25 سومر , جون 2018

سنڌ جي ثقافت ۽ دنيا

عين سحر

سنڌ جي تاريخ ستن هزارن سالن کان مٿي جو تاريخي، تهذيبي، تمدني، سياسي ۽ اقتصادي پسمنظر رکي ٿي. ابتدائي دور ۾ جڏهن ماڻهن درياهن ۽ ندين جي ڪنارن سان آباد ٿيڻ شروع ڪيو ان ريت ڳوٺاڻي زندگيءَ جنم ورتو. ترقيءَ جي راهه ڏانهن راهي ٿيندي ماڻهن ڳوٺن مان شهر تعمير ڪرڻ شروع ڪيا. اهڙي پسمنظر ۾ سنڌو ماٿري (انڊس ويلي) ۾ مهين جي دڙي، آمري، هڙپا ۽ ڪوٽ ڏيجيءَ جهڙا مهذب شهري مرڪز وجود ۾ آيا. ان ريت موجوده سنڌ جي تاريخ کي چئن مکيه زمانن ۾ ورهائي اڀياس هيٺ آندو ويو آهي

سنڌو ماٿريءَ جو تهذيب جو دور

قديم سنڌ جي تاريخ وارو دور.

وچون دور يا مسلمان گھراڻن جي حڪومتن جو زمانو.

جديد سنڌ جي تاريخ.

تهذيب سماجي زندگيءَ جو اهو معيار يا درجو آهي جيڪو وقت پٽاندر ڪنهن خطي جي ڪن عام، فني، اخلاقي، علمي، ثقافتي ۽ اقتصادي صورتن ۾ اتان جي ماڻهن لاءِ معاشي ۽ معاشرتي زندگي گذارڻ لاءِ مناسب هجي. قديم تهذيبن جو دور لڳ ڀڳ پنجٽيهه سئو  ق.م کان شروع ٿيو.

عراقي تهذيب، مصري تهذيب، سنڌو تهذيب ۽ چيني تهذيب. هر تهذيب جون پنهنجون وصفون آهن ۽ انهن جي اوسر ۽ اوج جي ڪهاڻي به مختلف آهي. سنڌ سڀيتا هر اعتبار کان مڪمل ۽ شانتائتي نظر ايندي، پوءِ اها شهري رٿابندي هجي، طبعي ۽ جاگرافيائي پکيڙ هجي، وڏا بهترين شهر هجن، ڏاتاريت هجي، افاديت پسندي، انوکي لکت يا گھڻي وقت تي جٽاءَ واري وصف هجي.

تاريخ جي ڊگھي سفر ۾ ”سنڌو سڀيتا“ انيڪ ڀوڳنائن مان گذرندي پنهنجي سڃاڻپ ۽ اوصاف برقرار رکيا آهن. ان جي پورهيتن ، هنرمندن ۽ ڏات ڌڻين پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ سان سڀيتا جي سونهن کي ڪوجھو ٿيڻ ڏنو نه آهي. جڏهن مهين جي دڙي جي سڀيتا عروج تي هئي تڏهن دنيا جون ٻيون تهذيبون بانبڙا پائيندڙ هيون. جڏهن ٻين تهذيبن ڪوس ۽ ڪيس جا ڪلور ٿي ڪيا، تڏهن مُهين جي دڙي جي مهاين ڪپهه جا ٻوٽا پوکي ڪپڙي ٺاهڻ جي ڪرت ڪري انسان جي اوگھڙ ڍڪي ان کي اشرف المخلوقات جو ڏانءُ ٿي سيکاريو. جڏهن ٻين قومن هٿيار ٿي ٺاهيا تڏهن سنڌين علم، فن ۽ هنر ٿي ايجاد ڪيا، مٺڙا سر آلاپيندڙ ساز ٿي ٺاهيا. جڏهن ٻيون قومون سڃيون بکيون هيون، تڏهن مهين جي دڙي جي سرجڻهارن ”سنڌو سڀيتا“ ۾ سونهن ۽ سچ جا رنگ ٿي ڀريا. جڏهن دنيا جي رولاڪ قومن حملا ڪري ڦر لٽ ڪري مال ٿي ميڙيا، تڏهن سنڌين امن ۽ آسودگي، علم ۽ اهنسا جي لاٽ ٿي روشن ڪئي. جڏهن ٻين قومن عورت کي رکيل ۽ سريت ٿي بڻايو، تڏهن سنڌين عورت جي سونهن کي سرس ڪرڻ ڪارڻ هار، سينگار ۽ زيورن جي جوڙ ٿي جوڙي. جڏهن دنيا جي ٻين قومن معصوم ٻار ٿي ڪٺا، تڏهن سنڌين ٻارن لاءِ رانديڪا ۽ ڪوڏا ٿي ٺاهيا. جڏهن ٻين قومن ماڻهن کي قيد ڪري غلام ٿي بڻايو، تڏهن سنڌين ناچ جو نياپو ٿي ڏنو ۽ مٺڙا سر ٿي آلاپيا.

تاريخي پسمنظر ۾ ڏسجي ٿو ته دنيا جون ٻيون تهذيبون اڄ جي يورپ ۽ عربن تائين سندن ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ ۾ ٻين مظلوم قومن جي رت ست ۽ پگھر جي پورهيي جي ڦر لٽ شامل آهي. سندن آسودگي مظلوم قومن جي رت سان رڱيل آهي. پر سنڌي سڀيتا اڪيلي سڀيتا آهي جيڪا اهڙي ڏوهه جي ڏوهارڻ ناهي ۽ علم ۽ هنر ۾ وڏو تاريخي پسنظر رکي ٿي، جنهن کي ان جي وڌيڪ پکيڙ  ۽ گھڻي روايتي جٽاءَ جي ڪري مها سنڌو سلطنت، سنڌو مملڪت يا شهنشاهيت يعني امپائر به لکيو ويو آهي.

مهين جو دڙو دراوڙ تهذيب جو نشانبر آهي. جنهن ملڪ جي تهذيب ايتري قدر قديم ۽ شاهوڪار هجي ته ان جي ٻوليءَ جي خزاني ۾ به يقينن ايترائي قديم ۽ بيشمار تمدني لفظ آهن. جنهن جي گھڻن اکرن واري رسم الخط ۽ لکت آهي، جنهن جي هر لفظ جون ڪيئي معنائون، اسطلاح، پهاڪا ۽ انيڪ چوڻيون آهن. سنڌي ٻولي هڪ جدا اصليت ۽ مستقل حيثيت رکي ٿي، جنهن جو وسيع ۽ جامع حيثيت رکندڙ ادب ۽ فلسفو آهي. سنڌي ٻولي اها سريلي ٻولي آهي جنهن جا سر وجدان ۾آڻيو ڇڏين.

لاکيڻي لطيف جو بي مثال ڪلام جنهن کان دنيا فيض ياب ٿي آهي ۽ ٿي رهي آهي سو پڻ سنڌي ۾ ئي لکيل آهي. شاهه سائينءَ جو سنڌي ٻوليءَ سان محبت جو عظيم مثال اهو به آهي ته جڏهن مڪتبن ۽ مدرسن ۾ فارسي ٻوليءَ جو راڄ هيو تڏهن ڀٽ ڌڻيءَ پنهنجي احساسن کي ماروئڙن، پنهوارن، ڌنارن، وڻجارن ۽ پورهيتن جي ٻوليءَ ۾ لکي ٻوليءَ کي زندهه رکيو. جيئن قرآن عربي ٻوليءَ کي بقا بخشي تيئن شاهه جي رسالي سنڌي ٻوليءَ کي جيئندان ڏنو. سنڌي ٻولي دنيا جي و احد ٻولي آهي جنهن تي ٻين ٻولين حملا ڪري هن ٻوليءَ کي ميسارڻ چاهيو آهي. مذهب جي آڙ ۽ اقتدار جي طاقت سان سنڌي ٻوليءَ تي حاوي ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، پر اها سنڌي ٻوليءَ جي فطري سگھه آهي جو ٻيون ٻوليون اوليت حاصل نه ڪري سگھيون آهن. سنڌي سٻاجھڙي ۽ راڻين جي جهڙي شان شوڪت واريءَ ٻوليءَ کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪا نئين ڳالهه ڪانهي. هر درو ۾ سنڌ، سنڌي سڀيتا ۽ سنڌي ٻوليءَ جا چاهيندڙ ٻوليءَ جي حفاظت ڪندا رهيا آهن. تنهن هوندي به اسان مان ڪي اهڙا آهن جيڪي ٻاهرين يا ڌارين ٻولين کي هٿي وٺرائي رهيا آهن، جڏهن ته اسين هڪ عظيم، شاهوڪار، عاليشان، علمي، عقلي، فني، ۽ فڪري حوالن سان مڪمل تهذيب  جا وارث آهيون. پر اسان ان وارثيءَ جو چڱيءَ طرح حق ادا نه ڪري سگھيا آهيون. ان کي ترقي وٺرائڻ ۽ عام ڪرڻ ته ٺهيو پر ان جي ابتڙ اسين پنهنجي گھرن ۾ ڌاري ٻولي ڳالهائي پنهنجي اباڻي ٻوليءَ کي ڌڪاري پرائو ڪري رهيا آهيون. اسان جي شهري سنڌي آبادي جنهن مان اهي گھراڻا جيڪي معاشي طور تي آسودا آهن، جن گھراڻن ۾ مائرون به پڙهيل ڳڙهيل آهن انهن کي سنڌي ٻولي ڳالهائڻ ۾ حيثيت جي گھٽتائي محسوس ٿئي ٿي، اهي گھڻي قدر پنهنجي ٻارن سان ڌاري ٻوليءَ ۾ ڳالهائن ٿيون، کين ڌاري ٻولي سيکارين ٿيون، کين طوطي وانگي ورجائيندي نه ٿيون ٿڪجن ۽ ان تي فخر محسوس ڪن ٿيون پر معصوم ٻارڙن جا ٻاتا ٻول سنڌي ٻوليءَ بجاءِ ڌاري ٻوليءَ ۾ اڻ پورو تاثر ڇڏين ٿا.

هڪ ماءُ جي تربيت ۽  پرورش ۾ ٻولي سيکارڻ جو فرض يا عمل مهڙين حيثيت آهي، ڇو ته ٻار ابتدائي طور تي  ماءُ کان ئي ٻولي سکي ٿو. ان ڪري ان کي مادري زبان چيو ويندو آهي. ٻارن سان ڌاري ٻولي ڳالهائڻ جو وڏو سبب خانگي اسڪول   به آهن جتي سنڌي ٻولي نه ٿي پڙهائي وڃي، ان بابت والدين جو موقف هوندو آهي ته پوءِ ٻار سنڌي سکڻ تي وقت ڇو وڃائي. ان لاءِ عرض ته جن شاگردن پنهنجي ٻولي ڳالهائيندي خانگي اسڪولن ۾ پڙهيو آهي تن شاگردن ڪيترن  محاذن تي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. سنڌي ٻار ايترو ڪمزور ناهي جو ان تي پنهنجي سنڌي ٻولي بار سمجھي وڃي، ٻارن سان ڌاري ٻولي ڳالهائيندڙ والدين اهو نه ٿا ڄاڻين ته ائين ڪرڻ سان اهي قومي سڃاڻپ کي اڌورو ۽ غير اهم ڄاڻائي رهيا آهن. ان جو مثال اهڙو آهي جيئن ڪا ماءُ زبردستي پنهنجي ٻار کي ٿڃ کان محروم ڪري ڌاريو کير پياري ٻار جي پاڻ سان انسيت ۽ صحت کي ڌڪ هڻي. خانگي اسڪولن جو ماحول ۽ شهري سنڌي گھراڻن جو جهڙو رويو آهي ته ايندڙ ڏهاڪو کن سالن ۾ سنڌ جي وڏن شهرن ۾ ڪو سنڌي اديب پيدا ٿي نه سگھندو. ٻوليون سموريون عزت جي لائق آهن، لکڻ، پڙهڻ ۽ سمجھڻ گهرجن، پر ان جو مقصد ڪڏهن به اهو ناهي ته پنهنجي نسل کان اباڻي ٻولي ۽ امڙ جي مليل ٻوليءَ جو لهجو ڌڪي اوپرو ڪري پري ڪري ڇڏجي ۽ اسان فقط ٻين ٻولين ڳالهائڻ خاطر، انهن ۾ علم حاصل ڪرڻ خاطر پنهنجي ٻوليءَ تان ئي هٿ کڻي وڃون ته پوءِ اسان پڙهيل لکيل ڪيئن سڏرائي سگھون ٿا.

هڪ ٻيو به مسئلو جنهن جي ڳنڀيرتا تي شايد گھڻن ماڻهن ڌيان نه ڏنو هجي سو آهي سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ سنڌي پڙهڻ جي سهولت هوندي، سنڌي استادن هوندي اردو ميڊيم ۾ پڙهڻ ۽ اردو ڳالهائڻ. اهو سلسلو لاڙ پٽيءَ ۾ سالن کان هلندڙ آهي ۽ خاص ڪري ٺٽي ضلعي ۾ ان جو عام رواج آهي. اسڪولن ۾ اڌ کان وڌيڪ سنڌي شاگرد اردو پڙهندي ۽ ڳالهائيندي فخر محسوس ڪن ٿا، جيڪا افسوسناڪ صورتحال آهي ۽ فڪر جي گھڙي آهي. اسان جي حالت ڪنهن اهڙي ٻار جهڙي آهي جيڪو هجي ته شاهي نسل مان پر پينو ٽولي جي ور چڙهي ويو هجي ۽ ان تربيت ۾ پنهنجو حسب، نسب، بڻ بڻياد ۽ شجرو وساري چڪو هجي. شانائاتي سڀاءَ جي بجاءِ احساس ڪمتريءَ ۾ معمولي حرڪتون ڪندي پاڻ به رولو بڻجي چڪو هجي. اسين پنهنجي تاريخي ۽ تهذيبي پسمنظر ۾ پاڻ کي ڏسون ته قومي سڃاڻپ ۽ وقار کي ڪيترو ڇيهو رسائي رهيا آهيون. پنهنجي مادري ٻوليءَ کي خود ميساري ختم ڪري رهيا آهيون. ڪمرشل فائدن لاءِ به ٻوليءَ کي رد ڪيو پيو وڃي، جو سائن بورڊ به سنڌيءَ ۾ نه ٿا لکيا وڃن ۽ تعميراتي ڪمن، روڊن تي لڳل ضروري هدايت وارا بورڊ ۽ ٻين اشتهارن وارا بورڊ به سنڌيءَ ۾ لکڻ کي عيب سمجھو وڃي ٿو. ان کان وڌيڪ سنڌي ٻوليءَ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ٻيو ڪهڙو ٿيندو.

جن به قومن علم ۽  هنر جي ميدان تي ترقيءَ جون منزلون ماڻيون آهن ۽ معاشي طور تي مضبوط ٿيون آهن انهن جي ان ترقيءَ جو ڪارڻ سندن مادري ٻوليءَ ۾ ڏنل تعليم آهي ۽ پنهنجي ٻوليءَ کي سمجھڻ ، ان سان محبت ڪرڻ، ان کي مان ڏيڻ ۽ اوليت ڏيڻ آهي.

ڪمپيوٽر تي سنڌي ٻولي هونءَ ته گھڻو وقت اڳ ئي اچي چڪي آهي، پر هاڻي جديد دور جي جديد ٽيڪنالاجيءَ جهڙوڪ انڊروئڊ آپريٽنگ سسٽم تي هلندڙ ڊوائيسن تي پڻ سنڌي ٻولي آسانيءَ سان لکي سگھجي ٿي، ان کان علاوه انٽرنيٽ تي ڪيتريون ئي سنڌي ويبسائيٽون آهن جڏهن ته هاڻي دنيا جي وڏي ۾ وڏي سرچ انجن گوگل تي پڻ سنڌي ٻوليءَ ۾ سرچ ڪري سگھجي ٿو جڏهن ته گوگل ٽرانسليٽ جي ذريعي دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ کي سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ٻوليءَ کي دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ترجمو به ڪري سگھجي ٿو.

اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هر هنڌ ۽ هر جڳهه تي جتي به سنڌي آهن اهي سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ تي فخر محسوس ڪن ۽ اهي سنڌي ٻوليءَ کي ئي اهيمت ڏين، پنهنجي ٻارن سان سنڌي ڳالهائين، انهن کي سنڌي ٻوليءَ جي اهيمت بابت ڄاڻ ڏين، خانگي توڙي سرڪاري اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي کي اهميت ڏني وڃي. شهري ماحول ۾ رهندڙ مائرن کي گھرجي ته پنهنجن ٻارن کي سنڌيءَ جو مضمون پڙهائڻ ۽ سمجھڻ ۾ انهن جي مدد ڪن ۽ ان عمل کي پنهنجو قومي فرض سمجھن، ڇو ته پنهنجي سڃاڻپ وڃائڻ سان انسان ڪا به سڃاڻپ حاصل نه ٿو ڪري سگھي. دڪانن ۽ خريداري مرڪزن تي سائن بورڊ سنڌيءَ ۾ لڳرائڻ گھرجن ۽ روڊن تي پڻ ضروري هدايتن وارا بورڊ به سنڌيءَ ۾ لکڻ گھرجن. اسان کي ٻين ٻولين جو اثر وٺڻ بجاءِ پنهنجي ٻوليءَ جو اثر ٻين ٻولين تي وجھڻ گھرجي ۽ ان ڳالهه تي خوش ٿيڻ گھرجي ته ها اسين سنڌي آهيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

کنڀڻ ۽ گم ڪرڻ وارو سلسلو آخر ڪيستائين؟

رحمت علي تنيو سڄي ملڪ ۾ نامعلوم ماڻهن هٿان ماڻهن کي کنڀڻ ۽ کين گم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے