18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

آصف زرداري اي پي سي فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري عوامي تحريڪ جي اي پي سي جي فيصلن جي حمايت جي منظوري ڏئي ڇڏي.  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري اي پي سي جي فيصلن جي حمايت ڪندي چيو ته پ پ ماڊل ٽائون سانحي جي متاثرن سان گڏ بيٺل آهي، شهيدن جي وارثن کي انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ هر فورم تي آواز اٿاريندي رهندي.  آصف علي زرداري ماڊل ٽائون سانحي ۾ انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ آواز اٿارڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اي پي سي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي ۾ پ پ پنهنجو ڀرپور سياسي ڪردار ادا ڪندي. آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري چونڊ مهم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چئني صوبن ۾ چونڊ اميدوارن جو جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو. پنجاب ۾ چونڊن جي تياري ۽ اميدوارن جي ڳولا لاءِ اجلاس طلب ڪيا ويا آهن. آصف زرداري داتا گنج بخش جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

9 مهينن لاءِ سنڌ جي ساڍن 8 کربن جي بجيٽ، ترقياتي پروگرام ۾ ڪٽوتي، 20 ارب خسارو

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ): سنڌ سرڪار مالي سال 19/2018 جي 9 مهينن جي 852 ارب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے