23 آچر , سيپٽمبر 2018

دنيا جي مختلف ملڪن ۾ نئين سال جي آجيان جون تياريون مڪمل

ڪراچي / اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ نئين سال کي آجيان جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. امن، اميدن، خوشحالي جي اميدن ۽ نيڪ ارادن سان گڏ ڪيترن ئي ملڪن ۾ نئين سال جي آجيان جي تياري ڀرپور انداز ۾ ڪئي پئي وڃي. دنيا ۾ سڀ کان پهرين نئين سال جو جشن نيوزيلينڊ ۾ ملهايو ويندو جتي پاڪستاني وقت موجب شام 4 وڳي آڪلينڊ جي اسڪاءِ ٽاور تي ڀرپور آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويندو جڏهن ته نئين سال جي شروعات لاءِ ڪائونٽ ڊائون به ٿيندو. نيويارڪ جي ٽائمز اسڪوائر تي نئين سال جو جشن ملهائڻ لاءِ 12 هزار پائونڊ وزني رنگ برنگي روشنين سان سجايل بال کي 130 فوٽ مٿي پول تي پهچايو ويو جتان 12 ٿيندي ئي بال کي روشن ڪيو ويندو، ٿڌي موسم ۾ نيوياڪ ۾ 10 لک کان وڌيڪ ماڻهن جي آمد جو امڪان آهي.  دبئي جي برج خليفا تي به نئين سال جي جشن لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن جتي هزارين سياح ۽ مقامي ماڻهو آتشبازي جو مظاهرو ڏسندا. ٻين ملڪن ۾ به گهڙي جي سوئي سان گڏ ديوانن جون ڌڙڪنون تيز ٿيڻ لڳيون آهن ۽ سياحن جو وڏو انگ برازيل پهچڻ شروع ٿي ويو آهي.  برطانيا ۾ نئين سال جي جشن کان اڳ اهم هنڌن تي سڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي، لنڊن آءِ تي آتشبازي جو نظارو ڪندڙن کي سڪيورٽي مان گذرڻو پوندو. جرمني سميت يورپ جي مختلف ملڪن ۾ سج لهندي ئي ڪنسٽرٽ ٿيندا ۽ آتشبازي ڪئي ويندي.  روس ۾ شهرين نئين سال جي آجيان لاءِ مشهور بيڪل ڍنڍ ۾ پاڻي اندر پاڙتي ملهائي ۽ هڪ ٻي جي هٿن ۾ هٿ وجهي وڻ جي صورت بڻائڻ جيڪوشش ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پروٽوڪول خلاف شهري جو احتجاج: صدر پاڪستان ڪيس کي کل جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) صدر پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي پروٽوڪول خلاف احتجاج ڪندڙ شهري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے