18 جمعرات , جنوری 2018

آصف علي زرداري اي پي سي جي فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي

لاهور( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري عوامي تحريڪ جي اي پي سي جي فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي.  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري اي پي سي جي فيصلن جي حمايت ڪندي چيو ته پ پ ماڊل ٽائون سانحي جي متاثرن سان گڏ بيٺل آهي، شهيدن جي وارثن کي انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ هر فورم تي آواز اٿاريندي رهندي.  آصف علي زرداري ماڊل ٽائون سانحي ۾ انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ آواز اٿارڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اي پي سي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي ۾ پ پ پنهنجو ڀرپور سياسي ڪردار ادا ڪندي. آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري چونڊ مهم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چئني صوبن ۾ چونڊ اميدوارن جو جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو. پنجاب ۾ چونڊن جي تياري ۽ اميدوارن جي ڳولا لاءِ اجلاس طلب ڪيا ويا آهن. آصف زرداري داتا درٻار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماڊل ٽائون سانحي پويان شريف ڀائرن جو هٿ آهي، راڻا ثناءُ الله ته صورت مان ئي قاتل لڳندو آهي: عمران خان

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته قصور ۾ ڪجهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے