18 جمعرات , جنوری 2018

اين آر او مکڻ ناهي سڀني کي عوام جي عدالت ۾ اچڻو آهي: ناصر شاهه

ڪراچي  (رپورٽر) سڌ سماءُ واري صوبائي وزير ناصر شاهه اڄ پاڪستان بزنس فورم جي سهڪار سان ايڪسپو سينٽر ۾ٻن ڏينهن واري فيملي ايڪسپو ٽينلنٽ ايوارڊ (فينٽا) جو افتتاح ڪيو. تقريب کي خطاب ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير چيو ته لياري ايڪسپريس وي کي  جنوري ۾ عوام لاءِ کوليو ويندو. هن چيو ته اين آر او مکڻ ناهي سڀني عوام جي عدالت ۾ اچڻو آهي. هن چيو ته گذريل ڏينهن صحافين تي ٿيل تشدد جي پرزور مزمت ڪيون ٿا ۽ انهن ماڻهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائيندا سين.صحافي جيڪا ايف آءِ آر چاهيندا اها درج ڪرائيندا سين. هن چيو ته ماڊل ٽائون سانحي تي باقر نجفي جي رپورٽ تي عمل ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ڪراچي ۾ هميشه ڌونس ۽ ڌانڌلي جي سياست ٿي آهي، ٻورين ۾ بند لاشن جي هاڻي سياست ڪونه ٿيندي. وڏن جلسن جا دعويٰ ڪيا ويندا آهن پر ماڻهو  ڪونه هوندا آهن، پي ايس پي جو مستقبل اونداهو آهي. نام نهاد مسيحائن جي اچڻ کانپوءِ بلدياتي ادارا تباهه ٿي ويا آهن، بلدياتي نمائندن کي پگهار سنڌ حڪومت ڏيندي آهي. ڪراچي ۾ سمورا ترقياتي ڪم اڳوڻي ناظم ڪراچي نعمت الله خان ڪرايا هئا، مصطفيٰ ڪمال کان 300 ارب رپين جو حساب گهرون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته مشرف اهو ٻڌائي ته محترمه جي سڪيورٽي ڪنهن هٽائي ۽ اسپاٽ ڪنهن ڌوتو، اسان اسڪاٽ لينڊ يارڊ ۽ ٻين ادارن کان تحقيقات ڪرائي آهي. هن چيو ته مشرف پاڪستان اچي ۽ عدالتن ۾ مقدمن کي منهن ڏي. هن چيو ته هر ماڻهو سعودي عرب لازمي وڃي پر هن جو مقصد سٺو هئڻ گهرجي. بعد ۾ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ايڪسپو ۾ فينٽا طرفان مختلف اسٽالن جو معائنو ڪيو ۽ منتظمين ۽ شرڪاء جي ڪاوشن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ عوام کي اهڙين سرگرميون فراهم ڪرڻ تي سارهايو. هن ان موقعي تي مختلف خدمتن جي حوالي سان شخصيات، مختلف ادارن ، ۽ ٻين ۾ شيلڊون ورهايون ، جن ۾ عبدالستار ايڌي، عبدالستار افغاني، الطاف شڪور، خليل عبدالستار، رستم آغا، هارون رشيد، بابر خان، سلمان بشير، جنيد جمشيد، ڊاڪٽر رٿ فائو پائو، طارق مرزاجميل، حنيف ملتاني، اورنگزيب جنهن لياري ۾ اسڪول ۾ کوليو آهي ۽ نگهت مڪل بيٺڪ اسڪولز نيٽورڪ ۽ وائس ڪائونسل جاپان اتاتا پڻ شامل آهن.ڊاڪٽر معراج الهديٰ ، شڪيل هاشمي، فاروق بقالي، محمد حسين محنتي، حافظ نعيم الرحمنٰ استقبال ڪيو جڏهن ته صاحبزاده طارق الله، طاهر اڪبر، سيد مظهر رضوي ۽ ٻيا موجود هئا.05

هي به ڏسي سگهو ٿا

گزين مري جو علحدگي پسند سياست ڇڏڻ جو فيصلو

بدين(ن ع آ نيوز) بلوچستان جي قوم پرست سياست جي اهم شخصيت نواب خير بخش …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے