21 ہفتہ , اپریل 2018

نئين سال ۾ عوام تي مهانگائي بم حملو، پيٽرول 4 ۽ گاسليٽ پوڻا 7 رپيا مهانگو

اسلام آباد (م ڊ) حڪومت پيٽروليم شين جي قيمت ۾ تبديلي ڪندي سال جي پهرئين ڏينهن ئي پيٽرول جي قيمت ۾ 4 رپيا 6 پئسا في ليٽر اضافي جو اعلان ڪيو آهي. پيٽرول جي نئين قيمت 81 رپيا 53 پئسا في ليٽر هوندي. پيٽروليم اسمن جي قيمتن ۾ تبديلي جو اعلان ناڻي واري صلاحڪار مفتاح اسماعيل ڇنڇر ڏينهن هتي پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. ناڻي واري صلاحڪار چيو ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل 3 رپيا 96 پئسا ۽ لائيٽ ڊيزل 6 رپيا 25 پئسا في ليٽر مهانگو، جڏهن ته گاسليٽ جي قيمت ۾ 6 رپيا 79 پئسا في ليٽر اضافي جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 89 رپيا 91 پئسا في ليٽر، لائيٽ ڊيزل جي قيمت 58 رپيا 37 پئسا في ليٽر جڏهن ته گاسليٽ جي نئين قيمت 64 رپيا 32 پئسا في ليٽر هوندي. مفتاح اسماعيل چيو ته پيٽروليم اسمن جي نين قيمتن تي عمل آچر تي رات جو 12 وڳي کان ٿيندو. هن چيو ته پيٽروليم تي سيلز ٽيڪس ۾ ڪا تبديلي نه ٿيندي. هن چيو ته وزيراعظم اوگرا جي سفارش تي قيمتن ۾ ڦير ڦار جي منظوري ڏني آهي. هن چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم اسمن جون قيمتون وڌي رهيون آهن جڏهن ته پاڪستان ۾ بنگلاديش، ڀارت ۽ ترڪي جي ڀيٽ ۾ پيٽرول جي قيمت سڀني کان گهٽ آهي. نئين اعلان کان اڳ پيٽرول جي قيمت 77 رپيا 47 پئسا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 85 رپيا 95 پئسا، لائيٽ ڊيزل جي 52 رپيا 12 پئسا ۽ گاسليٽ جي قيمت 57 رپيا 51 پئسا هئي.1127

هي به ڏسي سگهو ٿا

علي جهانگير صديقي جي آمريڪا ۾ مقرري تي حڪومت کان جواب طلب

لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ علي جهانگير صديقي کي آمريڪي سفير مقرر ڪرڻ خلاف داخل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے