25 سومر , جون 2018

انور ابڙي کي جنم ڏينهن مبارڪ

امر پيرزادو

نئين سال جون اسان سڀ مبارڪون وصول ڪندا آھيون پر سنڌ جو ذھين دانشور ليکڪ ۽ ايڊيٽر انور ابڙو ان ڏينهن پنهنجي جنم ڏينهن جون به مبارڪون وصول ڪندو آھي چوندا آھن ته جنم ڏينهن ڇو ملهائجي اهو ته زندگي جو سال گهٽائي ٿو پر اسان سمجهندا آھيون ته جنم ڏينهن تي انسان هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي گذاريل زندگي جو جائزو وٺي پنهنجي غلطين مان سکي ۽ ڪاميابين تي قائم رهڻ جو جتن ڪندو آھي ۽ ساڳي ڪيفيت نئين سال اچڻ وقت به هوندي آھي سو انور ابڙي لئه اهي ٻئي تاريخون گڏجي ان جي زندگي ۾ نئون اتساهه ڦوڪينديون آھن هن جي هڪ ڪهاڻي ۽ ڪتاب جو نالو به پهرين جنوري آھي. ڪي ماڻھو اهڙا هوندا آھن جن لئه هي زندگي ڀلي ڪيڏي به طويل هجي پر اها بلڪل مختصر لڳندي آھي ڇو ته انهن وٽ ڪرڻ لئه تمام گهڻا ڪم هوندا آھن ۽ جڏھن هو ڪم ڪري بس ڪندا آھن ته اهو سوچي اداس ٿيندا آھن ته ڪيترا ڪم اڄ به ڪرڻ کان رهجي ويا ايئن سندن هر ڏينهن گذرندو آھي اهڙا ماڻھو وقت وڃائيندا نه آھن پر وقت تي حاوي ٿي ويندا آھن.

انور ابڙو به هڪ اهڙو محنتي صحافي اديب استاد ۽ ايڊيٽر آھي جيڪو هر وقت ڪم کي عبادت سمجهندو آھي ا ن ڪري هو ادبي ۽ سوشل پروگرامن ۾ ورلي نظر ايندو آھي پر هن جون لکڻيون هن جا ڪتاب هر وقت نظر ايندا رهندا آھن هن جي موجودگي هن جو ڪيل ادبي پورهيو هوندو آھي. هن وقت تائين هن جا ڇهه ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آھن ۽ ڪيترائي ڪتاب اڃا اسان جي هٿن تائين نه پهتا آھن انور کي ڪتابن تي ادارن توڙي عوام جي دلين ايوارڊ ڏنا آھن پر انور جهڙا  ماڻهو پنهنجي ڪيل ڪم کي ئي اصل ايوارڊ سمجهندا آھن انور ابڙو اهڙو شخص آھي جنهن سان ڪچهري ڪرڻ سڀني دوستن جي خواهش ھوندي آھي ڇو ته هو انتهائي قرب ۽ عزت ڏيندڙ روائتي سنڌين جهڙو پرخلوص ماڻھو آھي انور پيرزادو کيس سڀئين وصفين سهڻو ماڻھو ڪوٺيندو هو جيترو هي ماڻھو ملڻ ۾ مٺو آھي اوتري ئي سندس لکڻي به صاف سادي موهيندڙ چيڪي مٽيءَ جهڙي ھوندي آھي پڙھندڙ هن جي ٻولي پڙھندي ايئن رواني سان ورق ورائيندو ويندو آھي جيئن صاف پاڻي نڙي مان سولائي سان لهي ويندو آھي  انور ابڙي پنهنجي سوچ جي امرت رس لفظن ۾ اوتي اسان کي پياري آھي.

انور ابڙو هن وقت عمر جي ان حصي ۾ آھي جنهن ۾ ھن کي سينئر اديب سمجهڻ گهرجي پر الئه ڇو اسان وٽ تيستائين اديب نوجوان سڏبا آھن جيستائين هوڪراڙا نه ٿين ۽ سينئر اديب نه سڏجڻ جو کين نقصان اهو آھي ته اسان انور ابڙي جي ٽھي وارن اديبن سان نه شام ملهائيندا آھيون نه سندن نالي ڪو روڊ يا عمارت ڪندا آھيون نه انهن کان صدارت ڪرائيندا آھيون نه انهن کان آتم ڪٿا جي فرمائش ڪندا آھيون نه انهن کي ادارن جو سربراهه مقرر ڪندا آھيون نه انهن جو اهو قدر ڪندا آھيون جيڪي هو لڻندا آھن اهو ئي سبب آھي ته اسان انور ابڙي ۽ ان جي همعصر اديبن مثال رئوف نظاماڻي حسن مجتبي عطيه دائود، امر سنڌو، خدابخش ابڙي، شاهه محمد پيرزادي جان خاصخيلي  نورالهديٰ شاهه، جامي چانڊيي، رسول ميمڻ، اعجاز منگي جهڙن ماڻهن کي اهو مان نه ڏئي سگهيا آھيون جنهن جا هو مستحق آھن اسان انهن کي اڃا سينئر نه ٿاسمجهون ۽ انهن جي ڪراڙپ جو انتظار ڪيون ٿا جڏھن ته هي وقت آھي انهن کي مڃتا ڏيڻ جو جڏھن اهڙا اديب وڇڙي ويندا آھن ته پو بس افسوس رهجي ويندو آھي جيئن اسان نه حسن درس تي ڪو وڏو پروگرام ڪيو نه اياز جاني کي اهڙو شانائتو ٽربيوٽ ڏنو نه سعيد ميمڻ کي لاءِ ڪو چڱو پروگرام ڪرائي سگهياسين.

انور ابڙي ڪيترائي اهم ڪم ڪيا آھن هن سنڌي ادب کي معياري ادبي ميگزين ۽ رسالا ايڊٽ ڪري ڏنا آھن جن جا لي آئوٽ ڏسي ليکڪ کي پنهنجي ڪيل تخليق پورهيي جو حق ادا ٿيندي محسوس ٿيندو آھي انور ابڙي ٻاراڻي ادب تي گهڻو ڪم ڪيو آھي ۽ ھڪ ناول ”ڀڳل رانديڪو“ ۽ هڪ ڪهاڻين جوڪتاب ”عني ۽ مائو“ ڏنو آھي هن اهو ڪتاب منهنجي پٽ ساز لئه لکي موڪليو هو ڇو ته هو سمجهي پيو ته ٻاراڻي ادب تي پهريون حق ٻارن جو هجڻ گهرجي انور ابڙي سنڌ جي اديبن جا سهڻا پروفائيل لکي انهن کي تاريخ ۾ ايئن محفوظ ڪيو آھي جو ايندڙ نسل اهي لکڻيون پڙھي انهن اديبن کي پڙھڻ جي حثرت ضرور ڪندو اهڙا پروفائل سندس ڪتاب ”قلم جا وارث“ ۾ موجود آھن انور سٺيون ڪهاڻيون لکيون آھن جيڪي ”پهرين جنوري“ ”خودڪشي جو رومانس“ ۽ ”منهنجو چنڊ مارجي ويو“ ۾ گواهي طور موجود آھن انور زبردست شاعر آھي ۽ مون کي سندس ان ڪتاب جو سڀني کان گهڻو انتظار هوندو آھي ان ڪتاب جو مهاڳ انور پيرزادي پنهنجي حياتي ۾ لکي ويو هو, انور ڊراما لکيا ڊاڪيومينٽريون ٺاهيون اديبن تي  ٻارن لئه سبق لکيا خبرون ٺاهيون مڃتا ڪارنر ڏنا هن محبتون ورهائيون ماڻھپو زندهه رکيو ۽ مسلسل ڪم ڪيو جنهن هن عمر ۾ ادب توڙي صحافت ۾ هن کي مانائتو مقام ڏنو آھي.

انور پنهنجي لکڻين ۾ پنهنجي محبت کي حاصل نه ڪري سگهڻ واري درد مان نڪري ناهي سگهندو ۽ بار بار ان درد کي شاعري توڙي نثر ۾ نئين انداز ۾ بيان ڪندو آھي پر هن اها محبت وڃائي تخليق ۾ ان درد کي اوتي جيڪا محبت ماڻي آھي اها ئي سندس زندگي جي حاصلات آھي, ڀائرن جهڙي انور ابڙي کي جنم ڏينهن مبارڪ ان دعا سان ته هن جا ڪم هن جي زندگي ائين ئي امر ڪندا رهن

هي به ڏسي سگهو ٿا

کنڀڻ ۽ گم ڪرڻ وارو سلسلو آخر ڪيستائين؟

رحمت علي تنيو سڄي ملڪ ۾ نامعلوم ماڻهن هٿان ماڻهن کي کنڀڻ ۽ کين گم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے