21 اتوار , جنوری 2018

2018ع جي چونڊ ۽ سياسي جماعتون

شاهد راڄپر

سنڌ ۾ لڳاتار 10 سالن کان ان پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي جنهن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو بنياد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 30 نومبر 1967ع تي لاهور ۾ رکيو هو، اٽي، لٽي اجهي جو منشور هو، اٽي، لٽي، اجهي جو اهو نعرو هيو جنهن غريب طبقي ۾ ڄڻ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو هو ۽ شهيد ڀٽو جو هي نعرو رڳي سنڌ جي عوام لاءِ نه پر پوري پاڪستان جي عوام لاءِ هئو، جو پيپلز پارٽي هڪ جدوجهد جو نالو هو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هڪ عظيم ليڊر جو نالو هو جنهن پاڪستان کي قائد اعظم کان پوءِ وڌيڪ سڃاڻپ ڏني، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته قائد اعظم پاڪستان ٺاهڻ وارو آهي ته قائد عوام وري پاڪستان کي بچائڻ وارو ، جنهن پاڪستان کي ائٽمي طاقت ڏني جو ڪير به پاڪستان ڏي بري نظر سان ڏسڻ جي همت نه ڪري سگھي، دنيا هميشه انهن کي سٺن لفظن ۾ ياد ڪندي آهي جيڪو سٺا ڪم ڪندو آهي ۽ برا ڪم ڪرڻ وارن کي برن لفظن ۾ ياد رکيو ويندو آهي، بهرحال ياد ٻئي رهندا آهن سٺن ڪمن وارا به ته برن ڪمن وارا به، ۽ تاريخ هميشه پنهنجو پاڻ کي ورجائيندي آهي ، اهڙي طرح شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪردار سٺو هو ۽ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جو ڪردار لازوال هو جو اڄ به ٻار ٻار انهن کي سٺن لفظن ۾ ياد ڪري ٿو،

اسان جي ننڍڙن گلن جهڙن ٻارڙن شهيد ڀٽو يا شهيد راڻي کي ته نه ڏٺو آهي پر اسان جڏهن انهن جي ڳالهھ ڪندا آهيون ته اهي ٻار انهن کي پنهنجو آئيڊيل ڪري ڇڏيندا آهن، ۽ ان ۾ انهن ڪچن ذهنن جو ڏوھ نه هوندو آهي اهو سمورو ڏوھ اسان جو هوندو آهي جيڪي ڪنهن کي سٺن لفظن سان ياد ڪري پنهنجن ننڍڙن کي ڪچن ذهنن ۾ اهڙيون ڳالهيو وجھندا آهيون، اسان کي گھرجي ٻارن جي ذهنن ۾ سياست وجھڻ بجاءِ انهن جي ذهنن ۾ تعليم وجھون، اسان ٻارن کي اهو ڇو نه چئون ته پاڪستان جيڪا ائٽمي طاقت آهي اها ڊاڪٽر عبدالقدير جي محنت آهي ۽ اهو ان لاءِ ته هن پڙهڻ ۾ محنت ڪئي، اسڪولن ۾ سياست بجاءِ تعليم تي زور ڏيو، انڊيا جي فلمن ۾ هڪ حقيقت ڏيکاريندا آهن ته تعليم جو وزير ان کي ڪيو ويندو آهي جنهن کي تعليم جي خبر نه هوندي آهي ۽ صحت جو قلمدان ان کي ڏنو ويندو آهي جنهن کي دوائن جي فارمولي جي خبر نه هوندي آهي،

واٽس ايپ جي هڪ گروپ ۾ هڪ وڊيو آهي جيڪا اياز لطيف پليجي صاحب جي آهي،  جيڪا مان ڪافي ڀيرا ڏٺي آهي ۽ مان اها دوستن کي به ڏيکاريندو آهيان، ان ۾ اياز لطيف پليجي صاحب جا لفظ اهڙا چيل آهن جيڪي لفظ منهنجي لاءِ آئيڊيل ٿي ويا آهن، هڪ ڀيري اها ڪلپ هڪ دوست کي ڏيکاري رهيو هئس جنهن ۾ اياز لطيف پليجو صاحب چوي ٿو ته  پ پ پ حڪومت کي سنڌ ۾ اقتدار سنڀالئي 10 سال ٿيڻ وارا آهن، پر جتي سنڌ اڄ کان ڏھ سال پهرين هئي هينئر به جهڙوڪ ان کان پوئتي ٿي وئي آهي، شهر گندگيءَ جي ور چڙهيل آهن، گلين  گندي پاڻيءَ جون ناليون نالن جي صورت ۾ گسن تي وهي رهيون آهن، ان چيو ته هينئر به ڪو پيپلز پارٽي جو اڳواڻ ڪٿي خطاب ڪري ٿو ته اهو چوي ٿو ته اوهان تي شهيد ڀٽو جو قرض آهي جيڪو ووٽ ڏئي لاهڻو آهي، اها وڊيو جڏهن ان دوست سان گڏ منهنجي پٽ شاھ زيب به ڏٺي ۽ ٻڌي ته ان ٽهڪ ڏئي معصوم لهجي سان چيو ته بابا ڇا اسان واقعي شهيد ڀٽو جا قرضي آهيون ؟ ڇا ان اسان کي پئسا ڏنا هئا، جيڪي اسان نه ٿا لاهي سگھون،؟ ته دوست مزاق ۾ ان کي چيو ته پٽ پڻهين وڏو قرضي اٿئي ڀٽو صاحب جو، جيڪو ٻڌي مان چپ ٿي ويس ۽ ان سوال جو جواب نه ڏئي سگھيس ۽ ان کي اهو چيم ته پٽ پڙهي پئو ته ڀٽو صاحب جو قرض لهي ويندو ۽ اهوان کي سچ جي خبر پئجي ويندي، اياز لطيف پليجي صاحب جا چيل لفظ ڪيڏا نه کرا آهن ته شهيد ڀٽو جو قرض صرف اسان تي آهي جو قرض ۾ وتون ووٽ ڏيندا،! ۽ ووٽ وٺڻ وارن تي ڪو به قرض ناهي جو ووٽ وٺي پوءِ گم ٿي وڃن ٿا، اڳ ۾ اسان واقعي سوچيندا هئاسين ته پ پ پ کي ٽائم پورو ڪرڻ نه ڏنو اٿن جيڪو سبب آهي ڪم نه ٿيڻ جو، ترقياتي ڪم نه ٿيڻ جو، پر هينئر ته 10 سال لڳاتار سنڌ تي پ پ پ جي گورنمينٽ آهي ۽ ڪمن جي به عوام کي خبر پئجي وئي آهي، سياسي ۽ جمهوريت جو راڳ آلاپيندڙ پيپلز پارٽي جي دور حڪومت ۾ پيٽرول جا اگهھ آسمان سن ڳالهيون ڪندا هئا جن کي ن ليگ ڪنٽرول ڪيو، هينئر سنڌ ۾ پ پ ۽ پنجاب ۾ ن ليگ آهي پر سنڌ کان پنجاب ۾ ن ليگ جي ڪارڪردگي سٺي آهي،

سنڌ ۾ عوامي حڪومت هوندي عوام کي روز تذليل جو نشانو بڻايو پيو وڃي، ڇا اهو شهيد ڀٽو جو قرض آهي؟ آبادگارن کي ڪمند جا اگهھ بهتر ڏيڻ بجاءِ شگرملون بند آهن، آبادگارن تي وحشياڻو تشدد ڪندڙ ڪهڙو منهن کڻي آبادگارن کان ووٽ گھرندا، هينئر وقت آهي ٻه ٽي مهينا پ پ پ کي حڪومت ڪرڻ جا آهن، وري دور اليڪشن جو اچڻو آهي عوام ۾ به ڪافي تبديلي اچي چڪي آهي، پ پ پ جي اڳواڻن جي خطابن جو متن هميشه ساڳيو رهيو آهي ته اسان شهيد ڀٽو ۽ شهيد راڻي جي ويزن تي ڪم ڪري رهيا آهيون، شهيد ڀٽو هي ڪارنامون ڪيو،! شهيد راڻي هي اعلان ڪيو، پر خدارا توهان ڇا ڪيو!؟، توهان جي دور حڪومت جا ڪارناما ڪنهن ڪاري دور کان گھٽ نه آهن، توهان جو شايد قسم کنيل آهي سنڌ جي عوام کي هميشه پريشان رکيو وڃي ۽ هميشه سنڌ جي عوام کي شهيد ڀٽو جي قرض جي آڙ ۾ ووٽ وٺي پنهنجا گھر ڀرڻا آهن، سنڌ جي استادن کي ان پريشاني ۾ گم ڪيو ٿو وڃي ته هنن کي ٽن سالن جي ڪانٽريڪٽ جي آڙ ۾ ته هو ٻارن کي پڙهائڻ بجاءِ پنهنجي ڪانٽريڪٽ کي فوڪس ڪن ته ٽن سالن کان پوءِ وري هنن کي بيروزگار ٿيڻو آهي، ٻين ننڍن وڏن ملازمن کي پگھارن لاءِ رلايو ٿو وڃي ته هنن جي ٻئي ڪنهن پاسي سوچ نه وڃي ۽ وري وڃي هنن کي شهيد ڀٽو جو قرض ياد ڏياري ووٽ وٺجي، تاريخ ۾ ڪنهن به ملڪ ۾ يا رياست ۾ ڪٿي به آبادگارن سان ظلم نه ٿيندو آهي پر سنڌ ۾ آبادگارن تي سرڪاري مشنري ذريعي وحشياڻو تشدد ڪيو ويو، هي جيڪڏهن ڪنهن ٻئي ڌر جي حڪومت هجي ها ته پ پ اڳواڻ ڳوڙها ڳاڙيندا همدردي ڪن ها ۽ مظلوميت جو راڳ آلاپين ها، هينئر سنڌ ۾ پي ٽي آءِ سميت ٻيون سنڌ جون قومپرست جمائتون پنهنجون پاڙون کوڙڻ ۾ رڌل آهي ۽ ڪافي حد تائين ڪامياب وڃي رهيون آهن، سيد جلال محمود شاھ، سيد زين شاھ، پير سائين پاڳارو، لياقت جتوئي، سردار خالد احمد راڄپر، علي قاضي، رسول بخش پليجو، اياز لطيف پليجو، ڊاڪٽر مير عالم مري، صنعان خان قريشي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي اهڙا ٻيا به ڪافي جوڌا آهن جن کي سنڌ جو الڪو آهي، جيڪي سنڌ جي ترقيءَ ۾ نمايان ڪردار جا حامي آهن ۽ نوجوان طبقي جو لاڙو به پي ٽي آءِ سميت تبديلي پسند پارٽين طرف وڌي رهيو آهي، 2018ع ۾ جيڪڏهن اليڪشن ٿي ته سنڌ ۾ ڪافي علائقن ۾ پي ٽي آءِ سميت ٻيون جمائتون اچي سگھن ٿيون، ۽ ان جا ڪارڻ صرف اهي هوندا ته پ پ پ حڪمران جماعت هوندي سنڌ جي پٺ تي پيل علائقن کي بنيادي سهولتون ڏيڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگھي آهي ۽ روڊ کنڊر بڻجي ويا آهن، بيروزگاري ۾ اضافو ٿيو، تعليمي ادارا سڌارن بجاءِ پوئتي ٿي رهيا ويا آهن، ڳوٺن ۾ اسڪولن مان استاد غائب آهن، اسپتالن ۾ دوائون ۽ ڊاڪٽر اڻلڀ آهن، اهي سبب آهن جو پي ٽي آءِ  مضبوطي سان سنڌ ۾ داخل ٿي رهي آهي، ۽ نوجوان ترقياتي خوابن جي تعبير لاءِ پ پ پ بجاءِ ڪنهن به پارٽي کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار آهن ۽ اهو يقين رکن ٿا ته سنڌ جي ترقيءَ لاءِ سنڌ ۾ تبديلي ضروري آهي ۽ ان لاءِ قرض لاهڻ جي نه پر فرض نڀائڻ جي ضرورت آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ظرف جي ڳولا

ڊاڪٽر غفور  ميمڻ ننڍي هوندي پڙهندا هئاسين ته ظرف گرامر ۾ ٻوليءَ جو اهو لفظ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے