24 منگل , اپریل 2018

عدالتي نظام ۾ به خاميون آهن، سياست نه ٿيڻ گهرجي، دائري ۾ رهڻو پوندو: چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس  منصور علي خان چيو آهي ته تاثر آهي ته عدالتن ۾ ڪم نه ٿي رهيو آهي پر اهڙي ڳالهه ناهي، هلندڙ سال عدالتن ۾ 30 لک ڪيس داخل ٿيا، 21 لک ڪيسن جا فيصلا ڪيا ويا آهن جيڪا وڏي ڪاميابي آهي، اڃا به 12 لک ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن. لاهور جي جوڊيشل اڪيڊمي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ منصور علي شاهه چيو ته پنجاب جي آبادي 11 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي ۽ هتي 1731 جج آهن ۽ 62 هزار ماڻهن لاءِ هڪ جج آهي، جرمني ۾ 4 هزار ماڻهن لاءِ هڪ جج آهي، پنجاب ۾ 10 هزار جج هوندا ته عالمي معيار جو مقابلو ڪري سگهندا. هن چيو ته اسان جو جج 700 جي ٽارگيٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي، پنجاب ۾ جج ڏکيائين باوجود محنت سان ڪم ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته مڃون ٿا ته دل اداس هجي ته احتجاج جائز آهي،  هڙتالون نه ٿين ته 2 لک 40 هزار ڪيس ٻڌي سگهجن ٿا، عدالتن ۾ ڪئمرائون لڳائڻ تي ناراضگي جي ڪهڙي ڳالهه آهي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته سياست ٿي رهي آهي جيڪا نه ٿيڻ گهرجي، ججن جي بدلي جي ڳالهه ڇا ناراضگي واري آهي، احتساب پنهنجي گهر مان شروع ڪيو، ناراض ٻاهريان ماڻهو ٿي رهيا آهن. هن چيو ته اسان کي پنهنجي اختيارن جي دائري ۾ رهي هلڻ گهرجي، مڃون ٿا ته اسان جي نظام ۾ به غلطيون آهن پر ادارو ٺاهڻو آهي ته اي سي آر ايمانداري سان لکي وڃي. چيف جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ڪجهه ماڻهو حڪم مڙهي رهيا آهن، جج نوڪري ناهي پر الله تعاليٰ جو انعام آهي، سينئر سول جج کي تعلقن ۾ وڃڻو پوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مريد ڪي ۾ ٻن گروپن ۾ فائرنگ، 5 ڄڻا مارجي ويا

مريد ڪي(ويب ڊيسڪ) مريد ڪي ۾ ٻن گروپن ۾ فائرنگ سبب 5 ڄڻا مارجي ويا. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے