17 اڱارو , جولاءِ 2018

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار……

خير سان 2017 وارو سال به ايئن ئي پڄاڻي تي پهتو جيئن ان کان اڳ وارا سال. ان سال دوران دنيا اندر ڪيئي لاها چاڙها آيا، عالمي سطح تي ڪي تبديليون به رونما ٿيون پراڻا اتحاد ڊهيا، نوان اتحاد ٺهيا، دنيا جي لٺ سردار آمريڪا جي واڳ ٽرمپ جي هٿ هيٺ آئي، اسرائيل فلسطين واري تڪرار کي آمريڪا طرفان پنهنجو سفارتخانو تل ابيب کان يروشلم منتقل ڪرڻ جي ڪري نئون رخ مليو، سعودي عرب ۾ سڌارا نظر آيا، وچ اوڀر ايئن ئي بدامني جي باهه ۾ سڙندو رهيو جيئن اڳين سالن ۾ سڙندو رهيو آهي. يمن ۾ بارود جي باهه ٻريل رهي. افعانستان جو امن اڃا خواب بڻيل آهي، ۽ ننڍي کنڊ جي امن جي آس به پنهنجي جاءِ تي جيئن جو تيئن برقرار آهي.

سنڌ به دنيا خطي ۽ هن ملڪ سان سلهاڙيل آهي، سو سنڌ جا سور به ساڳيا رهيا، جيڪي گذريل سال يعني 2016 ۾ هئا. دنيا ترقيءَ جو منزلون طئي ڪندي وڃي الائي ڪٿي پهتي آهي پر سنڌ جي ماڻهوءَ لاءِ اڄ به پيئڻ جو صاف پاڻي مسئلو آهي، ٿر ۾ غذائيت جي کوٽ سبب معصوم موت جي منهن ۾ رهيا. 2010ع واري ٻوڏ جي تباهي  ۽ 2011ع وارين تباهي آڻيندڙ برساتن جامتاثر ٿيل نقصانن جي ازالي جو اوسيئڙي ۾ رهيا، سنڌ ۾ صحت ۽ تعليم جي سهولتن جو فقدان به پنهنجي جاءِ تي جيئن جو تيئن برقرار رهيو. سنڌ جا ماڻهو ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين هر هنڌ سندن چانئٺ تي تفريح جي سهولت موجود هئڻ جي آس ۾ ئي رهيا. سنڌ جو بنيادي ڍانچو اڃا به بحاليءَ جي اوسيئيڙي ۾ آهي.

خوشحال سنڌ کي جنهن فخر سان نئين سال ۾ نئين جوش ۽ جذبي سان داخل ٿيڻ گهرجي ها سو جوش ۽ جذبو ان صورت ۾ ماڻهن منجهه ٿي پئي سگهيو جڏهن سنڌ جا سور گهٽجن ها، مائن کان وڇڙيل يا زوري کڻي پنهنجن کان پري ڪيل، پنهنجن جي وچ ۾ موٽايا وڃن ها ته سنڌ اڄ نئين سال ۾ پير پائيندي شايد اڄ جيئن آهي ان کان مختلف هجي ها.

نئون سال مختلف قومن، ملڪن، حڪومتن، ادارن، تنظيمن ۽ فردن جي طرفان نئين عزم سان شروع ڪيو ويندو آهي، هر ڪو چاهيندو آهي ته نئين سال ۾ جيڪو سال گذري ويو تنهن کان ڪجهه نئون ڪري ڏيکاري، ڪو اهڙو ڪم ڪري، ڪو اهڙو ڪارنامو ڪري جو دنيا ۾ واهه واهه ٿي وڃي. ڇا نئين سال ۾ آمريڪا کان ويندي ننڍي کنڊ تائين دنيا جون قومون ۽ ملڪن جا حڪمران ”دنيا کي هٿيارن سان پاڪ“ ڪرڻ جو عزم نه ٿا ڪري سگهن، ان عزم سان دنيا تان بدامني ۽ جنگين جا خطرا ۽ ڪارا ڪڪر ٽري سگهن ٿا. هٿيار ملڪن کي هجن، قبيلن کي هجن يا فردن کي هجن، هٿيار امن نه پر ويڙهه، جهيڙي جهٽي ۽ بدامني جي علامت آهي، تباهيءَ جي علامت آهي. بدامني ۽ تباهيءَ جي عالم ۾ نه ته ڪو ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو، نه ته ڪو ماڻهو ترقي ڪري سگهي ٿو، نه ئي وري ڪو قبيلو ۽ ادارو ترقي ڪري سگهي ٿو.

دنيا جيڪي وسيلا ۽ اربين ڊالر هٿيارن جا انبار گڏ ڪري ملڪن ۽ قومن کي بارود جي ڍير تي بيهاري پاڻ کي محفوظ سمجهڻ جي غلطي تي قائم آهي تنهن کي اهو ادارڪ هئڻ گهرجي ته اهو بارود ۽ بارود جا ڍير جڏهن آتش فشان ٿي ڦاٽا ته پوءِ ڪير به محفوظ رهي نه سگهندو، ڀلي پوءِ اهو دنيا کي هٿيار فراهم ڪندڙ ۽ هٿيارن جي وڪري ذريعي پنهنجي معيشت ۽ دفاع کي محفوظ ڪندڙ ملڪ ئي ڇو نه هجي.

سنڌ جڏهن ننڍو کنڊ نه ورهايو تڏهن به امن جي داعي هئي، ۽ سنڌ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ امن جو پاند هٿ مان نه ڇڏايو آهي. سنڌ جي چئني ڏسائن ۾ ڀٽائي، سچل، سامي، قلندر يا جيڪي صوفين جون ننڍيون وڏيون درگاهون ۽ مئخانا آهن اتي صرف ڳنڍڻ جي ڳالهه ٿئي ٿي، ڇو ته سنڌي ڇنڻ مور نه سکيا واري راهه جا راهي آهن. سنڌ ۾ قلندر تي، حاجن شاهه ماڙي واري درگاهه تي، جيڪب آباد ۾ معصومن جي ماتم تي يا وري بلوچستان ۾ نوراني جي درگاهه تي جيڪي خودڪش حملا ٿيا آهن سنڌ جو پيغام ان جي ابتڙ آهي. فتني ۽ فساد کي مات ڏئي اڳتي وڌڻ سنڌ جو پيغام آهي. نفرتن جي سلا ساڙي محبت جو ٻج پوکڻ سنڌ جو پيغام آهي. دنيا کي بدامنيءَ کان، انتهاپسنديءَ کان، عدم برداشت کان جي ڇوٽڪارو ڏيارڻو آهي ته پوءِ سنڌ جي صوفين جي پيغام تي عمل ڪرڻو پوندو. دنيا جون اهي قومون جيڪي پنهنجي فوقيت ۽ برتري برقرار رکڻ لاءِ ٻين جي ملڪن ۾ کينس ڪن ٿيون، ڳجهيون لڙائيون شروع ڪن ٿيون، امن کي تيلي ڏئي بدامني جي باهه ٻارين ٿيون تن کي سمجهڻ گهرجي ته باهه جو تئه کين به ساڙي ڇڏي ٿو. امن جي راهه سان ئي دنيا کي اڳتي وٺي وڃي سگهجي ٿو. سنڌ اڄ به ڀٽائيءَ جي ان پيغام جي پير تي هلي ٿي ته:

سائينم سدائين ڪرين مٿي سڪار،

دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.

رڳو پاڻ نه پر پاڻ سان گڏ سڄي دنيا جي امن ۽ خوشحالي جي دعا واري رويي سان ئي دنيا کي هن خطي، ملڪ ۽ سنڌ کي بچائي سگهجي ٿو، اميد ڪجي ٿي ته سنڌ جا ماڻهو ڀٽائيءَ جي واٽ تي هلندي صرف حڪومتن جو آسرو ڪرڻ بدران پنهنجي مدد پاڻ جي جذبي تحت به جيڪو جتي آهي اتي پنهنجي ڳوٺ، تر، علائقي ۽ اوڙي پاڙي جي ڀلائيءَ لاءِ پتوڙڻ جو اڄ نئين سال ۾ عزم ڪندو، ڇو ته پنهنجي مدد پاڻ تحت نئين سنڌ اڏي سگهجي ٿي، اها سنڌ جيڪا ڪنهن جي محتاج نه هجي، اها سنڌ جيڪا ايڪي ۽ ٻڌي سان اڳتي وڌي ترقيءَ جون منزلون طئي ڪري، جتي جي ماڻهن کي نه ته پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جو ڪو مسئلو هجي، نه ئي صحت ۽ تعليم انهن جي پهچ کان پري هجي.

 سومر پهرين جنوري 2018ع، 13 ربيع الثاني1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

ووٽ کان انڪاري ووٽرن تي بااثر اميدوارن جو تشدد..

2018ع جي چونڊن جون سرگرميون سڄي ملڪ ۾ جاري آهن ۽ اتفاق اهو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے