24 سومر , سيپٽمبر 2018

نواز شريف جو سياسي مستقبل اونداهو ٿي چڪو آهي: ياسمين راشد

لاهور( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر ياسمين راشد چيو آهي ته حڪمران ملڪ کي نقصان پهچائڻ لاءِ ڪو به موقعو هٿان نه ٿا وڃائڻ ڏين، نواز شريف سڳ سميت پڪڙيو ويو آهي، هاڻي سندس سياسي مستقبل اونداهو ٿي چڪو آهي. هڪ بيان ۾ ڊاڪٽر ياسمين راشد چيو ته ادارن کي مضبوط بڻائڻ بدران ڪمزور ڪيو پيو وڃي، غريب ماڻهن جي خدمت ڪرڻ بدران پنهنجون تجوريون ڀريون پيون وڃن، ملڪ جي حڪمرانن ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ملڪ کي چئلينجن جا ذميوار موجوده حڪمران آهن، ڀارت سان دوستي وڌائيندڙ نواز شريف ملڪي سلامتي داءُ تي لڳائي ڇڏي آهي. ڊاڪٽر ياسمين راشد چيو ته ڀارتي ايجنٽ بار بار چئي رهيو آهي ته مان دهشتگرد آهيان ۽ پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جون ڪارروايون ڪيون آهن پر نواز شريف اڄ تائين ڀارتي ايجنٽ جو نالو به نه کنيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے