23 سومر , جولاءِ 2018

ٻار سنڀالڻ لاءِ هينئر وقت ناهي: وديا بالن

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾ بي باڪ سمجهي ويندڙ اداڪارا وديا بالن چيو آهي ته وٽس ٻار سنڀالڻ جو هينئر وقت ناهي. بالي ووڊ ۾ ڪيترين ئي فلمن ۾ اداڪاري جا جلوا ڏيکاريندڙ اداڪارا وديا بالن اڄ 40 ورهين جي ٿي چڪي آهي. انٽرويو دوران هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته گزريل سال جڏهن آئون 39 ورهين جي ٿي هئس تڏهن کان ڪجهه نئون ۽ منفرد ڪرڻ لاءِ پرجوش هئس ڇو ته مون کي 40 ورهين جو ٿيڻ ۾ رڳو هڪ ئي سال رهجي ويو هو، ۽ هاڻي آئون 40 ورهين جي ٿي چڪي آهيان ته هاڻي ڏسون ٿا ته ڇا نئون ڪرڻو پوندو. انٽرويو دوران جڏهن کائنس پُڇيو ويو ته سندس شادي کي پنج ورهيه گزري ويا آهن پر سندس ٻار ناهن، جنهن تي سندس چوڻ هو ته ٻار سنڀالڻ جو وٽس هينئر وقت ناهي. هن چيو ته منهنجي هر نئين فلم منهنجو نئون ٻار هوندو آهي ۽ ان حساب سان منهنجا 20 ٻار آهن، آئون پنهنجو ڏيان نئين ۽ منفرد ڪم تي ڏيڻ چاهيان ٿي. اداڪارا وڌيڪ چيو ته 2017ع  ۾ نئين ڳالهه اها سکي آهي ته رڳو اسڪرپٽ جو سُٺو هجڻ ڪافي نه هوندو آهي ۽ نه ئي وڏي اداڪار جو فلم ۾ شامل ٿيڻ ڪافي هوندو آهي، پر جڏهن اهي ٻئي شيون گڏ هجن ته فلم سٺي ئي ٺهندي آهي، رڳو وڏن اداڪارن کي شامل ڪري فلمن کي ڪامياب نٿو بڻائي سگھجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

More in Ballywood to create a "sanju"

باليووڊ ۾ وڌيڪ هڪ ”سنجو“ ٺاهڻ جي تياري

ممبئي(شوبز نيوز) ”سنجو“ ڪي باڪس آفيس شاندار ڪاميابي بعد وڌيڪ هڪ باليووڊ هدايتڪار سنجي دت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے