17 اربع , جنوري 2018

چورن ۽ ڦورن کي پڪڙڻو پوندو، استعيفيٰ ڏئي ٻاهر نڪرڻو پوندو: شيخ رشيد

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته سڄي عرب دنيا ملي به اين آر او نه ٿي ڪرائي سگهي، شريف ڀائر ڪالهه 2 وڳي کان رياض ۾ ويٺل آهن پر شاهه سلمان طرفان ساڻن ملاقات جي درخواست قبول نه ڪئي وئي آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد احمد چيو ته پنجن ججن جنهن شخص کي نااهل قرار ڏنو اهو پارٽي پاليسي ٺاهڻ جي طاقت تي قبضو ڪيو ويٺل آهي،  هڪ وقت ايندو جڏهن ڪرپٽ ماڻهن کي ڪو به قبول نه ڪندو ۽ کين پنهنجي ئي ملڪ جي جيلن ۾ وڌو ويندو. هن چيو ته سندس صبح 9 وڳي 45 منٽن تي رياض ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي سندس اطلاع موجب شريف ڀائر ڪالهه 2 وڳي کان رياض ۾ ويٺل آهن پر  شاهه سلمان طرفان کين اندر وڃڻ جي اجازت نه ملي آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪي سياستدان افواهه پيا پکيڙين تن جي عقل تي ماتم ڪرڻ تي دل چوي ٿي. شيخ رشيد احمد چيو ته اڄ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار آهي، مشرف ۽ اڄوڪي دور ۾ گهڻو فرق آهي.  هن چيو ته اڄ نه ڪو جنرل بٽ آهي ۽ وري ملڪ قيوم آهي، هتي انصاف ٿيندو ۽ اصولن تي ٻڌل ٿيندو. سندس چوڻ هو ته چورن ۽ ڦورن کي پڪڙڻو پوندو، اسان کي استعيفائون ڏئي ٻاهر نڪرڻ گهرجي. شيخ رشيد چيو ته لطيف کوسي واعدو ڪيو آهي ته هو حديبيا ۽ ايل اين جي ڪيس مفت ۾ وڙهندو، تنهن ڪري منهنجي اي پي سي ڪامياب ٿي وئي باقي ٻين جي خبر ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سوات ۽ ڀرپاسي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا

سوات (ويب ڊيسڪ) سوات ۽ ڀرپاسي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن. ريڪٽر اسڪيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے