25 سومر , جون 2018

سنڌ جو ايندڙ وڏو وزير اسان جو هوندو: فاروق ستار

ڪراچي (ويب  ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه فاروق ستار چيو آهي ته عام چونڊن ۾ پ پ کي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پوندو پر ائين نه ٿئي ته چونڊن کانپوءِ پ پ وارا به چون ته اسان کي ڇو ڪڍيو ويو؟ ناگن چورنگي تي تقريب کي خطاب ڪندي فاروق ستار چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ جو وڏو وزير اسان جو هوندو ۽ اهو به ڪراچي مان ڪچرو ختم ڪرڻ جي مهم شروع ڪندو، اسان ايندڙ 6 مهينن ۾ 6 لک ٽن ڪچرو کڻنداسين، ڇو ته اسان کي ڪراچي جي بنيادي ڪمن تي ڌيان ڏيڻو آهي. هن چيو ته اسان جو وڏو وزير اچڻ کانپوءِ پاڻي جي کوٽ به ختم ٿي ويندي، ڪراچي پاڪستان ٺاهيندڙ جو شهر آهي، وڏيرن ۽ سيڙپڪارن ملڪ کي نقصان پهچايو. سندس چوڻ هو ته ڪارڪنن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، 2018ع اسان لاءِ ڪاميابين جو سال هوندو، اسان وٺندڙ هٿن کي ڏيندڙ هٿ بڻائينداسين.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

The polling time should be kept from 7 to 7 nights till 8 o'clock: Fawad Chaudhary

پولنگ جو وقت صبح ست کان 7 کان رات 8 وڳي تائين رکيو وڃي: فواد چوڌري

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف پولنگ جو وقت صبح ست وڳي کان رات …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے