21 اتوار , جنوری 2018

چمن ۾ هڪ ٻي پويان ٻن ڌماڪن جي نتيجي ۾ سڪيورٽي اهلڪارن سميت ڪيترائي زخمي

چمن( ويب ڊيسڪ ) چمن ۾ مال روڊ تي هڪ ٻي پويان ٻن ڌماڪن جي نتيجي ۾ سڪيورٽي اهلڪارن سميت 7 ڄڻا مارجي ويا.چمن جي مال روڊ تي اڏاوت هيٺ عمارت ويجهو ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي کانپوءِ جيئن ماڻهن جو وڏو انگ واقعي واري هنڌ پهتو ته ٻيو ڌماڪو ٿيو. ڌماڪن جي نتيجي ۾ سڪيورٽي اهلڪارن سميت 7 ڄڻا مارجي ويا، زخمين کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جنهن سبب جاني نقصان جو خدشو آهي. واقعي کانپوءِ سڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن ڪيو. ڌماڪي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌماڪيدار مواد امڪاني طور  اڏاوتي ڪم جي سامان ۾ لڪايو ويو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

انگلش ٽيم آسٽريليا کي ٽين ون ڊي ميچ ۾ به شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي

سڊني (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ ٽين ون ڊي ميچ ۾ به آسٽريليا کي 16 رنسن تان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے