25 سومر , جون 2018

گڏيل قومن نئين سال تي امن جي اپيل بدران ريڊ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) گڏيل قومن نئين سال تي امن جي اپيل بدران ريڊ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب نئين سال تي پيغام ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل اينتونيو گوتريس چيو ته 2017ع جي شروعات تي امن جي اپيل ڪئي پر بدقسمتي سان امن جو عمل ابتو ٿي ويو تنهن ڪري 2018ع جي شروعات ۾ امن جي اپيل بدران سڄي دنيا لاءِ ريڊ الرٽ ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ قومپرستي ۽ پرڏيهين لاءِ نفرت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، عدم مساوات وڌي رهي آهي ۽ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ڪيون پيون وڃن. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته سرد جنگ کانپوءِ عالمي سطح تي ائٽمي هٿيارن جي خطرن ۾ اضافو ٿيو، تڪرار وڌي ويا ۽ نون خطرن جنم ورتو آهي، عالمي ماحولياتي تبديل اسان جي سوچ کان وڌيڪ تيز ٿي رهي آهي، اسان جي مستقبل جو دارومدار ٻڌيءَ جي رستي تي آهي. هن چيو ته عالمي اڳواڻ گڏيل مقصدن لاءِ عوام کي ويجهو آڻي اعتماد بحال ڪن ۽ نئين سال تي اختلاف وسارڻ جو عزم ڪن، مون کي پڪ آهي ته اسان گڏجي دنيا کي وڌيڪ  محفوظ بڻائي سگهون ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چونڊن جا فيصلا عدليه نه پر عوام کي ڪرڻا آهن: شاهد خاقان عباسي

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته چوڌري نثار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے