20 خميس , سيپٽمبر 2018

دهشتگردي جا ڏينهن ڳڻجي چڪا، 2018ع خوشحاليءَ جو سال ثابت ٿيندو:اياز صادق

اسلام آباد  (بيورو) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته 2018ع جو سج پاڪستان جي ترقي، عام ماڻهو جي خوشحالي ۽ جمهوريت جي استحڪام جي نويد کڻي اڀرندو، 2018ع ان ڳالهه جو گواهه هوندو ته اسان تاريخ جي هڪ صفحي کي ورائي موجوده دور جي چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي نئين عزم سان هڪ نئين سفر تي گامزن ٿيا آهيون. نئون سال شروع ٿيڻ تي قوم جي نالي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ اسپيڪر معاشري جي پٺتي پيل طبقن جي ترقي لاءِ موجوده حڪومت جي حصيدار جمهوريت جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن ۽ 2018ع پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو سال ثابت ٿيندو. هن ملڪ جي دفاع، سلامتي لاءِ هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي خدمتن ۽ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته پوري قوم شهيدن جي خاندانن سان گڏ بيٺل آهي. پاڪستان کي درپيش چئلينجن جو حوالو ڏيندي سردار اياز صادق جو چوڻ هو ته پاڪستاني قوم مستقل مزاجي سان اڳڀرائي ڪندي انهن چئلينجن تي ضابطو آڻيندي. هن پنهنجي هم وطنن کي گڏيل اختلافن کي وساري باباءِ قوم جي ايمان، اتحاد ۽ تنظيم جي رهنما اصولن تي متحد ٿيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن برابر ترقي ۽ فلاحي رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ بين المذاهب هم آهنگي ۽ بين القائد مڪالمي جي ضرورت تي زور ڏنو.05

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے