16 سومر , جولاءِ 2018

پاڪستاني حڪومت نئين سال عوام تي مهانگائيءَ جو بم ڪيرائي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني حڪومت نئين سال جي شروعات ۾ ئي پيٽروليم شين جو اگهه وڌائي عوام تي بم ڪيرائي ڇڏيو آهي. وزيراعظم جي ناڻي بابت صلاحڪار مفتاح اسماعيل چيو آهي ته ڊيزل جي قيمت 3 رپيا 96 پئسا في ليٽر وڌائي وئي آهي، جڏهن ته پيٽرول جي قيمت ۾ 4 رپيا 6 پئسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ به واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن جي نئين قيمت 89.91 رپيا في ليٽر هوندي. هن چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ به پيٽروليم شين جا اگهه وڌي رهيا آهن، ان باوجود پاڪستان ۾ ڀارت، بنگلاديش ۽ ترڪي جي ڀيٽ ۾ قيمت گهٽ آهي. مفتاح اسماعيل چيو ته وزيراعظم شاهد قاخان عباسي اوگرا جي سفارش تي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جي منظوري ڏني.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پ پ سنڌ جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي، ووٽ جي پرچي کي عام نه سمجهو: سراج الحق

غوثپور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پ پ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے