18 جمعرات , جنوری 2018

ڪمند اگهه تي نظرثاني جو اعلان، بحران جو ذميوار وفاق،پنجاب مان 100 رپيا مڻ فراهم پيو ٿئي: مراد شاهه

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪمند جي بحران جو ذميوار وفاقي ۽ پنجاب حڪومت کي قرار ڏئي ڇڏيو، وڏي وزير چيو آهي ته پنجاب جو ڪمند سستي اگهه تي سنڌ جي شگر ملز کي ڏنو پيو وڃي، پنجاب مان هڪ سئو رپيا مڻ ڪمند ملڻ ڪري هتي ملز مالڪ وڌيڪ اگهه تي خريدڻ لاءِ تيار ناهن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪالهه صبح ڪراچي شهر جو اوچتو دورو ڪري هلندڙ ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو. وڏي وزير سان گڏ صوبائي مڪاني ادارن وارو وزير ڄام خان شورو، ڪراچي ڊويزنل انتظاميا ۽ ڪراچي پئڪيج جا لاڳاپيل آفيسر موجود هئا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڊي آءِ جي ڏکڻ  کي هدايت ڪئي ته سي ويو تان سموريون رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن ۽ شهرين کي نئين سال واري رات تي سمنڊ ڪناري وڃڻ کان نه روڪيو وڃي. هن چيو ته ڪراچي جا شهري ۽ نوجوان ذميوار آهن ۽ اهي پنهنجي يا ڪنهن ٻي لاءِ مسئلا پيدا نه ڪندا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪينٽ اسٽيشن فواره چوڪ کان گارڊن تائين روڊ  جو معائنو ڪيو، اليڪٽرونڪس مارڪيٽ واري روڊ تي ڪچرو ڏسي بيٺو ۽ هن ڪمشنر ڪراچي ۽ ڊي آءِ جي سائوٿ کي دڪاندارن سان ڳالهائڻ جو حڪم ڏنو. سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪچرو روڊ تي نه اڇلايو وڃي. وڏي وزير مزار قائد کان ٽيپو سلطان روڊ جو پڻ معائنو ڪيو، خالد بن وليد روڊ تي ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڏني ته شوروم وارا روڊ تي گاڏيون بيهاري رهيا آهن انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. شاهراهه قائدين تي شوروم مالڪن پاران فٽ پاٿ تي حددخليون ۽ اضافي فٽ پاٿ بڻائڻ تي وڏي وزير ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گارڊن وٽ (انڪل سريا اسپتال ويجهو) ترقياتي ڪم جو جائزو ورتو، صفورا چورنگي وٽ تعمير ٿيندڙ روڊ ۽ چورنگيءَ جو معائنو ڪيو سعدي ٽائون پمپنگ اسٽيشن جو دورو ڪيو، پمپنگ اسٽيشن تي موجود سڪيورٽي عملو نه هئڻ تي وڏي وزير ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.. سيد مراد علي شاهه چيو ته هوائي فائرنگ جي ڪنهن کي به هرگز اجازت نه هوندي. ڪوبه حادثو نه ٿئي، ڪنهن کي ڪابه تڪليف نه پهچي ۽ افراتفري نه ٿيڻ گهرجي. اهڙو مثال بڻائيندس جيڪو ايندڙ ڪم نه ڪندو ته مشڪل ۾ پئجي ويندو. سيد مراد علي شاهه چيو ته احتجاج جو شوق سڀني کي حاصل آهي پر احتجاج جائز مطالبي تي ڪيو وڃي. هن چيو ته پنجاب ڳالهيون وڏيون ڪندو آهي پر ڪمند جا اگهه ٺيڪ نه آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته آبادگارن جي فائدي لاءِ وفاق کان کنڊ تي 20 رپيا سبسڊي گهري هئي. هن چيو ته اسان کنڊ تي 9 رپيا 30 پئسا سبسڊي ڏيڻ جي منظوري ڏئي چڪا آهيون. اي سي سيءَ اسانکي کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت نه ڏني آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ روڊ، انڊرپاسز سميت ترقياتي ڪم هلندڙ آهن جنهن ڪري 4 کان 8 مهينا شهرين کي تڪليف ٿيندي پر ايندڙ 8 کان 10 سال رليف ملندو. هن چيو ته سڄي شهر کي ٺيڪ ڪرڻ جو پلان آهي پر هڪ ڏينهن ۾ سڀ ڪجهه ممڪن نه آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪمند جي بحران جي ذميوار وفاقي ۽ پنجاب حڪومت آهي. پنجاب کان سئو رپيا في مڻ ڪمند سنڌ جي شگر ملن کي فراهم ڪيو پيو وڃي. سيد مراد علي شاهه چيو ته پنجاب کان گهٽ اگهه تي ڪمند ملندو ته سنڌ جي آبادگارن جو مهانگو ڪمند ڪير خريد ڪندو؟. هن چيو ته اسان پنجاب کان ڪمند جو اگهه ٻه رپيا وڌيڪ مقرر ڪيو ته جيئن آبادگارن کي فائدو پهچي. پنجاب هڪ سئو اسي ۽ اسان هڪ سئو ٻياسي رپيا اگهه مقرر ڪيو. وفاقي حڪومت طئي ڪرڻ باوجود شگرملن کي اڃا تائين سبسڊي ڏيڻ جو اعلان ناهي ڪيو. هن چيو ته سنڌ حڪومت شوگرملن کي پنهنجي حصي جي 9 رپيا 30 پيسا سبسڊي ڏئي رهي آهي. سي سي آءِ جلاس ۾ وفاقي حڪومت طئي ڪرڻ باوجود شگرملز کي 10 رپيا 70 پيسا سبسڊي ورتي واعدي تي عمل نه پئي ڪري، جنهن سان سنڌ ۾ آبادگارن لاءِ مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن. وڏي وزير چيو ته زراعت واري وزارت شوگرمل مالڪن ۽ آبادگارن جي نمائندن سان ڳالهائي معاملي جو پائيدار حل ڪڍي رهي آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته ڪمند جي اگهن جو ٻيهر جائزو ورتو وڃي، ڪمند جو اگهه اهڙو هئڻ گهرجي جيڪو سڀني ڌرين لاءِ قبول جوڳو هجي آبادگارن کي احتجاج جو حق آهي پر اهي اهو ضرور ڏسن تي قصور ڪنهن جو آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هارين سان گڏ آهي ڪنهن به قسم جي زيادتي ٿيڻ نه ڏينداسين. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايم ڊي واٽر بورڊ کي فوري طور تي نارٿ ايسٽ ڪراچي فلٽر پلانٽ پهچڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته ٽن شفٽن ۾ پنج پنج ماڻهو مقرر ڪيو باقي جيڪي پلانٽ تي غيرحاضر عملو آهي تنهن کي فارغ ڪيو وڃي. وڏي وزير ڊپٽي ڪمشنر اوڀر ڪراچي کي فوري طور تي ٽي پوليس گارڊ نارٿ ايسٽ ڪراچي فلٽر پلانٽ تي مقرر ڪرڻ جو حڪم ڪيو. مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي جي هڪ حصي کي بغير فلٽر جي پاڻي فراهم ٿي رهيو آهي جيڪو شهرين سان وڏو ظلم آهي، جيڪي ماڻهو ڪراچيءَ کي پنهنجو چوندا هئا انهن ئي اهڙو حال ڪيو آهي. وڏي وزير سن سيٽ انٽرسيڪشن پل تي هلندڙ ترقياتي ڪم ورتو ۽ رين انڊر پاس جو پڻ دورو ڪيو، جتي هلندڙ ڪم جي رفتار سست هئڻ تي پنهنجي ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي سيد مراد علي شاهه مڪاني ادارن واري وزير ڄام خان شوري کي چيو ته مون کي اڄ تائين ڊيٽ لائن ڏني وڃي ته ڪهڙي ڏينهن ان جي هڪ حصي جو افتتاح ڪريان. ڪم جو معيار سٺو آهي پر دير ڇو ٿي رهي آهي. ان بعد سيد مراد علي شاهه سمنڊ ڪناري (سي ويو) پهتو جتي موجود ڪنٽينر هٽائڻ واري ڪم جو جائزو ورتو. ان دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته نيو ايئر نائٽ لاءِ رڪاوٽون برادشت نه ڪيون وينديون. سيد مراد علي شاهه چيو ته مون جهڙا ماڻهو ته رات جو نڪرندا ئي نه آهي. پر جيڪي ماڻهو ٻاهر نڪرندا آهن انهن جو خيال رکيو وڃي. سيد مراد علي شاهه چيو ته نوجوان سمنڊ ڪناري ۽ روڊن تي ويهندا ته ڇا ٿيندو، روڊ تي زندگي اسان به گذاري آهي. وڏي وزير ڊي آءِ جي سائوٿ کي هدايت ڪئي ته ڪنهن به قسم جو ڪو حادثو نه ٿئي، ڪابه ڪنهن کي تڪليف نه پهچي ۽ نه ئي افراتفري پيدا ٿئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بوٽ بيسن وٽ صحافين ۽ سندس گڏ موجود آفيسرن سان ناشتو پڻ ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رد ٿيل گُڏن کي عوام وري وائکو ڪري ڇڏيو: مريم نواز

لاهور (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڌيءُ ۽ ن ليگ اڳواڻ مريم نواز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے