21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

نئون سال ۽ سنڌ ۾ تبديليءَ جو سوال

عبدالخالق جوڻيجو

اڄ ڪلهه سنڌ ۾ هڪڙو جملو فيشن جي حد تائين وڌي ويو آهي ”دنيا تبديل ٿي وئي آهي، سنڌين کي به تبديل ٿيڻ کپي“ هر سياستدان، صحافي، ليکڪ، دانشور، ايستائين جو سياري جي اس ۾ چانهه جي ڪوپ تي سگريٽ جا ڪش هڻندي اخبارن تي تبصرا ڪندڙ به نصيحت جي انداز ۾ اهو جملو ورجائي ٿو. هاڻي جڏهن سال تبديل پيو ٿئي ته ان موقعي تي مناسب ٿيندو ته تبديليءَ بابت ۽ سنڌي جي رول بابت ڪجهه ويچار ونڊجن.

سڀ کان پهرين ڳالهه ته دنيا تبديل رڳو اڄ (ايڪويهين صدي) ڪا نه پئي ٿئي. سدائين ٿيندي ٿي رهي، ڪپڙن کان آجو غارن ۾ رهندڙ انسان اڄوڪي صورتحال (جڏهن اهو مريخ تي ڪمند وجهي رهيو آهي) تائين مسلسل ٿيندڙ تبديليءَ جي نتيجي ۾ پهتو آهي. انساني تاريخ جي هڪ عظيم انسان ڪارل مارڪس چواڻي ته ”دنيا ۾ ڪا به شيءِ مستقل ناهي، سواءِ تبديليءَ جي“ ايترو ضروري آهي ته اڄ تبديليءَ جي رفتار گهڻي تيز آهي پر اها رفتار به رڳو هاڻي يا اوچتو ڪنهن بٽڻ سان تيز ڪا نه ٿي آهي، جيئن جيئن تبديليءَ جو عمل اڳتي وڌندو ويو آهي تيئن تيئن تبديليءَ جي رفتار به تيز ٿيندي وئي آهي.

ان ڳالهه کان ته ڪنهن کي به انڪار ڪو نه ٿيندو ته دنيا سان گڏ سنڌ ۽ سنڌين کي به تبديل ٿيڻ گهرجي، تبديليءَ جا ٻه مک محرڪ هوندا آهن، هڪڙو معروضي حالتون ۽ ٻيو انسانن جون شعوري ڪوششون، معروضي حالتن جي حساب سان ته سنڌ تبديل ٿي رهي آهي، ڏسڻو اهو آهي ته اسان جون شعوري ڪوششون ڪهڙيون ۽ ڪيتريون آهن. دنيا ۾ ايندڙ تبديليون سنڌي قوم لاءِ ڪارائتيون ۽ فائديمند تڏهن ٿينديون جڏهن اسان جي شعوري ڪوششن جو رخ درست هوندو. ڏسڻو اهو آهي ته اسان جون ڪوششون تبديليءَ جي گهوڙي جي واڳ وٺي ان کي سنڌ جي ڀلي ڏانهن موڙڻ لاءِ آهن يا ان جي  پويان ڊوڙندي ان مان ”ڪرندڙ شيون“ ميڙڻ لاءِ؟ اتي اسان کي اهو به ذهن ۾ رکڻو پوندو ته سڄي دنيا ۾ تبديليون هڪ وقت هڪ جهڙيون ۽ هڪ ڪريون ناهن ٿينديون، هر قوم جي تبديليءَ جي شڪل جو دارومدار ان تي هوندو آهي ته اها سماجي طور ڪهڙي مرحلي ۾ آهي ۽ اها ڪهڙي رياستي سرشتي جو حصو آهي. تيز ڳانڍاپي واري اڄوڪي دور ۾ عالمي منظرنامي ۾ ايندڙ تبديلين جو اثر لازمي طور دنيا جي گولي تي رهندڙ هر قوم تي پوندو پر ان جي سطح ۽ شڪل، معيار ۽ مقدار جو دارومدار مقامي صورتحال تي هوندو.

دنيا جي ترقي يافتا، طاقتور ۽ بالادست ملڪن لاءِ تبديليءَ جو مطلب وڌيڪ طاقت وڌيڪ دولت وڌيڪ دنيا تي بالادستي، وڌيڪ عيش آرام جي زندگي ۽ ان لاءِ وڌيڪ موتمار هٿيار گڏ ڪرڻ آهي، جڏهن ته ڪمزور، محڪوم ۽ پوئتي پيل ماڻهن لاءِ تبديليءَ جو مکيه ۽ اولين مقصد پنهنجي وجود ۽ پنهنجي سڃاڻپ کي بچائڻ آهي، جنهن کي خطرو ترقي يافتا ۽ طاقتور ملڪن جي وڌيڪ ترقيءَ واري حوس کان آهي. يعني هڪڙن جي ترقي ٻين جي تباهي ٿي سگهي ٿي. آمريڪا، افغانستان ۽ عراق تي حملو پنهنجي ملڪ جي شاهوڪار ڪمپنين کي وڌيڪ شاهوڪار بڻائڻ لاءِ ڪيو. افغانستان ۽ عراق جي جيڪا تباهي ٿي آهي دنيا جي سامهون آهي. وچ اوڀر جي سڀ کان غريب ۽ پوئتي پيل ملڪ يمن کي سعودي عرب جنگ ذريعي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي. عالمي ادارن جي رپورٽن مطابق جنگ سان گڏ ڏڪار جي نتيجي ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو الميو جنم وٺي رهيو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ لکين ماڻهو خاص ڪري عورتون ۽ ٻار موت جي وات ۾ هليا ويندا. ان حالت ۾ سعودي عرب سان 110 ارب ڊالرن جو دنيا جو سڀ کان وڏو معاهدو ڪندي آمريڪي صدر خوشيءَ مان چيو ته ان معاهدي سان آمريڪا ۾ هزارين ماڻهن کي روزگار ملندو.

ڇا اسرائيل ۽ فلسطين وٽ تبديليءَ ۽ ترقيءَ جو مطلب ساڳيو ٿي سگهي ٿو؟ اسرائيل فلسطين جي ڌرتيءَ تي قبضو ڪندي، فلسطين کي بي گهر ڪندي نوان روڊ رستا ۽ عاليشان گهر ٺاهي ترقي ڪري رهيو آهي، جنهن سان فلسطين جو چهرو تبديل ٿي رهيو آهي پر اها ئي ترقي فلسطين جي نه رڳو اقتصادي پر سياسي، ثقافتي، تاريخي ۽ تهذيبي تباهيءَ جو سبب بڻجي رهي آهي، ڇا ڀارت ۽ ڪشمير لاءِ ساڳئي وقت تبديليءَ  جو ساڳيو مطلب ٿي سگهي ٿو؟ ڀارت ترقي ڪندي تبديل ٿي رهيو آهي، اهو مريخ ڏانهن جهاز موڪلي ۽ ڪار ريسنگ لاءِ 25 ارب رپين جا ميدان ٺاهي رهيو آهي جڏهن ته  ڪشميري نوجوان پنهنجي وجود ۽ سڃاڻپ جي بچاءَ ۽ بقا خاطر رستن تي پنهنجو رت هاري رهيا آهن.

دنيا ۾ سڀ کان تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ چين وٽ ترقيءَ جو جيڪو تصور آهي ڇا سنڪيانگ جي يوگر ماڻهن وٽ به اهو ئي آهي، جتي چين عاليشان روڊ رستا (سي پيڪ) ٺاهڻ ۽ ڪارخانا قائم ڪرڻ سان گڏ وڏي پيماني تي آبادي به منتقل ڪري رهيو آهي جنهن سان يوگر ماڻهن جي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جو امڪان وڌي رهيو آهي. خود چين جي اندر ڇا سدائين تبديليءَ جو ساڳيو ئي مفهوم رهيو آهي؟ 1949 کان اڳ ۾ جڏهن چين جپان ۽ انگليڊ جي غلاميءَ هيٺ هئو ڇا تڏهن به انهن وٽ تبديليءَ جو مقصد روڊ، رستا ڪارخانا ۽ ٽيڪنيڪل ڪورس ڪري ڪجهه ڪجهه نوڪريون حاصل ڪرڻ هو يا بنيادي سياسي ۽ رياستي تبديلي آڻي پنهنجي وطن تي اختيار حاصل ڪرڻ هو؟

هاڻي اچون ٿا سنڌ جي صورتحال ڏانهن، هتي اڳ ۾ يورپ-آمريڪا ۽ هاڻي چين جي حڪومت ۽ خانگي ڪمپنيون ”ترقيءَ“ جا منصوبا جوڙي تبديلي آڻڻ ٿا چاهين. ان ۾ زراعت، ڪارخانا، قدرتي وسيلا، بجلي، سياحت جهڙا شعبا اچي ٿا وڃن. انهن سڀني لاءِ انهن کي اسان جي زمين گهرجي جيڪا اهي مختلف طريقن ۽ هيلن بهانن سان والاري رهيا آهن. ان کان علاوه ٻين ملڪن کان به ٻين صوبن کان ايندڙ ماڻهن لاءِ نيون ڪالونيون، اڃا به نوان شهر اڏيا پيا وڃن، جنهن جي نتيجي ۾ وڏا ۽ عاليشان روڊ، رستا، ايئرپورٽ ۽ بجلي گهر ٺهي رهيا آهن، ان سڄي عمل ۾ پنجاب جي بالادستيءَ واري پاڪستان جي حڪومت سهولتڪار بڻيل آهي.

ان صورتحال ۾ اسان جا ڪيترا سياستدان ۽ اڪثر دانشور ليکڪ چئي رهيا آهن ته دنيا تبديل ٿي وئي آهي، ترقيءَ جون نيون راهوون کلي رهيون آهن، تنهن جي ڪري اسان کي پراڻا مقابلي ۽ مزاحمت وارا طريقا ڇڏي ان ترقيءَ جو حصو ٿي ان مان فائدو وٺڻ گهرجي، هاڻي ترقي ٿيڻ ته پنهنجي جاءِ تي صحيح آهي پر بنيادي سوال اهو آهي ته ترقي ڪنهن جي لاءِ؟ ترقي ته آمريڪا ۽ آسٽريليا ۾ به ٿي ۽ زبرست ٿي پر پوءِ اتان جي ڌرتي ڌڻين جو ڪهڙو حشر ٿيو، اتي ترقيءَ جا مزا ته ٻاهران آيل ماڻهو ماڻي رهيا آهن، اصلوڪا رهاڪو ( ريڊ انڊين ۽ ابوريجن) هڪڙا ته مري کپي ويا جڏهن ته ٻيا اڄ به ٻئي درجي جي شهرين واري زندگي گذاري رهيا آهن، بلڪل ساڳئي نموني ٿر ۾ ڪوئلو نڪرڻ کان پوءِ اتي راتورات ۾ عاليشان روڊ رستن سان گڏ ايئرپورٽ پيا ٺهن، رات کي ڏينهن بنائيندڙ بجليون به هڪڙيون آهن ٻيون اينديون پر اهي سڀ ڌارين لاءِ سنڌي ماڻهن جا صدين جا جهڳا ۽ جهوپڙيون تباهه، ڳوٺن جا ڳوٺ ويران، زمينون ۽ چراگاهه قبضي هيٺ، پاڻ دربدر، اسان جي ڌرتيءَ تي ٿيندڙ ترقيءَ جي چوڌاري چوڪيون قائم جتي ڌاريا بندوق بردار اسان کان اسان جي سڃاڻپ پڇي رهيا آهن، بلڪل ايئن جيئن اسرائيلي فوجي فلسطين جي ڌرتيءَ تي هلندڙ فلسطينن کان سڃاڻپ پڇندا آهن، يا جيئن نسل پرست ڏکڻ آفريڪا ۾ گورا قبضي گير ڌرتي وارث ڪارن سان ورتاءُ ڪندا هئا. اهڙي صورتحال لاءِ ئي سنڌ جي تاريخي ڏاهپ جو ڏس آهي ته ”اهو سون ئي گهوريو جيڪو  ڪن ڇني“ يا جيئن اردو جي شاعر ڊاڪٽر محمد اقبال چيو ته ”جس کيت سي دهقان ڪو ميسر نه هو روٽي، اس کيت ڪي پر خوشه گندم ڪو جلادو“ بحريا ٽائون ۽ ڊي ايڇ اي الڳ ترقيءَ جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙن تي ڌاريا آباد ڪري رهيا آهن.

پر اسان جا ليڊر ۽ دانشور چون ٿا ته اها ترقي قدرت جي تحفي طور قسمت سان ملي رهي آهي، ان موقعي کي ٻنهي هٿن سان جهلجي، ان ترقيءَ مان سنڌين کي ڇا ملندو واري سوال جي جواب ۾ چون ٿا ته ٽرڪ/ڊمپر ڊرائيور، پلمبر، اليڪٽريشن وغيره جهڙيون ”ٽيڪنيڪل نوڪريون“ ان جو مطلب ته سنڌ جي ايندڙ ڪيترن نسلن جي روزگار جي ذريعن ۽ وسيلن جي مالڪي ٻين کي ڏيئي پوءِ اسان وري انهن جائي نوڪر ٿيون، ٻيا وري چون ٿا ”اها ترقي ته هونءَ ئي ٿيندي، ان کي روڪي نه ٿو سگهجي، تنهن ڪري جيترو ٿي سگهي ان مان فائدو وٺجي؟ ان جو مطلب ٿيو ته هٿيار ڦٽا ڪجن ۽ ڌارين سان مالڪ ۽ نوڪر وارو تعلق قبول ڪجي، اها ته حقيقت آهي ته مالڪ ۽ نوڪر جي حيثيت ۽ حق ڪڏهن به برابر نٿا ٿي سگهن، مالڪ کي جڏهن ۽ جهڙو وڻي نوڪر سان سلوڪ ڪري 1972ع ۾ جي ايم سيد سنڌين کي سڏ ڏنو ته ”اچو ته سنڌ جي مالڪي وٺون“ ذوالفقار علي ڀٽي چيو ته اچو ته توهان کي نوڪريون وٺرائي ڏيان، سنڌين جي وڏي اڪثريت نوڪريءَ واري سڏ کي ورنايو. ان جي نتيجي ۾ سنڌ جي ڪهڙي حالت ٿي آهي، سا سڀني جي سامهون آهي.

روزگار ڪرڻ ڪو غلط ڪم ڪونهي، پيٽ پالڻ ۽ زندهه رهڻ لاءِ ڪيترائي فلسطيني اسرائيل جي ڪارخانن ۽ ٻين ترقياتي منصوبن ۾ ڪم ڪن ٿا، پر فلسطيني دانشور ۽ سياسي اڳواڻ نوجوان نسل کي اهو ئي سبق ٿا پڙهائين ته فلسطين جي ڌرتي اسان جي آهي، اسرائيل جو قبضو ناجائز آهي، ان کي ختم ڪرائڻ لاءِ آخري ماڻهو آخري دم تائين جدوجهد ڪرڻي آهي. فلسطينن جو ٽيون نسل وطن جي واپسي لاءِ وڙهي رهيو آهي ۽ چوٿون نسل مزاحمتي جنگ جي پاڇي ۾ جوان ٿي رهيو آهي. جيتوڻيڪ ويجهي مستقبل ۾ اسرائيل قبضو ختم ٿيندي نظر نٿو اچي پر انهن هٿيار ڦٽا ناهن ڪيا ڇاڪاڻ ته اهي ڄاڻن ٿا ته قومي آجپي جي جنگ نسلن جي ويڙهه هوندي آهي.

هڪڙا  همراهه اهو به چون ٿا ته دنيا تبديل ٿي وئي آهي تنهن ڪري حڪمرانن خلاف جدوجهد ڪرڻ ضروري ناهي، انهن سان گڏجي انهن جي آڏو پنهنجو ڪيس پيش ڪجي ۽ انهن جي همدردي حاصل ڪري پنهنجا حق وٺجن. واهه وسائين واهه! اها تبديلي ترقيءَ ڏانهن آهي يا تنزليءَ ڏانهن؟ ايئن ته اڻويهين صديءَ جي آخر ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس ۽ ويهين صديءَ جي شروع ۾ مسلم ليگ وارا ڪندا هئا جڏهن اهي انگريز سامراج آڏو عرضداشتون پيش ڪندا هئا، نه رڳو اهي همراهه ائين چون ٿا پر ان جو عملي مظاهرو به ڪن ٿا. ڪڏهن اهي پنجاهه سالن کان سنڌ جو سودو ڪندڙ پيپلز پارٽيءَ جو پاسو وٺن ٿا ته ڪڏهن سئو سالن کان سامراجين جي ساٿاري مسلم ليگ (فنڪشنل) وٽ پيش ٿا ٿين. ڪي ته وري مسلم ليگ (ن) سان ٺاهه ڪري سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ٿا ڪن اهو چوندي ته جڏهن حق کسيندڙ حڪمرانن سان گڏ ويهبو تڏهن ئي حق ملندا. اهو ته ايئن ٿيو ته ”ڀينگ به ڪئي جهان خان، فيصلي لاءِ به هلبو جهان خان وٽ“ ڪي ته وري ترقيءَ جي راهه تي اڃا اڳتي وڌندي دنيا جي ”بادشاهه“ آمريڪا جي آڏو ڪيس پيش ڪرڻ ۽ ان جون همدرديون حاصل ڪرڻ جا هوڪا ٿا ڏين، اهو آمريڪا جنهن جو 70 سالن کان ڌنڌو ئي انسانن ۽ قومن کي غلام بڻائڻ ۽ انهن جو استحصال ڪرڻ آهي.

اڃا ٻيا دوست وري چون ٿا ته رياستي نظام جي تبديليءَ واري ڳالهه آهي ته درست پر جيستائين اها تبديلي اچي تيستائين حڪمرانن جي آشيرواد ذريعي حق وٺجن، هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته اها تبديلي آڻيندو ڪير يا اهي دانشور سمجهن ٿا ته اها تبديلي پاڻيهي ايندي، ٻيو اهو ته جڏهن توهان ”ساڳي پگهار تي ڪم ڪرڻ“ لاءِ تيار هوندئو ته پوءِ توهان جي ”مطالبن“ تي ڪير ڪن ڇو ڌريندو.

باقي جيستائين دنيا تبديل ڪندڙ ترقياتي منصوبن جو تعلق آهي ته جڏهن انگريز هندستان ۾ ريلوي جو ڄار وڇايو ته اهو منصوبو ان وقت جي حساب سان سي پيڪ کان گهٽ نه هئو، ان ذريعي بيشمار هندستانين کي نوڪريون به مليون پر پوءِ حتمي نتيجو ڪهڙو نڪتو؟ اهو ئي جيڪو نڪرڻو هو. مقامي ماڻهن جي وسيلن جي ڦرلٽ کي آسان ۽ تيز بڻائڻ، انگريز جي اچڻ وقت بنگال ننڍي کنڊ جو ترقي يافتا خطو هو. اتان جون تيار ٿيل شيون انگريز واپاري کڻي وڃي يورپ جي بازارن ۾ وڪڻندا هئا، جڏهن انگريز وڃڻ لڳو (ٻي عالمي جنگ وقت) ته بنگال ۾ ڏڪار پيو سو تبديلي ضرور اچڻ کپي ۽ تبديلي اچي به رهي آهي، پر ضروري ناهي ته تبديليءَ جو هر رستو خودبخود ترقيءَ ڏانهن وٺي ويندو هجي ۽ اسان تبديليءَ جي رستي تي هلندڙ هر گاڏيءَ جا مسافر ٿي پئون. اسان جي لاءِ اها تبديلي ڪارگر ٿيندي جنهن جي واڳ اسان جي هٿ ۾ هوندي، سنڌ ۾ سنڌي قوم جي ترقي تڏهن ٿيندي جڏهن اڻ برابري بالادستي ۽ ڦرلٽ تي ٻڌل موجوده رياستي نظام ۽ سنڌ جو سماجي سرشتو تبديل ٿئي ۽ سنڌ جي ڌرتي، سنڌ جي وسيلن ۽ سنڌ جي سياست تي سنڌي ماڻهن جو اختيار هجي. جيڪڏهن اڻ برابري، تفريق ۽ استحصال تي ٻڌل نظام ۾ رهندي محڪومن کي حق ملڻ ممڪن هجن ها ته ڏکڻ آفريڪا جا ڪارا ماڻهو ايتري ڊگهي ۽ ايڏي خطرناڪ جدوجهد نه ڪن ها ۽ نه ئي نيلسن منڊيلا 27 سال جيل ۾ پٿر ڪٽي ها يا جيڪڏهن گانڌي، نهرو، آزاد ۽ سڀاش چندر بوس انگريزن خلاف جدوجهد ڪرڻ بجاءِ انهن جي ترقيءَ جو حصو بڻجي هم وطنين کي نوڪريءَ جو گس ڏيکارين ها ته اڄ ڀارت نه ئي ترقي جو مثال بڻجي سگهي ها ۽ نه ئي ڀارتي عالمي برادريءَ ۾ عزت ۽ وقار سان ٻين قومن سان همسري ڪري سگهن ها، ان ڪري ئي چيو ويو آهي ته ”ڪانهي ڪا تاريخ ۾ ويڙهه سواءِ ٻي واهه“ يا اهو ته ”فيض مرشد کان پني وٺبو آ، حق حاڪم کان ڇني وٺبو آ“.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ووٽ ذريعي تبديلي آڻڻ جو وقت اچي ويو

حيات  تنيو تمام گھڻن وهمن، وسوسن ۽ خدشن جي باوجود اهو چئي سگھجي ٿو ته …

هڪ تبصرو

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے