20 ہفتہ , جنوری 2018

علم ۽ ادب ۾ لائبريرين جي اهميت

منان چانڊيو

سال 2016ع ۽ 2017ع جي وچين رات، يعني 31 ڊسمبر ۽ پهرين جنوري تي، جڏهن وارهه شهر جا اڪثر ڪري نوجوان ۽ آسوده ماڻهو نئين سال جي آمد تي، غير ضرور ۽ پئسن جو زيان ڪري ڦل ڦٽاڪن جا ڌوڙيا لائي پنهنجي پر ۽ حساب سان سال 2017ع جي پهرئين ڏينهن جو اسقبال ڪري رهيا هئا. اتي وري ڪي نوجوان ۽ علم ادب سان چاهه رکندڙ انسان وارهه شهر سان تعلق رکندڙ، هارين ۽ پورهيتن جي يار قاضي غفار جي نالي سان منسوب لائبريري جو افتتاح ڪري رهيا هئا.

اڄ جڏهن پهرين جنوري 2018ع جو سج خير خوبي سان اڀري ڌرتيءَ کي روشن ڪري رهيو آهي، ته منهنجي لاءِ اهو سڀاڳو ڏينهن ٽن قسمن جي خوشين جا ڄڻ ته کرار کڻي آيو هجي. ڇو ته اهو سال جو پهريون ڏينهن آهي. ٻيو ته وارهه جهڙي شهر جتي ڀوتارن جي دقيانوسي سوچ ۽ انهن جي غلمن جي توبچين تي، ڇٽيو تر پٽ نه پوندڙ هجي. اتي سنڌي ادبي سنگت شاخ وارهه جي نوجوانن جي اڻٿڪ ڪوششن سان شهر واسين جي مالي ۽ اخلاقي سهڪار سان پنهنجي مدد پاڻ ڪريو، تحت لائبريري جي پهرين سالگره ملهائجي رهي هجي. ٽيون ته اها لائبريري منهنجي سياسي، ادبي، اخلاقي استاد ۽ محسن جي نالي سان وجود ۾ آئي هجي.

خير، پاڻ ڳالهه پئي ڪئي سون، وارهه شهر جي قاضي غفار لائبريريءَ جي ته، پڙهندڙن کي اهو معلوم ڪري تعجب ٿيندو ته شهر ۾ ڀوتارن، پوليس وارن ۽ انتظامي عملدارن جي تعاون ۽ آشيرواد سان جوئا، وياج، منشيات ۽ سماجي براين جي هلندڙ اڏن کان علاوه ڪڪڙن جي ميل، ڏاندن ۽ گڏهن جي گوءِ تي ڪي خفتي مڙس هزارين لکين رپين جون شرطون هارائيندا ۽ کٽندا رهن ٿا، پر شهر ۾ عام ماڻهن کي گهڙي پل جي سڪون لاءِ ڪو به پبلڪ پارڪ، ڪنهن گهاٽي وڻ جي ڇانو يا ٻئي ڪنهن هلڪي ڦلڪي تفريح جي لاءِ ڪابه جاءِ ڪانه ملندي. نه وري ڪو سرڪاري ڪتب خانو يا لائبريري جي سهولت مليل آهي. جتي نوجوان مطالعو ڪري پنهنجي علم ۽ عقل ۾ اضافو آڻي سگهن. مٿي ڄاڻايل سڀني منفي ڳالهين هوندي به جس هجي، سنڌي ادبي سنگت شاخ وارهه جي نوجوانن ۽ ساڃاهوند شهر واسين کي، جن وارهه جهڙي شهر ۾ هِتان هُتان چندو چاڙي ڪري هڪ بهترين لائبريري قائم ڪئي آهي، جنهن کي اڄ هڪ سال مڪمل ٿي چڪو آهي. هتي اهو به ٻڌائيندا هلون ته، جڏهن لائبريري جي قيام لاءِ نوجوانن ڪوششون پئي ڪيون، ته هڪ طرف انهن جي همٿ افزائي ٿي رهي هئي. ته ٻئي طرف ڪي حضرات نوجوانن جي مذاق اڏائي رهيا هئا.

ماشاءَ الله هن وقت لائبريريءَ ۾ عربي، فارسي، سرائيڪي سميت انگريزي، اردو ۽ سنڌي ادب سان لاڳاپيل تقريبن 1700 انمول ڪتابن جو ذخيرو موجود آهي. جن ۾ تاريخ، سياست، مذهب، سماجيات، اخلاقيات، شاعري، ناول، آتم ڪٿائون، سفرناما، شخصيت، طبي، ڪليات، جنرل ناليج ۽ سي. ايس. ايس جي ڪورس سميت مختلف قسمن جا ڪتاب موجود آهن. ان کان علاوه ڏهاڪو کن روزاني اخبارون جي اچڻ سان گڏوگڏ ماهواري مئگزين پڻ ايندا رهن ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ترقي پسند ادب جي پانڌيئڙي ”منو ڀائي“ جو وڇوڙو

سجاد  ظهير ترقي پسند فڪر جتي سياست ۾ سائنسي ۽ سماجي تبديلي آندي، اتي ادب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے