20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز: شهرين کي نئين سال تي سي ويو وڃڻ کان نه روڪيو وڃي:وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو ۽ شهر ۾ جاري ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪينٽ اسٽيشن تي روڊ جي تعمير جو جائزو ورتو، صفوران چورنگي تي ٺهندڙ روڊ ۽ چورنگي جو معائنو ڪيو ۽ ڊرگ روڊ پل جو جائزو به ورتو.

 صدر ۾ گند جا ڍير ڏسي وڏي وزير سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، ان کان علاوه انتظاميا کان صدر موبائل مارڪيٽ جي ٻاهران پيل ڪچرو نه کڻڻ تي پڇاڻو ڪيو.

ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڳالهائيندي چيو ته شهرين کي نئين سال تي سي ويو وڃڻ کان نه روڪيو وڃي، ڪراچي شهر جا رهواسي ذميوار شهري آهن ۽ اهي مسئلا پيدا نه ڪندا.

ٻئي پاسي مڪاني ادارن وارو وزير ڄام خان شورو، ڊي آءِ جي سائوٿ ۽ ڪمشنر ڪراچي به وڏي وزير سان ساڻس گڏ هئا………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

BhitShah

نيوز | ڀٽ شاهه: ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا ڏيڻ جو سلسلو جاري، سڪيورٽي جا سخت انتظام

ڀٽ شاھ ۾ نائين محرم جي موقعي تي مختلف هنڌن تي واڪ ٿرو گيٽ لڳائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے