مان پ پ جو مستقبل سٺو ڏسي رهيو آهيان، سمورين پارٽين ۾ اختلاف آهن پر پ پ ۾ ڪو به اختلاف نه آهي، بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ سٺي ڪارڪردگي آهي. اعتزاز احسن چيو ته طاهر القادري سان سياسي اتحاد نه ڪيو آهي، قيادت شهيدن  جي وارثن سان ٻڌيءَ جي اظهار لاءِ ملاقات ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قوم کي خبر آهي ته ڪير ٽوپي پائي ٽوپي ڊرامو ڪندو آهي: قمر زمان ڪائرا

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته مال روڊ تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے