17 بدھ , جنوری 2018

عشق پڇي نه ذات..

حافظ سڪندر تنيو

دنيا ۾عشق جي موضوع تي گهڻو ڪجهھ لکيو ويو آهي. هر هڪ اديب،ليکڪ، شاعر ان تي طبع آزمائي پئي ڪئي آهي.برطانيا جي شهزادو تخت تاج عشق جي اک لڳائڻ سبب ڇڏي ڏنو هيو.هير سيالڻ سان هزاري تخت جي وارث رانجهي پريت جو پيوند ڳنڍيو هيو،سسئي ءَسان ڪيچ جي حاڪم جي پٽ پنهوء ڪشالا ڪڍيا هئا،خيرپور رياست جي واليءَ  ميرعلي نواز ناز لاهور جي بازار حسن جي ملڪه بالي بيگم سان اکيون اڙايون هيون.جنهن پنجاپڻ مُٽيار مير کي ڦري ڪنگلو ڪري ڇڏيو هيو ،جهٽ جهٽ کانئس رسي لاهور هلي ويندي هئي ته مير صاحب خيرپور مان وڏن ماڻھن کي ساڻ ڪري ريل ڀرائي ڏانهنس ميڙ ڪري موٽرائي ايندو هيو،پهرين مهاڀاري لڙائي پڻ هڪ ناريءَ سان ڪيل شهزادي جي عشق سبب لڳي هئي.ماتليءَ  جو سنڌي وڏيرو رئيس ڪريم بخش نظاماڻي ءَ جي والد جو نينهن هڪ ميراثڻ ذائفان سان ٿيو هيو.جنهن جي ڪک مان رئيس ڄائو هيو.سو اڄ عشق جي موضوع تي چاراکر لکي رهيو آهيان ڇو جو عشق لاءِ سچل چيو هيو جنهن دل پيتا عشق داجام سادل مستو مست مدام،سچل جڏھن درياهه ٽپي لاڙڪاڻي ايندو هيو ته محبوباکي گهونگهٽ منجهھ  ڏسي چيائينس ته گهنڊ کول ديدارڪرا، مين آيا مک ويکڻ، ڀٽائي پڻ مغلياڻي وڏيريءَ کي دم تعويذ ڏيندي اکيون اڙائي ويٺو ۽ چيچ ۾ چهنڊي پاتي هئائين.سائين جي ايم سيد پڻ هڪ سندريءَ کي عشق جو سڳو ٻانهن ۾ ٻڌو هيو، جناب ڀٽو پڻ حسنا شيخڻ جي حسن تي موهت ٿي پيو هيو. صوفي سڳورا پڻ مستي ۾ مخمور ٿي اناالحق ڳائيندا وڄائيندا هيا، کين چئبو هيو درويش هي ڇا ٿا ڪريو؟جواب ملندو هيو اسانجي ظاهر کي نه ڏسواسين اندر فڪر ۾ فنا ٿي چڪا آهيون. ڪيترا سرمد اهي منزلون ماڻي چڪا هئا،ايوب ڪرماني جيڪواردو جو مشهور اديب ٿي گذريو آهي ان قرةالعين سان عشق ۾ ناڪامي ءَ سبب هوٽل جي ٽين ماڙ تان ٽپو ڏئي زندگيءَجو انت آندو هيو،سنڌي زبان جا ٻه وڏا شاعر ٿي گذريا آهن جن پڻ عشق جو ذائقو چکيو هيو پر ٻنهي ءَ هڪ موڪ مان پاڻي نه پيتو هيو پر سندن پيچون مخالف طرف ويندڙ ھيون.  بوٽاسنگهھ نالي هڪ سک عاشق ورهاڱي کان پوءِ هڪ مسلمان عورت کي اغوا ڪري اوڀر پنجاب کڻي ويو هيو جنهن سان کيس عشق هيو اها عورت موٽرائي ويئي ۽ هو کيس ڳولهڻ لاءِ اولھه پنجاب آيو جتي نه ملڻ سبب ريل هيٺان پاڻ ڏيئي حياتيءَجو ڏيئو اجهائي ڇڏيائين ،ساحر لڌيانوي جو شاعره امرتا پريتم سان عشق هيو جنهن مان کيس پٽ به ٿيو هيو ڇوڪري کي طعنا ملندا هئا ته تون پنهنجي پيءُ منجهان نه پر ساحر مان ناجائزڄاول آھين،ڇوڪرو ماءُ کان معلوم ڪندو رهندو هيو پر هوءَ کانئس نٽائي ويندي هئي. اڄ هڪ نرالي عشق جو قصو کولي رهيو آهيان،ڪن لائي ٻڌو ته پورهيو صاب پوندم. انگريز بهادر ننڍي کنڊ تي لڳ ڀڳ مُنيون ٻه صديون حڪومت ڪري ويو آهي،ھي پڙھيل لکيل سيبتا منتظم ۽ ڪامياب ڪاروباري ماڻھو هيا،انهن واپارين حرفت ۽ چالاڪي ءَ سان اسان جي ملڪن تي قبضاڪيا.جڏھن وڃڻ وارا ٿيا ته بجاءِ جن قومن کان سندن ملڪ کسيا هيائو  تن کي ڏيڻ جي، ويندي ويندي مذهبي نفرتن کي هشي ڏيڻ خاطر مذھب جي نالي ۾ ملڪ کي ٻن مذهبن جي ماڻهن  حوالي ڪري هليا ويا.جنهن تي باشعور مذھبي طبقي مولاناآزاد،مولانا سيد حسين احمد مدني ۽ مولانا عبيدالله سنڌي جهڙن احتجاج ڪيو هيو ته ايئن ورهاست نه ڪريو.

اچو اڳتي ٿا هلون هنن پنهنجا پڙھيل لکيل فوجي ۽ سويلين ڪامورا برطانيا مان پئي گهرايا،اهڙو ئي هڪ فوجي ڪرنل نيڊو NEEDOجي نالي سان هيو. کيس هندوستان گهرايو ويو.هي موڪلن ۾ ملڪ جي سياحت لاءِ اڪيلي سر نڪري ويندو هيو ،کيس اڄ جي حڪمرانن جيان ماڻھن مان ڀؤ نه ٿيندو هيو ،جيڪڏھن هو پنهنجي حفاظت لاءِ فورس گهري ها ته ڪرنل جي عهدي تي ويٺل کي ڇا نه ڏنو وڃي ها. اڄ هتان جا ملڪي سياستدان ڏسون ٿا ته ٽرڙن وڏيرن جي اڳيان پويان پوليس ۽ رينجرس جي وڏي پلٽڻ هلي رهي آهي.هڪ پنجابي ڪاموري اشفاق نقوي  پنهنجي آپ بيتي ” پاپ بيتي“نالي سان لکي آهي جنهن ۾ لکيو اٿس ته سندس والد سنڌ ۾ پوليس ڊي ايس پي جي عهدي تي هيو جتي به ويندو هيو ته سنڌي وڏيرا سندس خدمت ڪرڻ ۾ کٿا نه ماپندا هئا،سن ۾ جي ايم سيد وٽ به مهمان بڻبوهيو ته سيد سندس لاءِ نويڪلو بنگلو خالي ڪرائيندو هيو.هڪ ڏينهن سن ڳوٺ ۾ صاحب ترسيل هيو هڪ ڳوٺاڻو پنهنجي گهر جي ڇت تي ڪنهن سبب ڪري چڙهيو ،کيس ڊي ايس پي صاحب ڏسي ورتس، ماڻھو موڪلي کيس گهرايائين ۽ اهڙي ته ان مسڪين بيوس هاريءَ کي پنهنجو رعب ويهارڻ لاءِ مار ڏنائين، جو سندس پٺي ءَ تان کل لاهي ڇڏيائينس ته هن نقوي سيد جي گهر ڏي نظر ڪيئن وڌي. جڏھن ته صاحب جي ڪراچي ءَ ۾ ڌيئر پڙھندي بناپردي ۾جڳ جهان کين ڏسندو هيو. ڪرنل نيڊو گهمندي گهمندي ڪشمير جي جنت جهڙي وڻندڙ وادي گلمرگ تي وڃي پهتو.جتي اونچا پهاڙ، ڊگها وڻ، مٺاس جا مڻ کنيل ميوا،سرسبز ٻنيون،ور وڪڙ ڪندڙ پيچرا ڏسي قدرت جي ڪاريگريءَکي ساراهڻ لڳو،ٻٽي هفتا کيس اتي گذريا. هڪ ڏينهن ڪچي رستي سان ويندي ٻڪرين جي ولر کي چاريندي هڪ نوجوان دو شيزه سندس سامهون اچي ويئي.هي پاڻ به خوبصورت هيو خوبصورت شين کي مون وانگر پسند ڪندڙ ھيو، سو مٿس نظر پوندي حواس خطا ٿي ويس،نظرن جي بندوقن جي فائرن ٻنهي کي گهائل ڪري وڌو. هي عيسائي مذهب جو هيو آخرت ۾ حورن جي ملڻ جو قائل هيو، هن سمجهيو شايد هيءَ ئي حور اڏامي هيٺ لهي آئي آهي. ننڊ آرام ڦٽي ويس،ننڊ۽ جاڳ ۾ سندس سپنا ڏسندو رهيو ،هن قبائلين کي چيو هيءَ حور مونکي ڏيو جيڪو چوندؤ سو ڏيندس. هنن چيس تون پڙهيل هيءَ سادي اڻپڙھيل ڇيڳري ڇوڪري توسان ڪيئن نڀائي سگهندي. هن چيو آئون هن جهڙو ٿي پوندس،هنن شرط رکيس پهريون شرط مذھب مٽائي مسلمان ٿي.رڍن جاڌڻ چارڻ شروع ڪر،گوجري زبان سک،گاه جون ڀريون مٿي تي کڻي جانورن کي کاراءِ، جهنگل ۾ اڪيلو راتيون گذاري ڏيکار.ڊگها جبل سر ڪري اچ،هن عشق کان صلاح پڇي جنهن چيس عشق تووٽ آرائين بڻجي گل خوشبو کڻي اچي ٿو کيس خالي نه موٽائج، هن سڀ شرط قبوليا امتحان جا سڀ پيپر بنا ڪاپي ڪرڻ جي پاس ڪري سنڌي ماسترن کي ٻڌايو ته محنت ڪرڻ سان ميرٽ حاصل ڪري سگهجي ٿي.نوڪري ڇڏي ڏنائين برطانيا ۾ڇڏيل جائداد زمين تان هٿ کنيائين،سندن شادي ٿي ويئي، هي پڙھيل هئڻ سبب رڍن ٻڪرين جو واپار ڪرڻ لڳو،ستت ئي سنڌي واڻين وانگر مٽي ءَ مان سون بڻائي ويو. گلمرگ شهر ۾ هڪ ريسٽورنٽ کوليائين،ان کان پوء هوٽل رهائشي کوليائين هڪ هوٽل مان ڪيترائي هوٽل صدرالدين هاشواڻي خوجي جيان کولي ورتس.ٻن سالن بعد کين نياڻي ڄائي ڪرنل نيڊو جو نالو عبد الله رکيو ويو نياڻي ءَ جي تربيت اسلامي انداز ۾ ڪئي ويئي. سندن زندگي خوشين سان ٽمٽار گذرڻ لڳي،هن قصي کي هتي ڇڏي گهڙي کن لاء ٻئي طرف ٿا هلون.

برٽش آرمي ءَ جو هڪ ٻيو آفيسرجيڪو پڻ ڪرنل رينڪ جو هيو، سندس ڊيوٽي حجاز۾ ڏنل هئي ته هو اتي ترڪن ۽ عربن کي قوميت جي مسئلي ۾ الجهائي کين ويڙهائي ترڪن کي تڙي ڪڍرائي.سندس اهو مشن ڪامياب ويو ته کيس هندوستان گهرايو ويو .هي جڏھن دهلي ءَ پهتو ته وائسراءِ سندس آجيان ڪرڻ لاءِ دروازي تي ڪهي آيو.سندس خدمت چاڪري ڪئي ويئي، رات جو ناؤ نوش جي محفل کان پوءِ کيس وائسراءِ چيو ته تون جفاڪش وفادار فرض شناس آفيسر آھين. توتي ڊيوٽي هيءَ رکجي ٿي ته تون هندوستان ۾ مسلمانن جا فرقا بڻائي،سندن طاقت کي ڪمزور ڪري ڇڏ.سندس نالو” لارنس“ هيو هي بهادر هيو سياري جي سرد راتين ۾ اگهاڙي بدن سان بيهي رهندو هيو،نانگن جي ٻرن ۾ هٿ وجهي کين مڻ کان جهلي ڇڪي ٻاهر ڪڍندو هيو،خونخوار جانورن سان اڪيلو لڙي پوندو هيو.وڏي ڳالھه چئني وڏن مذھبي ڪتابن جو ڄاڻو هيو.جيئن اڄ ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ سڀني مذھبن جي ڄاڻو هجڻ جو مشهور ٿيل آهي. عربي،فارسي،فرانسيسي۽ انگريزي زبانن جو وڏو ڄاڻو هيو، ڳالهائڻ وقت ڪوئي کيس سمجهي نه سگهندو هيو ته ڳالهائيندڙ ٻولي سندس مادري زبان نه آهي .مناظرا مباحثا کيس سيکاريا ويا هئا.هن وائسراء کي چيو ته کيس ڪجهھ ڏينهن ڏيوم ته ڏاڙھي وڏي ڇڏيان.جو مسلمانن وٽ ڪردار کي نه پر ڏاڙهين ۽ رسمن کي وڌيڪ ڏٺو ويندو آهي. ان لاءِ ڏاڙھيءَ  جو هجڻ بيحد ضروري آهي .هن کي لاهور ۾ مقرر ڪيو ويو هن مشهور ڪرايو ته هي سيد آهي مديني جو رهاڪو آهي کيس خواب ۾ حڪم مليو آهي ته  لاهور وڃي دين جي خدمت ڪريان ،اهڙو هڪ خواب حقاني مدرسي جي مهتمم مولانا سميع الحق کي به ڏسڻ ۾آيو هيو، جو چيائين ته کيس رسول ڪريم خواب ۾ چيو آهي ته بينظير عورت جي حڪمراني هجڻ سبب ناجائز آهي کيس هٽائڻ جي تحريڪ هلائي وڃي. ساڳيا خواب هاڻي طاهرالقادري۽ ملان خادم به ڏسي رهيو آهي ۽ پوءِ دنيا ڏٺو ته بينظير تي خود ڪش حملو حقاني مدرسي جي طالبن ڪيو هيو.

سيد ڪرنل لارنس پراڻي انارڪلي ءَ ۾شاه جي بابا نالي سان خانقاهه کولي لنگرخانو هلائڻ لڳو، مون پاراگهر ۾ ماني نه ملڻ وارا  مولوي ٽيئي ويلا سائين ءَ وٽ کائڻ لڳا، سندس ڪرامتن جا قصا ٻڌائڻ لڳا ته جنهن حاڪم کي حڪومت کپي ته سيد سائين ءَ کان چار سو ٽيون پٺاڙن تي هڻائي وڃي ٻيرا ئي پار ٿي وينديس. اها روايت اڄ تائين اقتدار جي بکيايل حاڪمن منجھ  ھلندي ٿي اچي. سڀيئي سوٽيون کائي چڪا آهن.درگاه هلندي رهي سڃاآسودا مرادون وٺڻ آيا، ڪرنل عبد الله ڪشمير ۾ به ڪرامتن جو هوڪو ٻڌو سوبه سلامي ڀرڻ هليو آيو ،سيد صاحب کي نوڙي مليو ساڻس زال ۽ نياڻي به گڏ ھيون .هن کيس ڏسندي چيس اچ اچ ڪرنل نيڊو اچ آئون توسان ملڻ لاءِ منتظر هيس ،ڪرنل اچرج ۾ آيو ته کيس سندس پراڻي نالي ۽ هسٽريءَ جي خبر ڪيئن پئي، چيائينس بابا نه سوچ اسان وٽ باطني ۽ لدني علم آهي. سڀ غيب ڳجهھ ڄاڻندا آهيون ،ڪرنل عبد الله سندس هٿ تي بيعت ڪري مريد بڻيو. وٽس سنڌي مريدن جيان ٻارين ٻچي اچڻ لڳو. پيرن جيان سيد سڳوري سندس نياڻيءَ ۾ اک وڌي، اڳتي هلي چيائينس ڌي ءُ جو سڱ مونکي ڏي ته آڪهه سموري عذابن کان آجي بڻجي ويندؤ.مرشد ڌي ءُ کي مڙس مليس ٻيو ڇا گهرجيس. ان موضوع تي ملڪ غلام مصطفيٰ کر جي اڳين گهر واري تهمينا دراني جنهن مَلَڪَ جي معاشقن تي ”ميڏا سائين“ نالي ڪتاب لکيو آهي، ان کان پوء پيرن جي حرفتبازين تي پڻ ڪتاب ”ڪفر“جي نالي سان لکيو اٿس ڪڏهن پڙهي وٺجو.شادي ٿي ويئي ٻن هفتن کان پوءِ ڪرنل عبدالله ڌيءُ سان ملڻ حويلي آيو. نياڻيءَ چيس بابا ظلم ٿي ويو هي ته ٻھروپيو آهي هي مسلمان نه پر انگريز ۽ عيسائي آهي، هي خاص مشن تي موڪليو ويو آهي. ڪرنل عبدالله جي ڪپڙن کي باه لڳي ويئي پير کي چيائين هينئر جو هينئر ڇوڪري ڏي،سيد چيس جيڪا عورت سيد جي سڳي ۾ ٻڏجي ويئي کيس موت ئي ڇڏائيندو آهي، کيس کتو جواب مليس ،هن کي ڌڪا ڏيئي ڪڍيو ويو در تي سنڌي پيرن جيان ڏنڊا ڏونٽا مريد پهريدار ويهاريا ويا.عبد الله لاءِ مشهور ڪرايائين ته هي ملحد ٿي ويو آهي الله کي نٿو مڃي.

جيئن سنڌ ۾ هڪ هندو واپاريءَ جو هٽ سستو سودو ڏيڻ سبب وڌيڪ وڪرو ڪري رهيو هيو، ڀرسان مسلمان مريد جو هٽ ڪسي مال وڪڻڻ سبب بيهجي ويو. مريد مرشد وٽ ويو ته ڪوئي ڦيڻو هڻي واڻئي جي دوڪان تي شوڪار ته واڻيو مري پوي.مرشد چيس ٻي ٽِڪَ ٿو ڪريان وڃي ماڻهن ۾ هُلائي ڇڏ ته واڻيو وهابي ٿي ويو آهي ،ڪاڪي جي دوڪان تان رش جهڪي ٿيندي ويئي..ڪرنل ٻي واه نه ڏسي لاهور جي مشهور آکاڙي تي وڃي گامڻ پهلوان کي دانهن ڏني ته ايمان جو معاملو آهي ڪافر انگريز نياڻي ويهاريو ويٺو آهي. گامي چيس گهٻراءِ نه گامو جي هڏن ۾ ست آهي سڌو اچي، هڪل ڪيائينس حرامزادا اينهن دي ڌي ءُ نون ڇڊ دي،کيس ٽنگن کان جهلي ڦيراٽيو کارائي اڇليائينس، رڙيون ڪري پير ڀڳو وري ڏسڻ ۾ نه آيو.هي ڇوڪري وٺي سرينگر ڪشمير هلي وئي. جتي شيخ عبدالله سان سندس نڪاح ڪرايائين. جنهن مان کين فاروق عبدالله ڄائو. شيخ عبدالله ۽ فاروق عبدالله ٻيئي ڪشمير جا وزير اعليٰ ٿي گذريا آهن. اڄ جو قصو اتي ختم ڪرنل لارنس آف عربيہ جو وڌيڪ احوال وري ڪڏهن سربستو لکبو، جيڪو هن عربن ۾ وڃي  ادا ڪيو هيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قادري ڌرڻو، آصف زرداري ۽ عمران خان ۾ اختلاف

مظهر علي خاصخيلي  هڪ دفعو ٻيهر 17 جنوري اربع جي ڏينهن عوامي تحريڪ جي سربراهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے