19 اربع , سيپٽمبر 2018

ڪجهه پاڻ تي تنقيد

سجاد ٻرڙو

اڄ ٻه هزار ارڙهن جو پهريون ڏهاڙو آهي، گذريل رات بيشمار ماڻهن پنهنجي پنهنجي طريقي سان هن سال جي آجيان ڪئي، ڪي وري اهو سوچي لاتعلق بڻيل رهياته گذريل ورهين ڇا ڏنو هيو جو وري هن سال مان ڪي اميدون رکجن!ٰ پر پنهنجو پاڳل هينئڙو سدائين ڪنهن نه ڪنهن اميد تحت پاڻ کي اتساهيندو رهندو آهي ۽ جتي بلڪل ئي مايوسيون ”گهر“ ڪري وڃن اتان ئي ڪا نئين ڏيئاٽ ٻاري ڏيندو آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر گذريل ڏينهن به ڪا اهڙي شئي ٿي، جنهن کي نظر ۾ رکي ايندڙ سال جي دل سان آجيان ڪرڻ لاءِ دل چاهي ٿي ۽ ٻئي ٻانهون کولي نئين سال کي ويلڪم چئون ٿا، گذريل رات سنڌ جي هڪ مصيبت زده ڪٽنب ڪهڙيءَ ريت  2017ع کي ڪراچي پريس ڪلب آڏو الوداع ڪيو، ان جا تفصيل آخر ۾ ڏبا، پر ان کان اڳ ”پنهنجو پاڻ“ تي تنقيد ڪرڻ ضروري آهي، ڇو ته ”تنقيد“ وڏي ڪم جي شئي آهي!
اها ڳالهه مون کي 2004ع ۾ سمجهه تڏهن آئي هئي جڏهن  سنڌي ادبي سنگت جي قمبر شاخ ۾ ان وقت ٿيندڙ گڏجاڻين ۾ شرڪت دوران ڪجهه لکڻين تي ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه دوست ”تنقيد“ ڪرڻ دوران ”ڪجهه اوور“ ٿي ويندا هئا، ان وقت اهڙين ڳالهين تي ڏاڍي مٺيان لڳندي هئي، هڪ ڀيري ان جو کليل نموني اظهار به ڪري ڏنم، جنهن کان پوءِ هڪ ”استاد“ ڏاڍي ڊگهي سمجهاڻي ڏني هئي، جنهن مان ڪجهه ڳالهيون اڄ تائين ياد آهن ۽ هاڻي انهن تي ئي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، اها سمجهاڻي ڪجهه هن ريت هئي۔

”بابا، ڪو اوهان جي لکڻي ته ڇا اوهان جي ڪردار، اوهان جي شخصيت تي جيڪڏهن تنقيد ڪري ٿو ته ان کي پنهنجي خوش نصيبي سمجهو، جيڪڏهن اها تنقيد براءِ اصلاح هوندي ته اوهان لاءِ وڏي فائديمند ثابت ٿيندي، پر جيڪڏهن اها تنقيد براءِ تنقيد هوندي ته به فڪر جي ڪا ڳالهه نه آهي، ان جي تنقيد براءِ تنقيد جو به اوهان غير جانبدار ٿي ڪري جائزو وٺو، جيڪڏهن هن جي ڪجهه ڳالهين ۾ سچائي نظر اچي ته پاڻ ۾‌ بهتري آڻيو، جيڪڏهن سچائي نه هجي، پوءِ به گهٽ ۾ گهٽ اوهان کي ماڻهو سڃاڻڻ ۾ آساني ضرور ٿي ويندي“  ٻيو به گهڻو ڪجهه چيو هيائين، پر هتي صرف مٿين ڳالهين جو ئي ذڪر ڪرڻ مناسب آهي، ان فارمولي تي سدائين عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ جڏهن به ڪا به تنقيد ٿي آهي، ڀلي پوءِ اها تنقيد براءِ اصلاح هجي يا تنقيد براءِ تنقيد ئي ڇو نه هجي، سدائين ان جي مٿئين فارمولي تحت آجيان ڪئي آهي۔

اڄ  نئين سال جي پهرئين ڏهاڙي تي دل ٿي چوي ته ”پنهنجن“ تي تنقيد ڪجي، جيڪي ”اسان جا“ آهن ۽ اميد آهي ته اهي به هن تنقيد کي مٿئين فارمولي تحت قبول ڪندا، جي نه ته به خير جهڙي ڳالهه آهي، ”معافي“ وٺي جان ڇڏائي وٺنداسين؟ هاڻي اچجي انهن معاملن تي جن بابت ”پنهنجن“ تي اڄ تنقيد ڪرڻ جو سوچيو اٿم، هونئن ته انهن معاملن تي ان کان اڳ به گهڻا ئي ڀيرا تنقيد ٿيندي رهندي آهي ۽ ”اسان“ جا ”پنهنجا“ ڪڏهن ان جو ”فضيلت ڀريو“ جواب ڏئي ڇڏيندا آهن ۽ ڪڏهن وري نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهن، صرف ڪجهه ڀيرا ئي ايئن ٿيو آهي ته ڪنهن ”تنقيد“ ڪندڙ کي ”ڳالهه“ ڳچيءَ ۾ پئجي ويندي آهي، ڇو ته انهن ”ڪجهه ڀيرن“ ۾ وري شايد ڪٿي نه ڪٿي ٻنهي طرفن کان ”ضد، انا“ اچي ويندي آهي ۽ ايئن پوءِ ”ڳالهه مان ڳالهوڙو“ بڻجي ويندو آهي، پر پاڻ ڪوشش ڪندس ته ايئن نه ٿئي، جي ٿي به ويو ته ”پنهنجن“ جي آڏو آڻ مڃڻ ۾ ڪو عارُ ناهي!!!۔ هاڻي ٿورڙي تشريح ڪجي انهن ”پنهنجن“ جي ته اهي ڪهڙا ڪهڙا آهن، ڪنهن به مخصوص ڌر سان لاڳاپيل ماڻهن جو نالو کڻڻ شايد مناسب نه هجي، ان ڪري اوهان ”پنهنجن“ وارو لفظ انهن سڀني لاءِ سمجهو جيڪي به قوم پرستي، عوام پرستي ۽ ان سان گڏوگڏ جمهوريت پسندي جون ڳالهيون ڪرڻ وارن کي به اوهان پنهنجو سمجهي سگهو ٿا!

هاڻي اچجي انهن ڳالهين تي جن تي تنقيد ڪرڻ جو سوچيو اٿم! هتي پاڻي، بجلي، صحت، روزگار، تحفظ، قومن جي تشخص جي بچاءَ وارا چند بنيادي حق ملڻ ته پري جي ڳالهه  آهي پر انهن معاملن بابت اظهارِ راءِ جي آزادي تي به پابندي آهي ۽ اڄ تائين جنهن به ان پابندي کي ٽوڙڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي ته پوءِ هتي ان کي ”ٽوڙيو“ ويندو آهي!  جيتوڻيڪ ماضيءَ ۾ اسان جون روايتون ڪجهه الڳ ئي رهيون آهن ۽ ڪي ”وڏا آواز“ اٿندا هئا، جيڪي باقائده ”اثرائتا“ ثابت ٿيندا هئا، جن کي ڪو به ”ٽوڙڻ“ جي ڪوشش ڪندو هيو ته ٻيا آواز ان آواز جو سهارو بڻجي پوندا هئا، پر هاڻي هڪ طرف هڪڙا ”پنهنجا“ ان پابندي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪندڙ کي ”ٽوڙيندا“ آهن ته ٻيا ”پنهنجا“ وري آواز اٿارڻ جي سگهه هوندي به خبر ناهي ته ڪهڙين مصلحتن تحت يا ته آواز اٿاريندا ئي ناهن يا اٿاريندا آهن ته به شايد نه جهڙو!( اسان سان به شايد منصورَ وارو معاملو آهي ته جيڪي ”ٽوڙين“ ٿا، انهن کي به ”پنهنجو“ ٿا سمجهون ۽ جيڪي اسان کي ”ٽٽندي“ خاموشي سان ڏسڻ پسند ڪن ٿا انهن کي ”پنهنجو“ ئي سمجهندا آهيون! پر اهي ”ٻئي ڌريون“ اسان کي الائي ڇا ٿيون سمجهن، اهو اندازو اڄ تائين نه ٿي سگهيو آهي۔)  هاڻي آواز ٽوڙيندڙ به ”پنهنجا“ ته تماشو ڏسندڙ به ”پنهنجا“، وڃون ته وڃون ڪاڏي!ٰ ۽ جيڪي ”ٽٽڻ“ جي مرحلي هيٺ آهن انهن جي ته ڪا به خبر ناهي پوندي پر جيڪي انهن جا وارث آهن، انهن جو پل پل، ڀورا ڀورا ٿيڻ هونئن ته چڱن ڀلن جي دلين تي اثر ڪرڻ لاءِ ڪافي هئڻ گهرجي پر اسان وٽ ايئن ناهي! جيڪي هنن کي ”ٽوڙڻ“ جي مرحلن مان گذارين پيا، نه انهن وٽ ڪا ڪهل آهي، نه ئي وري جيڪي ان سڀ جو تماشو ڏسن پيا، انهن وٽ ڪو اهڙو ڏانءُ ڪو اهڙو جذبو، جيڪو ”پنهنجائپ“ جو احساس ڏياري سگهي!، جي ايئن نه هجي ها ته ڪجهه ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل ڄاتل سڃاتل صحافي ۽ شاعر ديدار امرت جي گهرواري ادي روبينا شابراڻيءَ جو اهو نياپو نه ملي ها ته ”ادا!ٰ جنهن ڏينهن سائين خادم جي وارثن ان احتجاج جو اعلان ڪيو هيو، ان ڏينهن کان پنهنجي ڀرپور ڪوشش هئي ته پاڻ به اوهان جي ڀاءُ لاءِ ان پروگرام ۾ شريڪ ٿيون، پر حالت اها آهي ته ايڏانهن اچون ٿا ته ٻچڙن جي بک برداشت ڪرڻي پوندي، جيڪڏهن نه ٿا اچون پوءِ به ميڊيا جي ڪوريج کان وانجهيل رهنداسين، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ديدار جا ”الائي ڪيترا“ دوست هن وقت الائي ڪٿي آهن؟  هاڻي نه پنهنجائپ مٿي نظر آئي، نه ئي وري اها پنهنجائپ هيڏانهن ڏسڻ ۾ آئي جو 17 اپريل کان وٺي کنڀي گم ڪيل سنڌ جي هڪ باشعور فرزند سائين خادم آريجي جا وارث جن ۾ نياڻيون به شامل آهن اهي گذريل ڏينهن کان وٺي اڄ منجهند هڪ وڳي تائين ڪراچي پريس ڪلب آڏو 24 ڪلاڪ بک هڙتال تي صرف ڪجهه ماڻهن سان گڏ ويٺل رهيا، انهن چوويهن ڪلاڪن ۾ چوڏنهن پندرنهن ڪلاڪ سخت سرديءَ واري ڊگهي رات وارا به آهن، اهڙي وقت به هو پنهنجي معصوم ٻچڙن سميت به ڪراچي پريس ڪلب آڏو بک هڙتال تي ويٺل آهن، خبر ناهي ته ان کي ميڊيا ڪيتري ڪوريج ٿي ڏئي پر انهن سمورين شين کان آجا هي چند ماڻهو سمورن ”پنهنجن“ لاءِ سواليه نشان آهن! ته جيڪڏهن اوهان اسان جا ”پنهنجا“ آهيو ته پوءِ اسان سان هيءُ سڀ ڪجهه ڇو؟، ۽ جيڪڏهن اوهان اسان جا ”پنهنجا“ ناهيو ته پوءِ اهي سڀ ڍونگ ڇو؟

هي به ڏسي سگهو ٿا

پوءِ سوال ته ٿيندو…!

شفيق الرحمان شاڪر اڄ کان اٽڪل 22 سال پهرين عمران خان هڪ سياسي پارٽي قائم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے